پاڇو

'سنڌي ادب' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2014۔

?

مون هي ليک داخلي ڪيفيتن جي حوالي سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇا مان موضوع سان نڀاءُ ڪري سگهيس؟

  1. ها!

    50.0%
  2. نه، اڃا بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.

    50.0%
  3. غير معياري لکڻي آهي.

    0 ووٽ
    0.0%
  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ”پاڇو“
    تحرير: منصور ميراڻي
    _________________

    هر شخص جا ڪيئي وجود ٿين ٿا ۽ هر شخص هڪڙي وقت ڪيترن ئي هنڌن تي موجود رهي ٿو پر مون پاڻ سان ڪجھ عجيب محسوس ڪيو آهي، مون محسوس ڪيو آهي ته مون سان گڏ منهنجي پنهنجي پاڇي کان علاوه هڪڙو ٻيو پاڇو به گڏ آهي جيڪا مون سان هر وقت ساڻ رهي ٿو. منهنجو پاڇو اونداھ ۾ منهنجو ساٿ ڇڏي وڃي ٿو پر اهو عجيب قسم و پاڇو هر وقت مون سان گڏ رهندو آهي ۽ هميشه مونکي اڪيلائيءَ واري احسان کان محروم ڪندو رهي ٿو ڇو ته جڏهن به مان اڪيلو رهڻ چاهيندو آهيان هومنهنجي ويجهو اچي منهنجي خيال ۾ خلل پيدا ڪندو آهي.
    منجهند جو ننڊ مان جاڳي جڏهن ڪمري مان ٻاهر هوٽل تي چانھ پيئڻ لاءِ نڪرندو آهيان ته رستي تي هلندي ٻه پاڇا گڏ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته آخر اهو ٻيو پاڇو ڪنهن جو آهي جيڪو هميشه مون سان گڏ رهي ٿو، آخر اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن جو رڳو پاڇو ٿو نظر اچي.
    اهو عجيب و غريب قسم جو پاڇو منهنجي لاءِ گهڻي وقت کان ذهني پريشانيءَ جو سبب بڻيل آهي ۽ منهنجي اندر جي قرار کي ڀورا ڀورا ڪري رهيو آهي. منهنجو پاڇو هن سان رابطو ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هو ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏيندو آهي ۽ هميشه چپ رهندو آهي.
    رات جو دير تائين جڏهن تاري جي تبلي جيان هلندڙ ڪيبورڊ جي ٽڪ ٽڪ مونکي سڪون پڄائي رهي هوندي آهي ان وقت اهو پاڇو منهنجي ڪمري جي ڪنڊ ۾ ديوار سان ٽڪ ٻڌي ويهي رهندو آهي. ان وقت اهو پاڇو معصوم ٻار جيان لڳندو آهي جيڪو ڪا التجا يا شڪايت کڻي آڏو بيٺو هجي جنءَ ڪنهن پرائمري اسڪول ۾ ٻار ماستر آڏو ڪنڌ جهڪائي بيهندا آهن.
    پنهنجي عادت چوان يا فطرت چوان مونکي ڪابه خبر ناهي پر اها هڪڙي حقيقت آهي ته مان اڪثر پنهنجي اندر کي آکاڙي وانگي محسوس ڪندو آهيان جتي ٻه اڄاتل شخص هڪ ٻئي جي دليلن کي رد ڪندي نظر ايندا آهن.
    اهي شخص جڏهن پاڻ ۾ دليل بازي ڪندا آهن ته هي معصوم ٻار جهڙو پاڇو کين چپڙي ڪري ٻڌندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ هن کي ٻڌڻ جي عادت هجي يا هو رڳو ٻڌڻ لاءِ ڄائو هجي. هي ٻارڙو هاڻي مون وٽ شعور طور تي ڪهي آيو آهي ۽ مان ائين ٿو محسوس ڪري رهيو آهيان ته هو منهنجي آڏو پنهنجا مسئلا رکي مون کي ڪجھ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    ان جي اهڙي رويي کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته اهو ڪنهن ٻئي جو پاڇو نه بلڪل اهو منهنجو پنهنجو بچپن آهي يا منهنجي ماضي جو عڪس آهي جيڪو مون کان احتساب جي گهر ڪري ٿو ۽ ان ڪري ئي ذهن جي جارن مان ڪنهن نوٽيفڪيشن جيان بار بار وڄندو رهي ٿو.
    منهنجي اندر جي آکڙي ۾ بحث بازي ڪندڙ ٻن شخصن کان هو سوال ڪرڻ گهري ٿو مگر هو پنهنجي ڳالهين ۾ ايترا ته مگن آهن جو هن ڏانهن انهن جو ڌيان نه ٿو وري ۽ هو وري ان احساس ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ته هو صرف ٻڌڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي ۽ هن جي وجود جو ڪو ڪارج نه آهي ۽ ان ئي احساس سان هو روز پاڻ کي جلائي ڇڏيندو آهي .
    بحث ۾ مشغول انهن شخصن کي جڏهن ان جلندڙ پاڇي جو تاوءُ محسوس ٿيندو آهي ته هو تاوَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڦوڪون ڏيندا آهن ۽ وري پنهنجي بحث ۾ مشغول ٿي ويندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو ۽ سهڻو پر اڃان به بهتري جي گنجائش آهي... اهڙا جملا ۽ شعر به لکندا ڪريو جيڪي عنوان سان ٺهڪن ۽ ماڻهن کي هيڏي هوڏي وڃڻ نه ڏين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو