• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعره ۽ ليکڪا ارم محبوب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jb3QuJH1jU8Ll.jpg


شاعره ۽ ليکڪا
ارم محبوب
کي جنم ڏينهن جون واڌايون
___

شاعره ۽ ليکڪا ارم محبوب 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هوءَ محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. ارم محبوب مئٽرڪ تائين تعليم سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ (زبيده) گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين.
ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1990ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ 1995ع کان لڳاتار ڪجهه سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي. ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي 1993ع ۾ شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن 1997ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. ان ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، آغا سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس انگريزي شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. ارم محبوب کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران 1998ع ۾ ليڊر آف دي ييئر اوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي ”مومل جي ڪهاڻي“ ۽ ان جا ڊائلاگ لکڻ تي 2000ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي 5000 ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي. ارم محبوب ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي. سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن سهڻي، مهراڻ وغيره ۽ ڀارت جي رسالن ”ڪونج“، ”رچنا“ ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”ڦلواڙي“ ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي اردو رسالن ’نونهال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، ’ٽوٽ بٽوٽ‘ ۽ ’جگنو‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين تي پروگرام ”منهنجو ٻالڪپڻ“ ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، تعليم دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا. ارم محبوب هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
___

1622848_10203126036770010_1501744038_n.jpg
 
Back
Top