• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيٽا ڊي وي ڊي ٺاهڻ.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم دوستو!
اميد ته خوش هوندا ، ٽهڪندا ٻهڪندا هوندا... دوستو ! اڄ آئون اوهان سان هڪ اهڙو سافٽويئر ونڊ ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ توهان آساني سان سي ڊي (CD) يا ڊي وي ڊي (DVD) ٺاهي سگهو ٿا. سافٽويئر جو نالو آهي ”ايڪسپريس برنر“ . هِن سافٽويئر جي وڏي خوبي اها آهي ته هي آسان آهي ۽ اردو ۽ عربي سپورٽ ڪندڙ آهي.
هلون ٿا ڊيٽا جِي ، ڊي وي ڊي ٺاهڻ.
سڀ کان پهرين توهان هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.
burnsetup.rar
پو اُهو سافٽويئر کوليو ۽ پو ڏسو هيٺ تصوير ڏانهن.

1: ڊيٽا ڊي وي ڊي (Data DVD) تي ڪلڪ ڪريو ،
2: ڪابه فائل ايڊ (جمع) ڪريو يا فولڊر (جمع) ڪريو.
3: جيئن مون هي فولڊر ايڊ (جمع) ڪيو آهي، هِي بحرالمعاني نالي ڪتاب جو اُردو فولڊر آهي.
33wuyk2.jpg


1: ڏسو بحر المعاني “ فولڊر اچي ويو آهي. اگر توهان چاهيو ته ان فولڊر کي يا وري، ڊي وي ڊي(DVD) جو نالو مَٽائي سگهو ٿا.
2: هاڻي توهان برن ڊيٽا ڊي وي ڊي (Burn Data DVD) تي ڪلڪ ڪريو.
2d6wpzs.jpg


بس ! ايترو ئي. ! آهي نه آسان سائين ! عبد الله السندي صاحب ۽ ادا فاروق سومرو :):rolleyes:
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين عبيد الله !
سافٽويئر ڊائونلوڊ نه ٿو ٿئ. مهرباني فرمائي ٻي ڪا لنڪ ڏيندا.

سائين مون وٽ ته لنڪ صحيح ڪم ڪري پئي.
خيئر مون سافٽويئر سنڌسلامت فورم تي لنڪ سينڊ ڪيو آهي.
اگر اُتي نه لڀي ته burnsetup.rar تي ڪلڪ ڪريو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top