• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ مذهب جي بنياد تي لڳل باهه کي ٿڌو ڪرڻ جي ضرورت آهي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪراچي سنڌ جو گاديء جو هنڌ آهي اتي دهشتگردن جو اڳ ئي راڄ هيو ...

خيرپور جيڪو خير ۽ امن جي ڪري مشهور هيو جيڪو وزير اعلى سنڌ جو شهر آهي اتي مذهبي انتها پسندي سبب قلم 144 لاڳو آهي ...

۽ هاڻ لاڙڪاڻو جيڪو پ پ پ جو ڳڙهه آهي اهو به مذهبي باهه ۾ ٻري رهيو آهي... قرآن مقدس ڪتاب آهي ان جي بي حرمتي قابل قبول ناهي؟ پر ڇا ان آڌار تي سڀني هندن کي قتل ڪري ڇڏجي؟ اسلام امن جو دين آهي، ڳالهين کي پرکي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اسان سڀ مسلمان آهيون ۽ اسان کي اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي.

صوفين جي ڌرتي سنڌ ڪيڏانهن تبديل پئي ٿئي، اسان جي سوچ ۾ دهشت ۽ وحشي پڻ سان گڏ هاڻ سهپ ته بلڪل به ختم ٿي چڪي آهي. ڪٿي آهي انسانيت؟ ڪٿي آهي رياست؟

اچو ته ان باهه کي ٿڌو ڪيون ... اچو ته محبتون ورهايون
 
کیسی بخشش کا یہ سامان ہوا پھرتا ہے
شہر سارا ہی پریشان ہوا پھرتا ہے

ایک بارود کی جیکٹ اور نعرہ تکبیر
رستہ جنت کا آسان ہوا پھرتا ہے

کیسا عشق ہے ، تیرے نام پے قربان ہے مگر
تیری ہر بات سے انجان ہوا پھرتا ہے

شب کو شیطان بھی مانگے ہے پناہیں جس سے
صبح کو وہ صاحب ایمان ہوا پھرتا ہے

جانے کب کون کسے مار دے کافر کہہ کر
شہر کا شہر مسلمان ہوا پھرتا ہے

ڪهڙي بخشش جو هي سامان ٿي پيو آ
شهر سمورو ئي هي پريشان ٿي پيو آ
هڪ بارودي جيڪٽ ۽ ٻيو نعرءِ تڪبير
جنت جو رستو ڪيڏو آسان ٿي پيو آ
ڪهڙو عشق آ جو جنهن نالي تان قُربان
تنهن کان ئي هي اڻ ڄاڻ ٿي پيو آ
شيطان گهُري پناهه جنهن کان شام جو
صبح سو ئي صاحبِ ايمان ٿي پيو آ
ڪير ڪنهن کي ڇڏي ماري ڪافر چئي
شهر جو شهر هي مسلمان ٿي پيو آ

نا معلوم شاعر
 
جيڪي دل يا دماغ جي بدران نسل جا مسلمان هوندا آهن انهن ۾ اهي گڻ هوندا جن سبب فساد برپا ٿين ٿا...
 
Back
Top