• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي رهنمائي ڪيو

بيوس بنگلاڻي

سينيئر رڪن
1ـ پيارا دوستو ـ مون هڪ سنڌي ڪتاب تي تبصرو لکيو آهي جنهن ساگڏ ڪتاب جو فوٽو ڪيئن شامل ڪجي فوٽو مون وٽ اسڪين پڻ ٿيل آهي ؟
2ـ ڇا ٻي ڪنهن ڪتاب تان ڪا تحرير اتاري سنڌ سلامت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي انهي ڪتاب جو حوالو پڻ شامل ڪيو ويندو ؟
3ـ ڪجھ وقت پهرين هت سنڌي لنڪ بات پڙهيو هوم انهي جو لنڪ ڪيئن ڳوليان ؟
4ـ مونکي سنڌ سلامت جو ڪيلنڊر کپي ؟
بيوس بنگلاڻي
HaqMojood
 
جواب: منهنجي رهنمائي ڪيو

ادا بنگلائي ڀاء سڀ کان اول اوهانکي هن فورم تي ڀلي ڪار چئون ٿا اوهان ڪنهن به ڪتاب تان اصلاحي ، معلوماتي ، اسلامي ۔ سائنسي ۔ تفريحي معلومات ڪتاب جي حوالي سان فورم تي شيئر ڪري سگهو ٿا بلڪ اها تمام بهتر ڳالهه آهي جو اوهان پنهنجي سنڌي ڀائرن کي معلومات فراهم ڪري انهن جي معلومات ۾ اضافوڪرڻ چاهيو ٿا ۔ باقي ڪتاب جي تصوير اوهان imageshack.uk تي اپلوڊ ڪري پوء ان جي لنڪ فورم تي لڳايو جيڪڏهن پورو ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ چاهيوٿا ته scribd.com تي وڃي پهريائين فري ۾ اڪائونٽ ٺاهيو بعد ۾ ڪوبه ڪتاب اتي اپلوڊ ڪري پوء اهو به فورم تي شيئر ڪري سگهو ٿا ۔
 
جواب: منهنجي رهنمائي ڪيو

1ـ پيارا دوستو ـ مون هڪ سنڌي ڪتاب تي تبصرو لکيو آهي جنهن ساگڏ ڪتاب جو فوٽو ڪيئن شامل ڪجي فوٽو مون وٽ اسڪين پڻ ٿيل آهي ؟

في الحال فورم تي سڌو سئون اپلوڊ ڪرڻ کي روڪيو ويو آهي ان ڪري اميج شيڪ جي سهولت رکي وئي آهي ۔۔۔ ان سلسلي ۾ هتي ڪلڪ ڪري تحرير پڙهي وٺو۔۔۔

2ـ ڇا ٻي ڪنهن ڪتاب تان ڪا تحرير اتاري سنڌ سلامت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي انهي ڪتاب جو حوالو پڻ شامل ڪيو ويندو ؟

بلڪل ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ جي حوالي سان تحرير موڪلي سگهجي ٿي۔۔۔

3ـ ڪجھ وقت پهرين هت سنڌي لنڪ بات پڙهيو هوم انهي جو لنڪ ڪيئن ڳوليان ؟
سنڌ سلامت تي موجود ڪنهن به تحرير کي فورم لوگو جي هيٺان موجود گوگل ڪسٽم سرچ ۾ لکي ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو توهان جي مطلوبا تحرير هيٺان ئي ظاهر ٿي ويندي۔۔۔

4ـ مونکي سنڌ سلامت جو ڪيلنڊر کپي ؟

ادا ان سلسلي ۾ توهان کي گذارش ڪجي ٿي ته عمر ڪوٽ ۾ ئي محترم عاجز سمون سان رابطو يا هتان ذاتي پيغام موڪليو۔۔۔۔


بيوس بنگلاڻي
HaqMojood

محترم بيوس بنگلاڻي ۔۔ توهان جي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ تي سرهائي ٿي۔۔۔ اميد پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائيندو ۽ بحثن ۾ حصو وٺڻ کانسواءِ پنهنجي علم سان به دوستن کي فائدو رسائيندو۔۔۔
 
Back
Top