پيارا سنڌ واسيو ۽ ساري دنيا ۾ وسندڙ سنڌي دوستو جيئي سنڌ سنڌ جي بهادر سپهه سالار شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي الحبش جماعت وارن هڪڙي زبردست ريلي ڪڍي، هُونئڻ ته ائين کپندو هو ته ساري سنڌ هن عظيم جرنيل جي شهادت واري ڏينهن کي ملهائي ها، خير اسان جي سنڌي شيدي ڀائرن ۽ ڀينرن شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت واري ڏينهن کي ملهائي گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ائين سوچڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته اڃان رڻ مان رڙ اچي ٿي، رڙ اچي ٿي، متان چئو ته مُئا مور سارا۔ پيارا دوستو هن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن ڪجهه پنهنجا ويچار ادا عبدالغفور سمون سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين سان پڻ ونڊيا، پليز توهان انهن ويچارن کي ڏسي ۽ ٻُڌي ضرور پنهنجا ڪامينٽس لکي صحيح معنا ۾ سچي سنڌي هُئڻ جو ثبوت ڏيندا۔ ادا نثار ابڙي سميت ساري دنيا جي سنڌين کي شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت واري ڏينهن نڪتل هن ريلي جي مڪمل وڊيو رپورٽ ارپيان ٿو۔ هي سموري محنت اسان جي محنتي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جي آهي، ايڊيٽنگ ۽ اپلوڊنگ واري ٿوري گهڻي محنت منهنجي آهي۔ خير پيش آهي سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي پيشڪش شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت واري ڏينهن الحبش پاران نڪتل ريلي ۽ سنڌي شيدي ڀائرن ۽ ڀيڻ جا ويچار وڊيو جي صورت ۾ (سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش)
جواب: شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي الحبش جماعت پاران ريلي سڀ کان پهريان ته لک سلام دوست نثار ناز ۽ عبدالغفور سمون صاحب کي ۔۔۔ انکانپوٌءِ افسوس ڪندس سنڌي قوم جي انهن تنظيمن تي جي پاڻ کي قومپرست ۽ سنڌ دوست ته سڏرائن ٿيون پر کانئن سنڌ جا سپوت وسري ويا آهن، ٻيو نه ته الحبش وارن سان گڏجي ئي ڪو پاڻ ملهائن ها ته خبر پوي ها ته، نه ڪي سڄڻ آهن جي پنهنجي تاريخ جو احترام ڪنٿا ۽ ياد رکنٿا ۔۔۔ باقي جيڪا سنڌ جي هن قبيلي سان ناانصافي ٿي رهي آهي، انجي مذمت ڪندي اهو چوندس ته منهنجا شيدي ڀائرو اها حالت اوهانجي ئي نه پر سموري سنڌ جي آهي ۔۔۔ سموري سنڌ آويءَ ۾ پچي رهي آهي ۔۔۔ جڏهن ڪا قوم غلام هوندي آهي ته انجو ڪو قبيلو يا ڪا ذات يا ڪو فرد آزاد ناهي هوندو ۔۔۔ هو سڀ ان بيماريءَ جو شڪار هوندا آهن ۔۔۔ هائو! ڪي پنهنجي ذات پات کي وڪڻي آقائن جي آڏو پاڻ پيش ڪري وقتي فائدا ته وٺي ويندا آهن پر اصل کان گهڻو پري هوندا آهن ۔۔۔ اچو ته سڀ گڏجي ان ظلم خلاف جهاد ڪريون ۽ ڪو نئون سج اڀاري پاڻ ملهايون ۔۔۔ بس دير گڏجڻ ۽ جاڳڻ جي آهي ۔۔۔ چور زورآوري ڪندا پر ڀاڳين کان ڏاڍا ناهن هوندا ۔۔۔ جي اسين سڀ صرف پنهنجي پنهنجي قبيلن جي ڳالهه ڪنداسون ته ممڪن ڪي ننڍا فائدا ته ملن پر آزادي نه ۔۔۔ قومي ڳالهه ڪريون ۽ ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪريون ته روشني ٿئي ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ اميدن جا ڏيئا ٻريل آهن ۔۔۔ سچ جي فتح ضرور ٿيندي ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔ دوست نثار ناز shal judy hujeen
جواب: شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي الحبش جماعت پاران ريلي مهرباني دوست نثار ابڙا سلام اهي به لکين سلام ڏيڻ جي مان ۽ ادا عبدالغفور سمون انتهائي شڪر گُذار آهيون، بس ڀائو سنڌ ۾ رهندڙ خالص سنڌي قبيلا سنڌ جي جسم وانگر آهن ڪنهن به حصي کي ڪا تڪليف پهتي ته ڄڻ سموري جسم ڄڻ سنڌ کي تڪليف پهتي، شال سنڌ سموري خوشحال هُجي، ان ۾ وسندڙ هر سنڌي پنهنجي ڪٽنب قبيلي سميت سدا آباد هُجي۔ ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ تڏهن پوندي آهي جڏهن سچ بي گناهي جي سولي تي چڙهي، ڪوڙ کي ته ڪو کٽڪو ئي ڪونهي، سچ وارن ۽ حق وارن سدائين صليب سجايا آهن، ناحق جي بٺي ۾ اصل پچي سڙي ڪُندن بڻيا آهن۔ هو ٻول ٻُڌا ڪونه اٿئي ته اول سانگو سر جو لاهي ڀلي پو عشق کي هٿڙو لاهي۔ بس عاشق سارا پهرين فرصت ۾ پنهنجي سر تان سانگا لاهين پو جاني پو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوکي جي ديوار به ڊهي پوندي۔ ڪوڙ جي مُنهن ۾ دوڙ به پوندي۔ باقي ير پاڻ ڪُٽي کائڻ وارا مجنان آهيون جاني، بدن جا گوشت ڪوري ڪپي ڏيڻ وارا مجنان في الحال گُم آهن، يا عشق واري مڪتب ۾ تازا تازا داخل ٿيا آهن، ڀلي اُتان سبق سور سوايا جي ايم اي ڪري ٻاهر نڪرن۔ باقي جُڙيو هجين واري دعا ڪري مون ڪُٽي کائڻ واري مجني تي لک لائق ڪري ڇڏئي۔
جواب: شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي الحبش جماعت پاران ريلي جنرل هوش محمد شيدي هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو چيو وڃي ٿو ته هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“ هوش محمد پنهنجي بهادري همت ۽ وطن سان پيار جو ثبوت ڏيندي 24 مارچ 1843ع تي دٻي جي شڪست واري صورت حال کي سنڌ جي نه وسرندڙ فتح واري صورت ۾ تبديل ڪري پنهنجو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو۔ هوش محمد شيدي جي بهادري کي سر جيڪب ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو ته مون سترهن جنگون لڙيون آهن مگر هوش محمد شيدي جهڙو بهادر ماڻهون مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو ۽ سندس بهادري ۽ بي خوفي جي ڪري مون کي کيس سان نفرت ۽ ساڙ اڃان به وڌي ويو آهي۔ هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ جيڪا 17فيبروري 1843ع ۾ انگريز ۽ ٽالپرن وچ ۾ لڳي هئي ان ۾ به انگريزن کي ٽوٽا چٻرايا هئا۔ ۽ اهڙن سنڌ جي جوڌن جوانن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔ هڪ وڊيو جنهن ۾ هوش محمد شيدي جي مختصر خبر ڏنل آهي http://www.youtube.com/watch?v=cn_76nEiItQ