انڌن ۾ ڪاڻو راجا آئون به عبدالحفيظ لغاري وانگر تُرڪن جي اسڪالرشپ تي ترڪي جي گادي واري هنڌ انقره جي هجيتيپي يونيورسٽي ۾ آهيان. ڪجهه ڳالهيون ونڊ ڪرڻ جهڙيون حفيظ جي چوڻ تي دوستن سان ونڊ ڪبيون. انڌن ۾ ڪاڻو راجا واري چوڻي مون کي اڄ سچي لڳي رهي آهي. مون واري ليب ۾، سُٺي انگريزي اڇي ڪانه ٿي ڪنهن کي به. مون کي جيڪا گاڏڙ ساڏڙ اچي ٿي تنهن تان سڀ مون کان مُتاثر آهن، سڀ ٿا مون کي چون ته اسان کي انگريزي ڳالهائڻ سيکار. گهڻائي يورپ وڃڻ جي شوقين آهي، آمريڪا ۽ ڪيناڊا کي نه ٿا پسند ڪن.
بلڪل لکڻ کپي ادا. اوهان ضرور لکو. هنن جو اسان کي گهُرائڻ جو هڪ مقصد سندن ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي کان آگاهه ڪرڻ ۽ اهو عام ڪرڻ پڻ آهي. هتي هنن کي انگريزي سِکڻ جو شؤق علاج لاءِ ڪڙي دوا پيئڻ وانگر آهي. نه چاهيندي به اهو ڪرڻو ٿو پوي. باقي يو ايس ۽ يو ڪي سان گهڻي همدردي نه اٿن. اُسامه لاءِ ايبٽ آباد واري اٽيڪ تي هنن کي اسان کان وڌيڪ يو ايس تي ڪاوڙ آهي. وِڙهيا ته هنن سان باقي يورپي به کوڙ آهن پرهنن جي سُلطانن جي جوانن يورپين کي پادر هڻي هتان ڪڍيو ته هو به سُر کي سمجهي ويا ۽ هي به هاڻي ساڻن ٺهي ٿا هلن. اوڀر جي عزت ڏُور اولهه سان نفرت پر اولهه جي پاڙيسري مُلڪن سان سنگت هنن جي خارجه پاليسي چئي سگهجي ٿي.
خوش آهي جو ٽي دوست ترڪي ۾ آهن ۽ ترڪي شايد هاڻ واحد ملڪ بچيو آهي جتي پاڪستانين کي عزت ملي ٿي. اميد ته اوهان لکڻ جو سلسلو به جاري رکندا ۽ تصويرن شيئر ڪرڻ سان گڏ ڪجهه لکڻ به شروع ڪندا. اوهان جي هر قسم جي تصويرن جو انتظار رهندو ....