سيتاروڊ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بابت تفصيلي رپورٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ نصير چنا طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2014۔

  1. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    سيتاروڊ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بابت تفصيلي رپورٽ ۽ تصويرون
    نصير احمد چنا سيتاروڊ​



    سيتاروڊ تاريخي لحاظ کان پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام رکڻ جو حامل رهيو آهي هن شهر جا رهواسي جتي مختلف فيلڊن ۾ پاڻ ملهائيندا رهيا آهن اتي سيتاروڊ جا رهواسي سياست ۾ به پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي پر هتي عوامي مفادن جي برعڪس سيتاروڊ جون سياسي ڌريون جيڪي عوامي مفادن کي ڪچليندي صرف پنهنجي مفاد ۽ انا خاطر اٽي لٽي ۽ اجهي ۽ اسان جو عزم اوهان جي خدمت جهڙن دل فريب نعرن وسيلي سيتاروڊ جي ماڻهن جي ووٽ ذريعي اعليٰ ايوانن جا مزا ماڻيندا رهيا آهن انهن ۾ سرفهرست اڳوڻو وفاقي وزير ريلوي الحاج ظفر علي لغاري، سندس سياسي جانشين اڳوڻو ايم پي اي ۽ هن وقت ايم اين اي عمران ظفر لغاري، اڳوڻي ايم پي اي شرف النساءِ لغاري سندس مڙس پ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر قمبر علي خان لغاري اڳوڻو يوسي ناظم ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر علي محمد سومرو جيڪي مختلف وقتن تي هن شهر واسين ۽ شهر جي وارثي جو دعوائون ته ڪندا رهيا آهن پر هن وقت سيتاروڊ جن عذابن مان گذري رهيو آهي تن جو کين شايد علم نه آهي يا وري ڪن لاٽار ڪندي معصوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اسي هزار 80000کان وڌيڪ آبادي رکندڙ هن شهر کي هي دعويدار حضرات انسان جا بنيادي حق صحت، تعليم، روزگار، ۽ امن امان ڏيڻ ته ڄڻ وڏي ڳالهه آهي پر پاڻي جنهن کي عام رواجي ٻولي ۾ جنهن کي آب حيات سڏيو وڃي ٿو جنهن جي نه ملڻ سان وجود جي بقا به نه رهي تنهن پاڻي ڏيڻ کان به هي ڀوتار هميشه ٽال مٽول کان ڪم وٺندي صرف شهر واسين کي آسرائي ڏيندا رهيا آهن سيتاروڊ ڀرسان انگريز زماني ۾ پيچرڊ ڪئنال جي نالي سان هڪ شاخ کوٽرائي وئي هئي جنهن ۾ پاڻي جو گهڻي مقدار ۾ واهپو هجڻ ڪري سيتاروڊ جو جر انتهائي مٺو ۽ صحت لاءِ مفيد هوندو هيو پر ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ شهر جي واڌ ويجهه جي ڪري پچرڊ ڪئنال جي ڪپرن تي قبضا ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن قبضا گير ماڻهن پاران پچرڊ ڪئنال ۾ مختلف قسمن جو لٽ اڇلائي پاڻي جي وهڪري کي بند ڪيو ويو جنهن ڪري سيتاروڊ جو جر آهستا آهستا ٻاڙو ۽ پاڻي ۾ سينکيو جو مقدار وڌيڪ هجڻ جري هيپاٽائيٽيس بي ۽ سي سميت صحت لاءِ حاڃيڪارٿي ويو آهي هوڏانهن 80 واري ڏهاڪي ۾ سرڪاري انتظاميا پاران شهر کي پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ وڇايل واٽر سپلاءِ واري لائين ڳري وڃڻ ڪري هنڌا هنڌان ٽٽل آهي جنهن ۾ شهر جي نڪاسي وارو پاڻي ملڻ ڪري پڻ حاڃيڪار بڻيل آهي ٻئي پاسي شهر ٻاهران واٽر سپلاءِ جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران ٺهرايل 4 تلاءَ جيڪي انتظاميا جي بيحسي سبب هن وقت تباه ۽ اجڙيل حالت ۾ آهن جنهن جي چوديواري ۽ پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جي مشين وارو ڪمرو ڊهي پٽ پيل آهي جنهن جي ڪري تلائن ڀرسان ڀرپاسي جي آبادگارن پاران ٻني ۾ ڀاڻ طور استعمال ڪرڻ لاءِ رکيل مال جا ڇيڻا ۽ ڻيو گند ڪچروتلائن جي واٽر سپلاءِ واري پاڻي ۾ پئجي رهيوآهي ۽ چوڪيداري توڙي سار سنڀال نه هجڻ ڪري نشي جي عادي ماڻهن جا پڻ واٽر سپلاءِ جي تلائن تي ميڙ متل هجن ٿا ۽ اهي استعمال ٿيل سرنجهون ۽ ٻيو نشي جو استعمال ٿيل سامان پڻ واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ اڇلائين ٿا جنهن سان پاڻي ۾ جراثيم فهلجڻ ڪري سائي جهڙي موذي مرض سيتاروڊ واسين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، شهر جي هڪ نجي اين جي او انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران ان موضي مرض خلاف هر سال مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي ان ڪئمپن جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سيتاروڊ شهر جو هر ٽيون شهري ان موضي مرض ۾ مبتلا آهي بالخصوص وارڊ نمبر جانوري محلا ۾ هي موذي مرض پنهنجي انتها تي پهتل آهي جٿي گذريل هڪ سال جي عرصي ۾ سون جي تعداد ۾ ماڻهون پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن پيئڻ جو پاڻي صاف نه هجڻ ڪري ۽ پاڻي ئي هيپاٽائيٽيس بي ۽ سي جو ڪارڻ معلوم ٿيڻ تي شهر جا کاڌي پيتي وارا خاندان سيتاروڊ شهر کان 2 ڪلو ميٽر پري واقع جوهي بئراج جي موري تان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري اچن ٿا يا وري گڏه گاڏن وسيلي پاڻي ڀري ايندڙ کان 15 کان 30 روپين عيوض مهانگو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن ۾ پڻ سنکيو جو مقدار موجود آهي شهر جي هن انتهائي اهم مسئلي تي شهرين توڙي سماجي تنظيمن پاران مختلف وقتن تي سيمينار ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري شهر جي وارثي جي دعويدار ڌرين کي اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي شهرين جا مسلسل احتجاج موجوده ايم ايم اي عمران ظفر لغاري جو در کڙڪائڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي محسوس ڪندي عمران ظفر لغاري پنهنجي ڇهه سال پهريان پنهنجي ايم پي اي واري دور ۾ شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 16 ڪروڙن جي رٿا جوڙي ته شهر کي جوهي بئراج کان پاڻي فراهم ڪري فلٽر پلانٽ ڏنا ويندا پر جوهي بئراج تي جر جي پاڻي جو مقدار گهٽ هجڻ ڪري رٿا کي ڳوٺ خميسو سولنگي ويجهو دادڳ ڪئنال ڏانهن موڙيو ويو ته هاڻي اتان سيتاروڊ شهر ڏانهن پاڻي ايندو جنهن بعد اهي ڏينهن ۽ اڄوڪا ڏينهن ڇهه سال گذري وڃڻ باوجود نه ته اهي رٿائون عمل ۾ آيون نه ئي شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿي سگهيو آهي شهر جي وارثي جي دعويدارن جون اهي انوکيون خدمتون ڏسي شهر واسي حيران، پريشان، هجڻ سان گڏ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل آهن. سيتاروڊ جي سڄاڻ ڌرين رب نواز سولنگي، غريب گل سيتائي، شوڪت چهواڻ، منظور سيتائي، محبوب سنڌي، امداد سولنگي .ڊاڪٽر گلزار ڪلهوڙو، علي حيدر پليپوٽو، اختيار لغاري، علي اڪبر جانوري، مشهور ميمڻ، ڪامريڊ فياض جانوري، بشير چنا، علي حسن بروهي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان اسان شهري پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ محتاج بڻيل آهيون پر پ پ پ سان وابسطه شهر جي دعويدار ڌرين ۽ اٽي لٽي ۽ اجهي جي دل فريب نعري هيٺ ووٽ وٺي وساري ويٺل پ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق ۽ پ پ پ اي اين اي عمران ظفر لغاري عياشين جي عرش تي اڏام ۾ پورا آهن هنن چيو ته شهر ۾ جر کارو ٿيڻ ۽ واٽر سپلاءِ ۾ گندو پاڻي جي ملاوٽ ۽ جوهي بئراج واري پاڻي ۾ سنکيو جو مقدار هجڻ ڪري شهر ۾ انتهائي حد تائين هيپاٽائيٽيس جو مرض وڌي ويو آهي جنهن ڪري ڪيترائي شهري پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن پر اگهور ننڊ ستل حڪمرانن کي سيتاروڊ جي شهري تي ڪابه ڪهل نه پئي اچي هنن چيو ته جيڪڏهن اپريل مهيني تائين سيتاروڊ جي شهرين جي لاءِ فلٽر پلانٽ نه لڳايا ويا ته ايم پي اي پير مجيب الحق ۽ ايم اين اي عمران ظفر لغاري ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن جي شهر ۾ رسا روڪ ڪئي ويندي ۽ نه کٽندڙ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي...

    [​IMG]


    ............................................................................................................................................
    رابطو: 03003968245
    نصير احمد چنا سيتاروڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    ساڳيو آرٽيڪل اڄوڪي روزاني پاڪ ۾ آيل آهي

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا ڇا لکجي .... ڪجهه وقت اڳ سيتا جي جيڪا حالت ڏسي ويو هوس سا افسوس واري هئي .... هاڻ به دوستن کان اڪثر پڇندو رهندو آهيان پر ساڳي ڳالهه ٻڌائيندا آهن.

    اسان مطالبو ٿا ڪيون ته سيتا روڊ جا مسئلا جلد حل ڪري عوام کي سک جو ساهه مهيا ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو