لهو لهو لياري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    لهو لهو لياري
    اعجاز منگي
    اهو اربع جو هڪ عام ڏينهن هو. جنهن ڏينهن جهٽ پٽ مارڪيٽ پنهنجي مڪمل رش سان روان دوان هو. ان وقت علائقي ۾ ايتري ڪشيدگي به نه هئي جو ماڻهو گهٻرايل هجن پر جيئن اچانڪ هوائي حملو ٿي ويندو آهي، تيئن لياريءَ واسين جي مٿان هينڊ گرنيڊ وسڻ لڳا ۽ جان بچائڻ جي لاءِ ڀڄندڙ ماڻهن جي دانهن ڪوڪن ۾ گوليون هلڻ لڳيون. جڏهن اها اڪثر دڪان بند ٿي ويا. گهڻا ماڻهو گهرن طرف ڀڄي نڪتا. تڏهن ايمبولنسون، پوليس موبائيلون ۽ ميڊيا جون ڊي ايس اينجيز پهتيون ۽ شام تائين پندرنهن انسانن جي لاشن جون تصويرون ميڊيا وٽ محفوظ ٿي چڪيون هيون. انهن ۾ معصوم ٻار، پرديدار عورتون ۽ پرامن ماڻهن جي اڪثريت هئي ۽ رات جو دير سان هراسيل ماحول ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کان پيڪيج ٿيل فون نمبرن تي پڇا ڪرڻ لڳا ته ”اها ڪنهن جي ڪارروائي هئي؟“
    هڪڙن جو سڌو سنئون شڪ بابا لاڊلا نالي ان انڊرورلڊ ڊان تي هو، جنهن جي مائٽن کي ٻه ڏينهن اڳ مواڇ ڳوٺ مان اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو ۽ ٻيا سوچي رهيا هئا ته ڪٿي اهو حملو ان عزير بلوچ جي ڇوڪرن جي ڪارروائي نه هجي، جيڪو هن وقت لياريءَ ۾ ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ناهي!!
    ڪجهه به هجي پر هن وقت ”لياري“ لهو لهو آهي ۽ اها ڪراچيءَ جي ماءُ ڪهڙي وسندي اقتداري ايوانن کان وٺي قانون نافذ ڪندڙ ادارن تائين هر ڪنهن کان صرف اهو پڇي ٿي ”مان پنهنجو خون ڪنهن جي هٿن مٿي تلاش ڪريان؟ سموري شهر پائي ڇڏيا هن دستانا“ هر متحرڪ هٿ مٿان ڪو نه ڪو دستانو آهي. ڪنهن هٿ تي حڪومت جو ته ڪنهن هٿ تي سياست جو، ڪنهن هٿ تي قانون جو ته ڪنهن هٿ تي ڊرگ مافيا جو دستانو پهريل آهي ئي آهي! هر ڌر ڪنهن نه ڪنهن جي ٽيڪ تي هلي ٿي پر ٽي ٽي پستول کان وٺي راڪيٽ لانچر تائين ڏوهن جا ترقي ڪيل اوزار لياريءَ جي انهن معصوم ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن، جن جو ڏوهه صرف ايترو آهي ته هو لياريءَ مان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن. هو برطانيا، ايران ۽ دبئي ته ڇا پر پنهنجن ٻچڙن کي هن شهر جي انهن ماڳن تي به منتقل ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي مجموعي طور تي هن غيرمحفوظ شهر اندر لياريءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا تحفظ وارا سمجهيا وڃن ٿا.
