جهاز جي گمشدگيءَ ۾ آمريڪا جي ملوث هجڻ جي اطلاع..

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ملائيشيا جي جهاز کي آسمان کنڀي ويو يا وري زمين ڳهي ويو؟ ڇا ٿيو هن جهاز سان.؟ ايڏي ايڊوانس ٽيڪنالوجي ۽ جديد دور جي هوندي هڪ سڄي ساري جهاز جو سوين مسافرن ۽ عملي سان گم ٿي وڃڻ وڏو معمو آهي..!
    26 ملڪن جي گڏيل سرچ آپريشن بعد به ڪو واضح سراغ ته نه مليو آهي پر ڪجهه نوان اطلاع آهن جن هن معاملي کي ڪجهه قدر آسان ڪيو آهي..
    پهريون نقطو:
    جنهن ڏينهن جهاز گم ٿيو هو، ان ڏينهن ٿائلينڊ جي ايئر ڪنٽرول عملي پنهنجي راڊار تي معمول جي پروازن کان هٽي ڪري هڪ جهاز جا سگنل وصول ڪيا هيا. پر ان وقت ٿائيلينڊ سان ملائشيا حڪومتي طور تي رابطو نه ڪيو هو. ان ڪري ٿائيلينڊ ان ڳالهه کي عام ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.


    ٻيون نقطو:
    هندي سمنڊ جي وچ ۾ ۽ مالديپ جي ڏکڻ پاسي هڪ جزيرو ڊيگو گارشيا (Digo Garcia) نالي سان آهي. اهو جزيرو برطانيا جي ملڪيت آهي پر آمريڪا کي هڪ معاهدي تحت ڪرائي تي ڏنل آهي. ان جزيري تي آمريڪي بحريه جي هڪ ڇانوڻي (نيول بيس) ان تي موجود رَن وَي هڪ بوئنگ 777 جهاز جي لينڊنگ لاءِ به ڪافي آهي.
    ان جو هڪ پروگرام (سميوليٽر) ملائيشيا جي گم ٿيل جهاز جي هڪ پائليٽ جي گهران هٿ ٿيو آهي. اهو سميوليٽر پروگرام هڪ ڊوائيس مان مليو آهي، ملائيشيا جي پوليس گم ٿيل جهاز جي پائليٽ زهري احمد شاهه جي گهر تي ڇاپي دوران ٻي ڊيٽا سان گڏ اهو ڊوائيس پڻ حاصل ڪيو آهي.
    ان سميوليٽر ۾ ڊيگوگارشيا جزيري تي بوئنگ 777 جهاز جي لينڊنگ ڪرڻ جو سڄو طريقو پريڪٽس سميت موجود آهي. پوليس ان سميوليٽر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي جنهن مان ڪيتري ئي اهم معلومات ملڻ جي اميد آهي.
    مالديپ جي هڪ نيوز ويبسائيٽ (هاويرو) اکين ڏٺل شاهدن جي جي حوالي سان دعوا ڪئي آهي ته انهن هڪ وڏي جهاز کي هيٺئين سطح تي پرواز ڪندي ان جزيري طرف ويندي ڏٺو آهي. مالديپ جي ٻئي جزيري (ڪيوڊاهيواڊو) جي رهواسين دعوا ڪئي آهي ته جنهن ڏينهن ملائيشياجو جهاز گم ٿيو هو، ان جي ٻئي ڏينهن صبح جو هنن هڪ جهاز کي ڏٺو هو، جنهن تي گم ٿيل جهاز جي وانگر ڳاڙهيون پٽيون لڳيل هيون ۽ اهو شمال کان جنوب مشرق طرف وڃي رهيو هو. ڪيترن ئي اکين ڏٺل شاهدن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته ان سطح تي اتي ڪڏهن اسان ڪنهن جهاز کي پرواز ڪندي ناهي ڏٺو ۽ ان جهاز جو آواز به تمام گهڻو هو. اهو ڪو سامونڊي جهاز ڪونه هو پر هڪ بوئنگ طيارو ئي هو.
    ملائيشيا جي وزيرِ دفاع اهو چيو آهي ته پائليٽ پرواز تي وڃڻ کان پهرين پنهنجي گهر تي موجود فلائيٽ سميوليٽر مان سڄي ڊيٽا ڊليٽ ڪئي هئي جنهن کي اسان ٻيهر ريڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پر ان هوندي به جيستائين صورتحال واضح نه ٿئي اسان ان پائليٽ کي بيگناهه ئي سمجهون ٿا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو به نئون رخ ... ڏسون ته ڳالهه ڪٿي ٿي دنگ ڪري
     
  3. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    اهو نئون رخ ڪجهه لاجيڪل لڳي ٿو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بي بي سي جو اهو تجزيو نظر مان گُذريو هو. انهن سڀني ڳالهين کي مدِ نظر رکندي هڪ تجزي جيڪو مسٽر ايڊمز ڪيو ۽ مون کي وڻيو اهو اِهو آهي ته جهاز ڪِٿي به هُجي پر سڄي دُنيا ڪَور ڪندڙ ريڊارز کان ڳُجهو نه هوندو. ڀلي کني اهِو لِڪايو ويو هُجي يا تباهه ٿي وڃي سمنڊ يا جبلن ۾ ڪٿي ڪِري پوي. انهيءَ بنيا تي مون هڪ آرٽيڪل به لکيو جيڪو هتي ونڊ به ڪيو هئم ۽ اڄ ڪاوش مڊويڪ ۾ به ڇپيو هيو.
    پر جيئن مٿي لنڪ ڏِنل بي بي سي جي لنڪ ۾ لکيل آهي ته انهيءَ علائقي جا ريڊار ڪم نه ٿا ڪن ۽ پائلٽ جي گهران به ڪُجهه اهڙو مليو آهي ته پوءِ واقعي اهو نئون رُخ ٿي سگهي ٿو. بهرحال اهو طئي آهي ته جهاز جي گُم ٿيڻ کان وٺي ان جو پتو پوڻ تائين جي قِصي جو ڊراپ سين انتهائي حيران ڪندڙ هوندو. ڇو ته جيستائين ڪمال ڪاريگري نه هُجي يا ڪا وڏي طاقت هڪ جهاز لڪائڻ ڪا راند ناهي.

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو