بي وفا...


هڪ يار مليو مونکي، پَرَ يار بي وفا
انڪار بي وفا، جنهن جو اقرار بي وفا

سمجهي نه سَگهيُس هُنَ جي اَندرَ جون اَداوَتون
دوکي ۾ رَکيو مُونکي، سِينگارَ بي وفا

خوشبوءَ جي آرزوءَ ۾ گلابن ڏانهن هٿ وڌيو
زخمي ڪري ويو، گُلَ ۾ لِڪَل خَارُ بي وفا.

درويش ڏي ڪو دڙڪو، دل کي ته ماٺِ ڪَر
روئِڻَ، لُڇَڻَ کي سَمجهي، بيڪارُ بي وفا


عمران درويش سومرو

iqec7k.jpg




.
 
سمجهي نه سَگهيُس هُنَ جي اَندرَ جون اَداوَتون
دوکي ۾ رَکيو مُونکي، سِينگارَ بي وفا

ادا درويش ! مٿي ڏنل بهترين غزل جو بهترين بند آهي.
 
هڪ يار مليو مونکي، پَرَ يار بي وفا
انڪار بي وفا، جنهن جو اقرار بي وفا


واهه واهه ... اوهان جا احساس وڻيا پر يار هن دنيا ۾ جڏهن اڪثر يار بي وفا ٿا نڪرن ته پوء به ياري ڪيئن سلامت آهي؟ بس اسان واري ياري شال وفا سان ڀرپور ملي.
 
Back
Top