اسلام و عليڪم دوستو اميد ته توهان سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا دوستو مائڪرو سافٽ وارن جي طرفان هڪ فري اينٽي وائرس متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن کي مائڪرو سافٽ سيڪيورٽي اسينشل جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دوست پهرين به اهو سافٽ ويئر ونڊ ڪيو هجي پر منهنجي نظر مان نه گذريو آهي تنهن ڪري سوچيم ته ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي ته دوستو حاضر آهي سافٽ وئير هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو http://windows.microsoft.com/en-us/windows/security-essentials-download انسٽال ڪرڻ کان پو ان کي اپڊيٽ ڪريو پو توهان پنهنجي سسٽم کي اسڪين ڪري سگهو ٿا
تمام دوستن جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۽ گل سومرو صاحب مونکي اهڙي ڪا شي نظر ته نه آئي هن ۾ جيڪا اوريجنل ونڊوز جي گهرج ڪندي هجي ڇو ته ڪافي دوستن کي مان ان اينٽي وائرس جو مشورو ڏنو هو ۽ انهن سڀني وٽ انسٽال ٿي ويو هو
يقينا انهن دوستن وٽ اوريجينل يا ايڪٽيويٽيڊ ونڊوز هوندي تڏهن انسٽال ٿيو آهي، اڄڪلهه جيڪي اميجز انٽرنيٽ تان ملن ٿا ونڊوز جا يا مارڪيٽ ۾ ملندڙ سڀ سي ڊيز ڊي وي ڊيز ايڪٽيويٽيڊ هونديون آهن، ان ڪري انهن تي آساني سان انسٽال ٿي وڃي ٿو. اگر توهان ڪنهن اهڙي ونڊو تي انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪا اوهان کي ايڪٽيويشن لا چوندي هجي ايڪٽيويٽيڊ نه هجي ته ان تي مائڪروسافٽ سيڪيورٽي اسينشل ٿيڻ کان انڪار ڪندو. مان ڪافي عرصي کان استعمال ٿو ڪريان. ونڊوز ايڪس پي، وزتا ۽ سيون لا. مگر ونڊوز 8 ۾ اهو بلٽ ان آهي الڳ سان انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. مان ونڊوز 8.1 ۾ استعمال ٿو ڪريان.