خود پرست ۽ سنڌ

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصورنثار طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2014۔

  1. منصورنثار

    منصورنثار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جون 2012
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    خود پرست ۽ سنڌ
    منصور نثار ٻرڙو
    سنڌ جي مسڪين ماروئڙن کي ڦُرڻ کان پوءِ مارڻ جو سلسلو هاڻي ايترو ته زور وٺي ويو آهي جو اڃا به ڪجهه نه ڪيوسين ۽ هميشه وانگر بس بيانن،مذمتن تائين محدود ئي رهياسين ته پوءِ پنهنجن ”وڏڙن“ جا پاليل مانگر مڇ گهرن ۾ گهڙي ڌرتي ڄاون کي ڳڙڪائي ويندا،هونئن ته اسان سنڌين جا وسيلا، روزگار، ناڻو، تعليم ته محفوظ نه رهيا آهن پر جيئڻ جي سگهه به کسي هاڻي اسان کي زندهه لاش بڻايو پيو وڃي جنهن لاءِ هڪ طرف ته اسان جي قومپرستن کي خريد ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي وري اسان جي وفاق پرستن کي هڪ ”گڏڙو“ بڻائي اسان مٿان انهن کي سوار ڪيو ويو آهي جنهن ڪري اڄ اسان کي روز رت جا ڳوڙها وهائڻا پون ٿا، ڇو ته سنڌ جا جوڌا ماريا پيا وڃن ۽ ناڻين کي گولين سان پروڻ ڪيو پيو وڃي ته” نه گُهرو نه گُهرو پنهنجا حق“ ”جئيو جيئو پر هڪ مردهه وانگر جيئو“ جي ائين نه ڪيو ته نه رهندا هي سنڌي نه وري ڪا ڳالهه ٿيندي حقن جي، مطلب ائين کڻي چئجي ته ”نا رهي گا باس نا بجي گي بانسري“ پر اهڙي صورتحال باوجود پاڻ سڀ گڏ ٿيڻ بدران سدائين هڪ ٻئي جا ئي پير ڪڍڻ ۾ پورا رهيا آهيون ڇو ته پاڻ حق وٺڻ ته سکيا ناهيون ماروئڙن جا، صرف پنهنجي ئي پيٽ جي پوڄا ڪرڻي آهي پوءِ ڀلي قوم بک، بدحالي ۽ ذلتن واري زندگي گهاري ان سان ڇا وڃي ليڊرن (خودپرستن) جو،هو بس ان ڳالهه تي عمل ڪري رهيا آهن ته ” عيسيٰ پير نه موسيٰ پير سب سي بڙا هي پيسا پير“،ان ڪري ئي ته اڄ اسان خوشحال سنڌ جا وارث سنڌي هڪ اهڙي زندگي گذاري رهيا آهيون جيئن ”بغير ڌنار جي ڌڻ“.
    سنڌ جي تباهي ته وڏي ٿي چڪي آهي پر ڪئين ٿي آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪئين پئي وڃي ان جو مختصر جائزو به وٺڻ گهرجي، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پهريان پنهنجي سنڌ تي زوري راڄ ڪندڙ پارٽين تي هڪ نظر وجهون، سنڌ ۾هڪڙيون پارٽيون اهي آهن جيڪي وفاق پرست ۽ ٻيون وري قومپرست ته ٽيون قومن جون حامي، چوٿيون کاٻي ڌر ۽ پنجون پارٽيون جن کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو،ڪهڙيون پارٽيون ڪئين، ڪڏهن وجود ۾ آيون انهن هن وقت تائين ڇاڇا ڪيو آهي اهي ”ڪمال“ هيٺين ريت آهن.
    قوم پرست تنظيمون :
    بزمِ صوفيه جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد جو مقصد هو ته انتها پسندي خلاف آواز اٿارجي، ان تنظيم جو چيئرمين سائين جي ايم سيد ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ هئا،بزم صوفيه انتها پسندي خلاف ڪهڙو ڪم ڪيو اهو سڀني ان دور جي ماڻهن ۽ هاڻوڪن ڏاهن کي سڄي خبر آهي پر ان تنظيم کي ان وقت وڏو ڌڪ رسيو جڏهن رسول بخش پليجو عليحدگي اختيار ڪئي پوءِ ٿي ويو قصو ڪوتاهه،،،،،،،،بزمِ صوفيه کان پوءِ وري پهروين ڀيرو سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد قوم پرسر سياست جي شروعات جيئي سنڌ متحده محاذ جو بنياد رکي ڪئي جنهن جو مقصد سنڌ ۾ جديد قوم پرستي جو ٻج ڇٽڻ ۽ آجپي وارو لاڀ حاصل ڪرڻ هو پر ان کي پاڻ ئي ختم ڪري وري سائين جي ايم جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو جنهن جو ڪم ان وقت لهي ويو جڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي دنياوي زندگي کي الوداع ڪري ويو پر سائينءَ جو فڪر ۽ جديد قوم پرستي جو ٻج ڇٽڻ ۽ آجپي وارو لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جوان ميدان تي لٿل آهن.سائين جي ايم سيد کان پوءِ قوم پرستي ۾ سنڌ جي سڀ کان وڏي جماعت جيئي سنڌ قومي محاذ آهي جيڪا الائي ته ڪيترن ڌڙن جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي جسقم جو هڪ ڌڙو اهو آهي جنهن کي (بشير قريشي) سان سڃاتو وڃي ٿو ٻيو اهو ڌڙو آهي جنهن کي (آريسر) چيو وڃي ٿو، جسقم جي چيئرمين بشير قريشي جي شهادت کان پوءِ هن وقت پارٽي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ هلي رهي آهي جيڪا به شايد هاڻ گهڻو وقت مضبوط نه رهي سگهي جڏهن ته جسقم جو ٻيو ڌڙو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن اليڪشن مطلب پارٽي ۾ چيئرمني جو چڪر شروع ٿيو جنهن تان عبدالواحد آريسر ساڳئي نالي سان وڃي الڳ پنهنجي ڏيڍ سري مسجد ٺاهي ان کان علاوه جسقم مان جئيي سنڌ تحريڪ جو پڻ جنم ٿيو جنهن جو سبب به چيئرمني ئي چيو وڃي ٿو جنهن لاءِ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جست جو بنياد رکي عبدالواحد آريسر جيئان الڳ پارٽي ٺاهي چيئرمين بڻجي ويهي رهيو آهي مطلب جئيي سنڌ قومي محاذ ٽي ٽڪرا ٿي ڪم ڪري رهي آهي، پرڳالهه اتي ئي دنگ نٿي ڪري جئيي سنڌ محاذ جا به ڏهاڪو کن ڌڙا آهن جنهن ۾ عبدالخالق جوڻيجو، سرور سهتو،شفيع ڪرناڻي (جيڪو هاڻي ايس يو پي ۾ آهي)، رياض چانڊيو ۽ ٻيا به مٿين وانگر چيئرمني جي چڪرن پئجي ڌار ڌار ڏيڍ سري مسجد جا پيش امام ٿيو ويٺا آهن ان کان علاوهه ته انهن ننڍن ننڍن ڌڙن مان به ڌڙن جنم ورتو آهي جنهن ۾ تازو الاهي بخش چاچڙ جيڪو رياض چانڊيي کان ٽٽي جيئي سنڌ قومي تحريڪ جو چيئرمين بڻيو آهي پر اڃا اهڙو ڌرو هڪ ٻيو به آهي جنهن کي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جو وري چيئر مين قمر ڀٽي آهي جڏهن ته هڪ قومپرست ٻي به آهي جنهن کي قومي تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ شهادتون نصيب ٿيون آهن جنهن جو نالو جيئي سنڌ متحده محاذ آهي ان جو چئيرمين شفيع محمد برفت جيڪو پهريان جيئي سنڌ انقلابي پارٽي جو سربراهه هو جنهن کي هن ختم ڪري جسمم جو بنياد وڌو هن ٻئي ڌڙا سيد جي حياتي ۽ لاڏاڻي کان پوءِ رکيا پر ڌڙن جو سلسلو کٽڻو ئي ناهي، ٿي سگهي ٿو مون کان ڪجهه پارٽين ۽ چيئرمينن جا نالا رهجي به ويا هجن پر انهن جا ”چيئرمينڙا“ ناراض نه ٿين ايندڙ وقت ۾ انهن کي به پنهنجي لکڻي ۾ شامل ڪندس.
