دوستو چوندا آهن ته! هر انسان کي سڀ معلومات نه هوندي آهي. پر سڀ ڪنهن وٽ ڪا نه ڪا معلومات هوندي آهي ء اها به حقيقت آهي ته علم ورهائڻ سان ئي وڌندو آهي مهرباني ڪري وڌ کان وڌ ٽپس سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪيو.
سڀ کان پهرين توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چوان ٿو. ۽ گڏوگڏ توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته بهتر ٿيندو. سچ ٿا چئو ته بلڪل ، جيڪڏهن سڀ علم هڪ ئي شخص وٽ هجي ته ان وٽ تڪبر اچي ويندو آهي ۽ تڪبر وري ساڳئي عالم انسان کي جاهل ڪري ڇڏيندو آهي. اسان کي به جيترو ڪجهه علم آهي سو سنڌي ڀائرن تائين پهچائڻ لا ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سنڌ سلامت ويبسائيٽ تي توهان کي کوڙ سارا عالم ( ڄاڻو .. ماهر ) ملندا... پر ادا هڪ ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهن کي شوق مڙئي گهٽ آهي جو پُڇن ته وس آهر هر ڪو پنهنجو پنهنجو علم ظاهر ڪري سگهي ۽ ٻين تائين پهچائي. ان سان سندس علم ۾ به واڌارو ايندو.
اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار. ڪوشش رهندي آهي ته دوستن سان وڌ کان وڌ ڄاڻ ۽ ڪمپيوٽنگ ٽپس به شيئر ڪجن. اوهان سنڌ سلامت جي ڪميوٽنگ ٽپس، فيسبوڪ ۽ ٻين سيڪشنن ۾ گهمي اهي ٽپس پڙهي سگهو ٿا. ڪٿي ڪا مونجهه ٿئي يا ڏکيائي ٿئي ته پڇڻا منجهڻا سيڪشن ۾ پڇو ... دوست اوهان جي مدد ڪندا.
ڀليڪار سنڌ سلامت تي اسين ٽپس شيئر ڪندا رهنداسين.جيڪو اسان وٽ علم هوندو اهو ضرور توهان تائين پهچائينداسين
سڀ کان پهرين توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چوان ٿو. ۽ گڏوگڏ توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته بهتر ٿيندو.