جنهن معاشري ۾ انسانن جي ڪوئي قيمت نه هوندي آهي اتي عزت جي ٻولي سڀن کان مٿي لڳندي آهي، اتي بنت حوا سر بازار تبلي جي تهاپ تي نچندي آهي ، اتي بک تهزيب جا آداب وساري ڇڏيندي آهي. يهان حوس ڪي پجاري سياح راتون ۾ سفيد جسمون ڪا رنگ سياح ڪرتي هين. يهان په ناچتي پيرون ڪي تهاپ بڪتي هي، يهان په جاگتي آنکهون ڪي خواب بڪتي هين. يهان په پهول سي هونٽون ڪي پياس بڪتي هي، يهان پر جسم هين بڪتي شباب بڪتي هين. بک ٻن وقتن جي کاڌي جي بدلي بنت حوا کي ابن آدم جي حوس جو نشانو بڻجڻ تي مجبور ڪري ٿي، ليڪن ڪٿي ڪوئي قيامت نه ٿي اچي، ٿر جي تپجندڙ واري تي پيرين اگهاڙي هلڻ واري قوم جو صدر اسلام آباد جي روڊن تي مرسڊيز ۾ سفر ڪري ٿو پر ڪٿي ڪائي قيامت نه ٿي اچي. بلوچستان جي خوشڪسالي تي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ منرل واٽر پي پي ڪري غور ڪيو ٿو وڃي پر ڪٿي ڪائي قيامت نه ٿي اچي. يه شاهراهين اسي واسطي بني ٿي ڪيا ڪه ان پر ملڪ ڪي عوام سسڪ سسڪ ڪي مري زمين ني ڪيا اسي ليئي اناج اگله ٿا ڪه نسل آدم و حوا بلڪ بلڪ ڪي مري ملين اسي ليئي ريشم ڪي ڊير بنتي هين ڪه دختران وطن تار تار ڪو ترسي چمن ڪو اسي ليئي مالي ني خون سي سينچا تها ڪه اس ڪي اپني نگاهين بهار ڪو ترسين. هي آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان جتي هر ڪوئي پنهنجي دن ۾ مگن آهي مٿو کنڻ جي فرست نه آهي سڄي کٻي جي فڪر نه آهي هر شخص بکيو آهي ڪوئي اقتدار جو طالب آهي ته ڪوئي شهرت جو بکيو ڪوئي دولت جو پرستار آهي ته ڪو ئي پيٽ جو بکيوڪوئي ڀنگ جي هڪڙي پيالي تي پنهنجو سب ڪجهه نڇاور ڪرڻ تي آمادا ته ڪوئي طاقت جو بکيوقحط و رجال وڌنڌو وڃي ٿو تهذيب ۽ تمدن جا پيمانه ڀنڃ ڊاهه جا شڪار ٿي ڪري وقت جي ناقدريءَ جي گلا ڪري رهيا آهن اسان زوال جي آخري حدن جي ڀي آخر تائين پهچي چڪا آهيون انصاف مهيا ڪرڻ وارا ادارا سسڪي سسڪي ڪري دم ٽوڙي رهيا آهن.هر طرف کان هڪ ئي پڪار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي بک تهذيب جا آداب وساري ڇڏي ٿي. ٻڌو اگر ٻڌي سگهو ٿا ته جڏهن ڪراڙي پروفيسر کي 6 مهينن تائين پينشن نه ملي تو اهو پنهنجي ڪن پٽيءَ تي پستول رکي ڪري چئي رهيو هو ته منهنجو پاڪستان آ هي تنهنجو پاڪستان آ. جڏهن تسنيم سولنگي بکايل ڪتن جي بک جو لقمو بڻي ته چئي رهي هئي پيا هن گم ڪٽهرا عدالتون چپ آهن، جڏهن مزدور شام جو خالي هٿين گهر موٽيو ته هو پنهنجي ٻارن کان نظرون چورائيندي چئي رهيو هيو آهي سخت ڏا ڍي بنداءِ مزدور جي اوقات، وزير اعظم جي کهلي ڪچهري ۾ خود سوزي ڪرڻ وارو شخص چئي رهيو هيو مان بهي پاڪستان آهيان ۽ تون بهي پاڪستان آهين. جڏهن جاگيردار جا رستاگير غريب هاريءَ جي ڌيءَ کي کڻي ويا هيا ته هو چئي رهيو هيو آواز ته ڏيو انصاف کي انصاف ڪٿي آهي.ڊاڪٽر عافيه صديقي اڄ به سراپا سوال آهي ذميوار ڪير؟ لعل مسجد جا شهيد چئي رهيا آهن پاڪ فوج تو زنده آباد، راولپنڊي سانحي ۾ ملوث چهرا سامهون پوليس پڪڙڻ کان ڪاسر ، هڪ بيزورزگار پيءَ پنهنجي ٽن نياڻين کي موت ننڊ سماريو هيو ته چئي رهيو هيو. عجب رسم هي چارا گرون ڪي محفل مين لگا ڪي زخم نمڪ سي مساج ڪرتي هين. غريب شهر ترستا هي اڪ نوالي ڪو امير شهر ڪي ڪتي بهي راج ڪرتي هين. بک تهذيب جا آداب وساري ڇڏي ٿي غربت کان مجبور ماڻهون پنهنجا ٻچا ڀنڃي ڪري کائي وڃن ٿا پنهنجا گردا ۽ اکيون وڪڻي ڇڏن ٿا پنهنجون اٺ اٺ سالن جون ننڍڙيون دلالن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا پنهنجي خاندان سان گڏ باهه ۾ ٽپو ڏين ٿا دريائن ۽ سمنڊن ۾ غوطه زن ٿين ٿا. پکن ۾ لٽڪي پون ٿا ٽرين جي پٽڙين جي اڳيان ليٽي پون ٿا غربت ظلم ۽ مهنگائيءَ کان مجبور ماڻهون پنهنجي معصوم ٻارن جا ڳلا ڪٽي ڇڏين ٿا. صدارت وزارت ۽ عمارت جا بکيا تهذيبي اقدارن کي پامال ڪرن ٿا ڪڏهن ته چند کوٽن سڪن جي عوض قوم جي نياڻين کي وڪڻي ڇڏن ٿا ته ڪڏهن مساجد جو تقدس پامال ڪندي انهن کي رت آلود ڪرن ٿا ۽ سڌائيڻ ڳالهه ٿئي ٿي مدرسه ختم ڪرڻ جي ته انهن مدرسن ۾ دهشتگردي سکائي وڃي ٿي. دنيا جي ظالمن کي اهو پيغام ڏيو ته هيءِ ڌرتي نبيءَ ﷺ غلامن جي ڌرتي آهه هتي اسان انهن نائٽ ڪلبن ۽ مساج پالرن کي هلڻ نه ڏينداسين جتي مسلمانن جي ايمان جو جنازو ڪڍيو ٿو وڃي. مدرسن مان ته هميشه امن جو پيغام مليو آهي چاهت جو پيغام مليو آهي انهن مدرسن سان دهشتگرديءَ جو لفظ نه ڳنڍيو وڃي. مدرسن ۾ ته هميشه قرآن پاڪ جي تلاوت ٿيندي آهي، مدرسي جي ذري ذري ۾ همدردي ۽ محبت هوندي آهي، مدرسي مان هڪ ڪامل انسان ٿي نڪرندو آهي جنهن کي رسول الله ﷺ جي زندگي جو ترز عمل سيکاريو ويندو آهي. الله جي احڪامات سان روشناس ڪيو ويندو آهي. پيءُ ماءُ، ڀيڻ ڀاءُ مٽن مائٽن پاڙيسرن جا حق، سيکاريا ويندا آهن.مرد عورتن، ننڍن وڏن، امير غريب، مالدار فقير، مسلم غير مسلم جا حقوق سيکاريا ويندا آهن. فرق ختم ڪري هڪجهڙائي پيدا ڪئي ويندي آهي. برائيءَ کي روڪڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي. ان کان پهريان جو بک هن ملڪ کي کائي وڃي ان کان پهريون جو لهجا بي آواز ٿي وڃن امن ۽ امان جون ڳالهيون بي مزه ۽ بي مقصد لڳن ملت اسلاميه جو هي فرزند ملڪ ۽ قوم جو فرزند ۽ اوهان جو فرزند توهان کي هي التجا ڪري رهيو آهي خدارا ان ڪراڙي پيءُ جو سهارو بڻجي وڃو جنهن جي پٽ خود سوري ڪئي خدارا ان عورت جا ڳوڙها اگهو جنهن جي ڌيءَ جاگيردار جي حوس جو نشانو بڻي انهن معصوم ٻارن جي مٿن تي شفقت جو هٿ رکو جنهن جو پيءُ پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هنن اشعار سان گڏ ئي موضوع زير بحث سيڙيا ٿون ته ستم گري سي وقت ني ڪليون ڪي محبت ڪو دلون ڪي نظاقت ڪو اس طرح سي مسلا هي اس طرح سي ڪچلا هي ڪه زندگي اذيت هي اور سانس ڪي بهي قيمت هي ڪس ڪا هاتهه هي جو خون سي رنگا نهين ڪس ڪا گريبان هي جو گرفت سي بچا نهين صدائي موت آتي هي شهر بهر ڪي گليون سي خون ڪي بو آتي هي پهولون سي اور ڪليون سي.