    قومن جون حامي تنظيمون:
    قوم پرست لفظ کان چڙ کائيندڙ مطلب قومن جوحامي سڏائيندڙ جٿا پاڻ وٽ 2 آهن جن ۾ سرفهرست عوامي تحريڪ جنهن جو بنياد رسول بخش پليجو رکيو هو جيڪو بزم صوفيه کان ڌار ٿيڻ بعد نيشنل عوامي پارٽي ۾ ويو هو ۽ بعد ۾ پنهنجي چئيرمني لاءِ عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو ان پارٽي ۾ ڌڙن جو چڪر وري ان وقت شروع ٿيو جڏهن پراڻن ۽ خاص طور تربيت يافته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ايجنسين ۽ ايم ڪيو ايم جو ايجنٽ قرار ڏئي پارٽي مان انهن کي ڌڪاري صدارت جي ڪرسي استاد جي پٽ اياز لطيف حوالي ڪئي وئي جنهن کان پو ءِ وري عوامي تحريڪ مان ڪڍيل ۽ پاڻ ڇڏي ويل ڪارڪنن عوامي جمهوري پارٽي جو بنياد رکيو آهي.جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پڻ قومن جي حامي سڏرائڻ وارو اعزاز رکي ٿي ان پارٽي جي قيادت ڊاڪٽر قادر مگسي ڪري رهيو آهي، ايس ٽي پي کي ان وقت وڏو ڌچڪو لڳو جڏهن قادر مگسي ۽ نواز شريف ۾ملاقات ٿي جنهن تي اختلاف واريندي مرڪزي اڳواڻ علي حسن چانڊيو پنهنجي چيئرميني ۾ سنڌ نيشنل موومينٽ نالي پارٽي کولي ان کان علاوه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جيڪا پڻ قومن جي حامي هجڻ جي حام هڻي رهي ان جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه جيڪو سن واري سيد ڪٽنب سان واسطو پڻ رکي ٿو، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي مان ٻن ڌڙن ٺهڻ کان پوءِ ايس يو پي کي به ايندر وقت ۾ ڪو ڌچڪو لڳي سگهي ٿو، پر هڪ ٻي ڳالهه جيڪا ٿيڻ واري آهي اها انهن پارٽين لاءِ تبديلي کڻي چئجي ته اهي هاڻي قومن جي حامين مان وفاق واري سياست ۾ پير پائي وفاق پرست سڏرائيندا.
    وفاق پرست:
    وفاق پرستن تي مختصر نظر وجهنداسين ڇو ته پاڪستان ٺهن کان وٺي جيڪي به سنڌ ۽ سنڌين سان ظلم ٿيا آهن انهن سڀني جا ذميوار وفاق پرست آهن اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته وفاق پرستن سنڌ ۽ سنڌين کي ڪهڙو وري فائدو ڏنو آهي؟ سنڌ مان وفاق جي سياست پاڪستان پپيلز پارٽي، پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)، مسلم ليگ (ن،ق،ف)، تحريڪ انصاف، اين پي پي سميت مختلف گروپ مهر، چانڊيا، جتوئي، ڪماريا، ڌاريجا، ارباب ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن اهي سمورا ٽولا وڏيرن، ڀوتارن، ميرن، پيرن تي ٻڌل آهن جن هميشه پنهنجا پيٽ ڀريا آهن، ڪڏهن سنڌ ٻوڙائي ته ڪڏهن وري ماڻهو مارائي،،،، مٿي ڄاڻايل پارٽين جا ماڻهو ڍنڍ جي پکي وانگر هوندا آهن ڪڏهن ڪهڙي ڪناري ته ڪڏهن وري ڪهڙي ڪنڊ ۾... جنهن ڪري اهي وفاق پرست پارٽيون به هميشه ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيون آهن.
    اسلام پرست:
    سنڌ ۾ اسلام پرستي تحت به وڏي راند کيڏي پئي وڃي اسلام پرستن ۾ جماعت اسلامي ، جمعيت علماءِ اسلام، سپاهه صاحبه، جماعت الدعوت، سني تحريڪ، شيعا ڪائونسل ۽ ٻيون مذهبي تنظيمون شامل آهن جن سنڌ کي انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اسلام جي نالي تي سنڌ جي ڀينگ ڪري رهيا آهن.
    حق پرست/مهاجر پرست:
    حق پرست ٽولو مهاجرن لاءِ ئي حق پرست آهي پر سنڌين لاءِ دهشتگر ٽولو قرار ڏنو ويو آهي، حق پرست جو لقب متحده قومي موومينٽ کي حاصل آهي جنهن جو دهشتگردي جي الزامن کان اڳ مهاجر قومي موومينٽ نالو هو، پر نالي مٽائڻ سان رنگ نسل ۽ ڪارروايون اڃا ناهن مٽجي سگهيون جنهن جو ثبوت اهو پڻ آهي ته ويب تي اڃا به سندس آئين منشور ۾ متحده بدران مهاجر قومي موومينٽ لکيل آهي. ۽ ذيلي تنظيم شاگرد ونگ اي پي ايم ايس او مطلب آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن نالو برقرار آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هيءَ تنظيم سنڌ سان ڪيتري سچي آهي؟ تازو ان تنظيم خلاف سنڌي جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ تي ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو کان وزارت به کسجي وئي آهي ۽ ان ٽولي جي سازشن تحت ئي ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن جي تعليم تي بندش ملطب داخلا تي پابندي لڳي چڪي آهي. بندرگاهن تي قبضا ٿي چڪا آهن، ايتري تائين جو سنڌ ورهائي مهاجر صوبي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ذميوار مهاجر قومي موومينٽ (آفاق) واري تنظيم به آهي. جيڪي به ڪڏهن سنڌ جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن ان باوجود پاڻ وارا قوم پرست مٿين ٻنهي ڌرين جي ڪڇ ۾ ويهي کيڏڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مٿين سمورين جماعتن تي نظر وجهڻ کان پوءِ نتيجو سامهون آيو آهي ته يا انهن کي چيئرمين گهرجي يا وري صرف پنهنجو پيٽ ڀرڻ گهرجي يا وري ائين چئجي ته هو ”خود پرست“ آهن ۽ اسان واري قوم وري ”شخصيت پرست“ پوءِ ڇا ٿيندو پنهنجي سنڌ جو، ڇا اڃا به روز جيئنداسن روز مرنداسين ؟؟؟؟ ڇا موجودهه قيادت اسان کي حق وٺي ڏيندي؟؟؟؟ جيڪا صرف ميڊيا ۾ زنده آهي مطلب رڳو بيانن تي زور هجي،، وڏي ڳالهه اها ته جن پارٽين کي پنهنجي پڌرائي به صحيح سنڌي ٻولي ۾ لکڻ نه اچي پوءِ به قيادت سڏرائي انهن کي ته ٻڏي مرڻ گهرجي ۽ بجاءِ پڌرائي شايع يا نشر ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهڻ جي پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي، مٿين سمورن خود پرست پارٽين جي هن وقت تائين قيادت جو جيڪڏهن رياضي ۾ نتيجو ڪڍنداسين ته سنڌ جون وارث سڏرائيندڙ تقريبن ويهه تنظيمون 20 برابر ٻڙي ۽ سنڌ دشمن ٻه تنظيمون 2 برابر 12 نظر اينديون جيڪو فارمولو سنڌ جي سڄڻ ڌرين لاءِ هڪ سبق پڻ آهي ڇو ته هتي انهن ٻن تنظيمن کان علاوه اي اين پي سميت مختلف ڌريون ۽ تنطيمون پنهنجو پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيون آهن.
    سچ وڏو ڪڙو هوندو آهي پر هن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي آهي ان لاءِ سڀ کان پهريان ضروري آهي ته اسان سنڌ ۽ سنڌ جي خاص طور قوم پرستن ۽ وفاق طرف ويندڙ قومن جي حامين کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو ۽ ڪو نئون اهڙو اتحاد جوڙڻ گهرجي جيڪو هرسڏ ۾ سڏ ڏي ته سموريون پارٽيون ڌڙا نه پر سنڌ جي هڪ جماعت طور سامهون اچن جيڪڏهن ايئن نه ڪيوسين ته پوءِ جيئن مون زندگي جا 23 سال روز جيئڻ ۽ مرڻ وارا گذاريا آهن تيئن اسان جو نئون نسل به بدتر اذيتن ۾ زندگي گهاريندو ۽ هميشه شهيد مظفر ڀٽي، سميع الله ڪلهوڙي، مير مرتضيٰ، بشير قريشي، سرائي قربان، روپلي چولياڻي، نورالله تنيي، غزالا، شبير بليدي جي روپ ۾ اسان لاش کڻندا رهنداسين وڌيڪ هاڻي فيصلو قوم تي آهي خاص طور سنڌي نوجوانن کي تعليم طرف ئي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ انهن جي حق لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو. ۽ جديد دور جي گهرجن موجب اسان کي سڀ کان پهرين سوشل ميڊيا تي مهم سان گڏ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي پاڻ ۾ رابطن کي تيز ڪرڻو پوندو، سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۾ جيڪو به ملوث هجي ان کي وائکو ڪرڻو پوندو، سڀ کان اهم ڳالهه ته ڪراچي ۾ اڃا وڌيڪ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌي نوجوانن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي..
    عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو تفصيلي مضمون پڙهيو .... تمام سٺو لکيو اٿو

    سنڌي ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ اسان هاڻ اتي بيٺا آهيون جتي ڪوبه سنڌي عوام لاء سياست ڪونه ٿو ڪري ....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو