ڪم ڪار ۽ پرفارمنس لاءِ ضروري آهي مناسب ماحول ۽ سهوليتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هن سان ملو، هي آهي Sevilay Tekin. منهنجي ڊپارٽمينٽ جي پٽيوالي آهي. تمام بهترين آفيس اٿس، انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي. پريان پيل ٿيلهو Sevilay Tekin جو آهي. پاڻ هر وقت مسڪرائيندي رهندي آهي. مون کي فيسبُڪ تي فرينڊ طور ايڊ ڪيو آهي.
    [​IMG]
    اندازو اهو لڳايو وڃي ته جنهن کان ڪم وٺڻو آهي انهي کي مناسب ماحول ڏجي، مناسب سهوليتون ڏجن. سيولي تيڪن ۽ مهنجي آفيس ۾ ڪو خاص فرق ناهي، پر ماحول جي ڳالهه آهي. قائد عوام يونيورسٽي ۾ مون وٽ آفيس ۾ هر سهوليت موجود هُئي پر اتي ايترو ڪم نه پئي ڪري سگهيس. تبديلي اها آهي جو هتان هر وقت ٽرانسپورٽ ملي سگهي ٿي، آفيس ۾ دير تائين ڪم ڪندا رهون، ڪير اعتراض نه ڪندو. وڏي ڳالهه ته کاڌي پيتي جون شيون هر وقت ملي سگهي ٿيون. ڪو ڊپ ڊا ڪونهي ڪو ته ڪو ليپ ٽاپ ڦري وٺندو.

    مون ته حيرت ٿي رهي ته مون کي اضافي سهوليت ڪانهي پر پو به پرفارمنس سُڌري رهي آهي!!! ڪافي اهڙيون اپليڪيشنس جيڪي تحقيق ۾ تيزي آڻڻ لا۽ ضروري هجڻ کپن اهي پاڻ ئي ڳولي ڪافي بهترين طريقن سان استعمال ڪري رهيو آهيان.

    ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته نوجوانن ۽ ٻارن جي حوصله افزائي ڪجي جيئن اهي اڳتي هلي پنهنجي لاءِ مناسب ڪيريئر ۽ ماحول جي چونڊ ڪري سگهن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تحقيق لاءِ ته اهو لازمي آهي ته ماڻهو بُنيادي ضروري شين لاءِ فڪرمند نه هُجي. خاص ڪري تحفظ جو يقين هُجي.
    مون کي ياد اچي پيو ته هڪ دفعي آفيس ڪليگ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي ويٺي ڳالهه ڪئي ته پاڪستانين جي تحقيقي ڪم کي شَڪ جي نگاهه سان ڏِٺو ٿو وڃي ته مون چيو ظاهر آهي اهو ته ٿيندو . .
    جڏهن عباس ٽائون ۾ ڌماڪي سان ماڻهن جي ڪنن جا پردا ڦاٽندا هُجن ۽ آئون انهيءَ وقت ويٺو رسرچ پيپر سبمٽ ڪريان ته شڪ ته ٿيندو نه؟ پر ڇا ڪجي اتدا بُخاري وار ڳالهه

    زندگي اهڙي آ پو ڇا ڪجي؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اها مائي ته وڏي مزي ۾ آهي جو پٽيوالي طور ڪم ڪري ٿي پر سڀ سهوليتون اٿس ...

    اسان وٽ بدقسمتي اهائي ٿي آهي جو طبقاتي نظام قائم ٿي ويو آهي. وڏا ماڻهو، پئسي وارا، بيورو ڪريٽ، بزنس مين، سياستدان پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ نه ٿا پڙهائن جنهن ڪري سرڪاري اسڪول، اسپتالون تباهه ٿي ويون آهن. جيڪڏهن سڀني جا ٻار ساڳي ماحول ۾ پڙهن ته پوء ڏسو ته تبديلي ڪيئن نه ٿي اچي؟

    ترڪي وارا خوش آهن جو هتي اهو امير ۽ غريب جو فرق ناهي، سڀني لاء سهوليتون آهن، عوام پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام سٹهی گاله آهی. ء یقینا ان طرح تحقیقی کم م سدهارو به آیو هوندو. هت اسان وٹ بجلی ئی نه آهی ته تحقیقی کم جیکا تهوری همت هجی سا به ختم تهیو ونجی.
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اسانوٽ تبديلي غير ممڪن ته ڪونهي پر انتهائي مشڪل ضرور آهي ، جيسين سرمائيداري ، جاگيرداري ، ۽ طبقاتي نظام جو خاتمو ته ٿيندو تيسين ممڪن ڪونهي ته ڪا تبديلي اچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو