پهرئين دفعي جي ڳالهه توهان کي ياد هوندي. ٻئي دفعي جو ذڪر آهي ته ڪاڪو آچار ٽوپيون وڪڻڻ دوران ٿڪجي جهنگ ۾ هڪ وڻ جي هيٺان سمهي پيو، جڏهن سندس اک کلي ته ڏٺائين سندس ٽوپين واري ٻوري ڀولڙا کڻي ويا آهن ۽ ٽوپيون پائي مٿي وڻ تي چڙهيا ويٺا آهن.. ان تي کيس پنهنجي ڏاڏي جي آکاڻي ياد اچي وئي (جنهن ۾ ڀولڙا انسان جي نقل ڪندا آهن) هن پنهنجي ٽوپي لاهي زمين تي ڦٽي ڪئي. هڪڙو ڀولڙو وڻ تان لهي آيو ۽ اها ٽوپي به کڻي وڻ تي چڙهي ويو، ٻئي ڀولڙي هيٺ لهي اچي کيس ٿڦ هنئي ۽ چيائينس: ”ڪاڪا تون ڇا ٿو سمجهين! ڇا اسان جي ڏاڏي اسان کي اها ڪهاڻي نه ٻڌائي هوندي؟“