    اها لياري جيڪا ڪڏهن تمام گهڻي محفوظ سمجهي ويندي هئي ۽ غربت جي باوجود اها وسندي اهڙي شهر جو منظر پيش ڪندي هئي، جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته City never sleeps يعني شهر ڪڏهن به نه سمهندو آهي. شهر ته اڃان تائين جاڳي ٿو پر اهي انسان هاڻي ڪڏهن به اٿي نه سگهندا، جيڪي گوليون کائي موت جي آغوش ۾ هليا ويا. ان لياريءَ ۾ جمهوري، عوامي ۽ انقلابي سياست ڏوهن جي دائري ۾ ڪيئن داخل ٿي؟ ان سوال جو جواب ميڊيا ته منڍ کان وٺي ڏيندي رهي آهي پر ان حقيقت جو حق جهڙي ريت ادب ادا ڪري سگهي ٿو، تيئن هر ڏينهن ترقيءَ جون نيون منزلون ماڻيندڙ ميڊيا ادا ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته لياريءَ کي ڪراچيءَ جي جرم واري جهنم جو سڀ کان وڌيڪ ساڙيندڙ حصو بڻائڻ واري سياست ته اڄ به محفوظ آهي پر جيڪي ڪردار ان سياست جي سگهه بڻيا، اهي هاڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن دنيا مان وڃي چڪا آهن. چوندا آهن ته جڏهن سياسي پارٽين جا سربراهه مري ويندا آهن ته پارٽين جا پرچم انهن جا ڪفن بڻجي ويندا آهن پر ڏوهن جي دنيا جو انداز مختلف هوندو آهي. هتي ڪنهن ڏوهاري گينگ جو سربراهه ختم ٿي وڃي ته ان جي قيادت لاءِ ڪيترا ئي نوان نالا منظرعام ٿي اچي ويندا آهن. ان ڪري لياريءَ جي گينگ وار واري حوالي سان ميڊيا ۾ مشهور ٿيندڙ رحمان ڊڪيت ۽ ارشد پپو کان پوءِ ته هن وسنديءَ ۾ امن ٿي وڃڻ کپندو هو پر جتي امن جهڙو املهه لفظ هڪ ”ڪميٽيءَ“ ۾ قيد هجي ۽ جتي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ هر ڏينهن ڀتو وٺندڙ ڌرين ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهي، اتي امن قائم ڪيئن ٿيندو؟
    اها ”امن ڪميٽي“ جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي پوئين حڪومت ۽ ذوالفقار مرزا جي هوم منسٽريءَ دوران ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ٻوڏ وانگر ايم ڪيو ايم کي به لوڙهيندي وڃي رهي هئي، اڄ ان ”امن ڪميٽيءَ“ جي اها حيثيت ناهي ۽ لياريءَ کي پيپلز پارٽيءَ جو قلعو قرار ڏيندڙ حڪومتي دور ۾ به جڏهن لياريءَ واسي ڪڏهن لاڙ ۾ ته ڪڏهن شهر جي ٻين علائقن ۾ لڏپلاڻ لاءِ مجبور هجن ته اهڙي حالت ۾ هڪ نوجوان امن جي علامت ٿيڻ بدران بدامنيءَ جي صورت اختيار ڪرڻ ڇو نه چاهيندو؟ هاڻي لياريءَ ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. بدامني گراس روٽس تائين ڦهلجي رهي آهي ۽ جن نوجوانن کي نعرن هڻڻ بدران انهن کي هٿن ۾ پستول ڏئي انهن کي گوليون هڻڻ جي سکيا ڏني وئي ۽ انهن جي معرفت هر ڏينهن ڪروڙ ڏيڍ جو ڀتو وٺي لياريءَ ۾ بدامنيءَ کي پگهارن واري هڪ اداري طور تي هلايو وڃي ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن دٻاءَ سبب ان ڇوڪرن مان هٿ ڪڍي انهن کي چيو وڃي ته في الحال وقت جي نزاڪت سبب پنهنجيون ٻاهون پوليس حوالي ڪريو ته اهڙي هدايت نما حڪم کي ٿڏي پنهنجي ور ۾ وڌل پستول کي پنهنجي تحفظ ۽ ڪمائيءَ جو وسيلو سمجهندڙ نوجوانن کي ڪنٽرول ڪئين ڪري سگهبو؟
    اهو سوال سڀ کان وڌيڪ ان سرڪار کان پڇيو ويندو، جيڪا ٿر وارن کي خوارڪ ۽ زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون مهيا نه ڪري سگهڻ جو جواز بيان ڪندي اهو موقف اختيار ڪري ٿي ته ٿر ۾ روڊ رستا ناهن ۽ حڪومت وٽ ايترا وسيلا به ناهن جو اها پوري ٿر کي پالي سگهي پر ان سرڪار کان جڏهن اهو پچيو وڃي ٿو ته ”ٿر جي آبادي پندرنهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اوهان انهن کي پاڻي، ماني ۽ دوائون فراهم ڪري نه ٿا سگهو. ڇو ته اهو اوهان جي مرڪز کان دور به آهي پر اهو لياري جنهن جي آبادي به ڪل پندرنهن لک کن آهي، اتي اوهان ماڻهن کي صرف امن ڏئي نه ٿا سگهو! ڇو؟“ ڇو ته لياريءَ ۾ ٿوري گهڻي حڪومت هر قانون شڪن گروهه جي ته آهي ئي آهي پر قانون جي حڪمراني هتي هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن تي وڏو ٽهڪ نه ته به تلخ مسڪراهٽ ضرور نمودار ٿئي ٿي. جتي ڪنهن گينگ جي پويان قانون جو هڪڙو حصو ۽ ڪنهن مافيا پويان سياست جو ٻيو حصو ۽ ٽين ڪمپنيءَ پٺيان احساسن کان عاري پر پوءِ به پاڻ کي حساس ادارو سڏرائڻ واري ڌر جو آشيروادي هٿ هجي، اتي جيڪڏهن آپريشن ٿيندو به ته اهو چونڊ وارو آپريشن ئي هوندو!
    ان سچائيءَ جي سڻس صرف ڪراچيءَ جي سينئر پوليس آفيسرن کي ئي نه پر ميڊيا ۾ ويٺل انهن سمورن رپورٽرن کي به آهي، جيڪي پريس ڪلب يا آفيس ۾ ويهي لياريءَ جي صورتحال تي ايئن ڳالهائيندا آهن جيئن ڪو ماهر پنهنجي شعبي جي باري ۾ اظهار خيال ڪندو آهي. هو سڀ ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته جيڪڏهن حڪومت خلوص سان چاهي ته صرف لياريءَ مان ئي نه پر پوري ڪراچيءَ مان ڏوهن جو خاتمو اچي سگهي ٿو. پر جڏهن سياست جي سگهه سچائي ۽ ايمانداريءَ بدران انهن ئي قانون ٽوڙ ڇوڪرن جي دم سان هجي ته پوءِ هو پنهنجي خلاف قانون کي ڪارروائي ڪرڻ ڪيئن ڏيندا؟ هو جيڪي پولنگ اسٽيشنس کان وٺي سرمائيدارن ۽ ڪامورن تي انهن ڇوڪرن ذريعي دٻاءُ وجهي پنهنجو ڪم ڪڍندا آهن، اهڙي انداز کي ختم ڪري سياست جي طاقت وري عوام جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ اهي اڳواڻ ڪيئن راضي ٿيندا، جيڪي عوام جي صرف ڳالهه ڪندا آهن ۽ انهن جو ٽارگيٽ هر حالت ۾ وڌ کان وڌ طاقتور ٿيڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ ئي آهي.
    ان ڪري اهي سڀ فارملٽيون آهن. وزير اعظمن جا دورا....ايوان صدر پاران تشويش جا اظهار.... امن امان جي حوالي سان پوليس رينجرز ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي آفيسرن جون بريفنگون ۽ آخر ۾ مقامي انتظاميا کي ڪڏهن ايلاز ته ڪڏهن دڙڪي سان ”امن قائم ڪريو“ جي هدايت ۽ ان تي روايتي ”يس سر“ جو سليوٽ ڀريو جواب ۽ حڪمرانن جي پٺ ڏيڻ تي منهن خراب ڪري انهن جي سچائيءَ مٿان سواليا تاثر ظاهر ڪري پروٽوڪولن ۾ پلجندڙ همراهن جا اصل قصا هڪ ٻئي سان شيئر ڪندڙ پوليس وارا ڇا امن قائم ڪندا؟ جنهن شهر ۾ پوليس وارا محفوظ نه هجن ۽ جنهن شهر ۾ رينجرز گشت ڪرڻ لاءِ ڪرفيو جهڙو ماحول پيدا ڪندي هجي، اتي امن ڪئين پيدا ٿيندو؟
    لطيف جي دور ۾ اها روايت هوندي هئي ته شاعر ۽ ڳائڻو هڪ ئي جام مان شراب پيئندا هئا ۽ هاڻي سياستدان ۽ ڏوهاري ڀلي ڪلاس فيلوز نه هجن پر هو گلاس فيلوز ضرور آهن. اهڙي ماحول ۾ لياريءَ جهڙي مظلوم وسنديءَ کي امن ڪئين ملندو؟ لياريءَ جي ته درد کي اڃان تائين اظهار جو شرف به حاصل ٿي نه سگهيو آهي. هي روز جون رپورٽون ۽ انهن کي رد ڪندڙ دعوائون لياريءَ جي ان پيڙا کي بيان ڪري نه ٿيون سگهن، جيڪا پيڙا لياريءَ ۾ جنم وٺي ۽ اٿي وڏا ٿي ۽ اتي پنهنجا ٻار پيدا ڪندڙ اهي ماڻهو محسوس ڪري سگهن ٿا، جن ويجهي تاريخ ۾ لياريءَ کي سدائين سياسي طور تي استعمال ٿيندي ڏٺو آهي. انهن کي معلوم آهي ته هر سياستدان لياري واسين کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪتب آڻي ۽ پوءِ انهن کي گند وانگر ٻهارڻ چاهيندو آهي. پر هاڻي لياريءَ وارا به اها سياست سمجهي ويا آهن، ان ڪري انهن به پنهنجي تحفظ لاءِ سياسي پارٽين ۽ سرڪارن جي اوٽ وٺڻ بدران انهن ئي ڏوهارين آڏو پاڻ کي پيش ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي پنهنجيون قائم ڪيل عدالتون هلائيندا آهن ۽ انهن جي هر حڪم تي هو اکيون ٻوٽي هلندا آهن. اهڙي ريت مظلوم فرد پنهنجي مظلوميت جو تاريخي پلئه وٺڻ لاءِ سياست بدران هٿيارن جو سهارو وٺڻ لڳا آهن. پر پوءِ به سچائي اها آهي ته هو سڀ امن چاهن ٿا. اهو امن جيڪو تحفظ به فراهم ڪندو آهي ۽ تهذيب به تخليق ڪندو آهي. اهو امن هاڻي هڪ اهڙو خواب بڻجي چڪو آهي، جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ ننڊ بنيادي شرط هوندي آهي پر هي گوليون، هي ڌماڪا ۽ هي مامتا لٽيل مائرن جون دانهون ماڻهن کي سمهڻ ڏين ته هو امن جو خواب ڏسي سگهن!!
    ميڊيا لياريءَ ۾ پندرنهن انسانن جي قتل عام کان پوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف جي ڪراچي آپريشن واري دوري کي ڀلي ڪيتري به اهميت ڏئي پر جنهن جتي اسپتالن ۾ زندگي ڏيندڙ آپريشن صرف سرمائي ۽ سفارش وارن جو ٿيندو آهي ۽ زندگي کسيندڙ آپريشن صرف انهن ڏوهارين جو ٿيندو آهي، جن جي ڪا سفارش نه هجي! اتي هڪ وسنديءَ ۾ ڏوهن ۽ ڏکن جي ڪهاڻيءَ کي جنهن ناول ”لياري“ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، ان ناول ۾ ته وزير اعظم جي دوري ۽ وزير اعليٰ جي بيان جي ڪا گنجائش ئي نه هوندي. ان ناول ۾ جيڪڏهن ذڪر هوندو ته انهن ڪردارن جو جن جا وڏا امن ۽ انقلاب جي لاءِ قربانيون ڏيندا هئا ۽ انهن جي ننڍن کي سياست جي سراب اهڙي بدامني جو بر ڏنو آهي، جتي نه اڳتي وڃڻ جي واٽ آهي ۽ نه پوئتي موٽڻ جي ڪا راهه!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لياري تي ڇا لکجي... اها لياري جتان جا ماڻهو گهڻو لکيل پڙهيل نه هوندي به ڪمال جي سياسي ڄاڻ رکندا هئا. اها لياري جتان باڪسر ۽ فوٽ بال جا رانديگر نڪرندا هئا، اها لياري جتان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو اليڪشن لڙيا ۽ وڏي اڪثريت سان کٽيا، اها لياري جتي محترمه بينظير ۽ آصف علي زرداري جي شادي تقريب ٿي، اها لياري هاڻ بارود جي بوء سان ڀريل آهي.
    سياسي ويڙهه آهي ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جي ۽ لياري جا ماڻهو ان ويڙهه ۾ استعمال ٿي رهيا آهن ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو