اڄ ويهين مارچ جو ڏينهن سنڌ جي هڪ نهايت قدآور هستي جي شهادت جو ڏينهن آهي جنهن ڪوڙن ڪائنر انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ حر مجاهد فورس جو بنياد وڌو . ان سوريھ بادشاه جي قيادت ۾ حرن سانگهڙ ضلعي کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهي گورن کي سنڌ ڌرتي ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت گرفتارين تي اف نه ڪيو ۽ نه ئي انڊيا جي جيلن ۾ قيد جي سزا ٻڌي هنن جا حوصله پست ٿيا. حر تحريڪ جي نتيجي ۾ دنيا جي پهرين ڪونسنٽريشن ڪيمپ سنڌ ڌرتي تي ٺهي ۽ سنڌين اهڙي ته جنگ جوٽي جنهن جو ذڪر اڄ به اوڪسفَرڊ يونورسٽي جا پروفيسر پنهنجن مضمونن ۾ ڪن ٿا. گورن جي عقيدي ۾ عورت ۽ غير گوري چمڙي رکندڙ خلق انسان ناهي، سو هو ان ڪري ڇتا هيا ته هن ڪاري غير انساني مخلوق جي اها مجال ته هو گوري چمڙي رکندڙن جي خلاف ڪا تحريڪ هلائي ۽ هنن کي اهو چوڻ جي جرعت ڪري ته هو ڪارن جي ملڪ جا حڪمران نه رهن. اڇي چمڙي جي اها ڊيوٽي آهي ته هو ڪاري چمڙي تي حڪمراني ڪري انهن کي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سيکاري ۽ هنن کي ان جي لاءِ اڇن جو تورائتو هجڻ گهرجي! توهان يقين ڪندا ته اڄ جڏهن اسين گورن جي ملڪ ۾ رهون ٿا ته هو اسان ديسين کي اسڪولن ۽ يونورسٽين جا استاد ۽ اوفسن ۾ سينيئر ڪوليگس اهي ئي لفظ چون ٿا! هو ٻين کي ته صرف عورتن کي گاڏي هلائڻ جي آزادي نه ڏيڻ تي وڏا وڏا ڀاشڻ ڏين ٿا پر پنهنجي ملڪ ۾ انسانن سان ڪهڙو سلوڪ ڪن ٿا اهو جيڪڏهن لکنديس ته هي آرٽيڪل سئو صفحن کان مٿي هوندو! مختصر هي ته گورا ملڪ ڇڏي ويا پر سڌريا ڪونه، اڄ آمريڪا ۽ يورپ جي ”سڌريل“ ملڪن ۾ پنهنجن گورين عورتن کي مرد جي مقابلي ۾ ستر سيڪڙو پگهار ڏني ويندي آهي ڇو ته هو عورتن جي برابر نٿا سمجهن ۽ ان ڪري انگريزي ۾ هيومون رائيٽس ۽ وومنس رائيٽس ٻه الگ الگ لفظ آهن! ديسين مردن ۽ عورتن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته هو پنهنجا طور طريقا ۽ مذهبي عقيدا وساري ڇڏين، ان جي نتيجي ۾ هتي ويٺل چيني، انڊين، پاڪستاني، ويٽنامي، فلِپينو، ملئي، هسپانوي ماڻهو وڌيڪ پنهنجي ثقافت کي چمبڙي پيا آهن. ورهاڱي کان اڳ گورا حڪمران ڪهڙي قماش جا ماڻهو هئا اهي قصو ته توهان پنهنجن وڏن کان ٻڌو هوندو پر هاڻي گورا ديسين سان ڪهڙو سلوڪ ڪن ٿا اهو توهان کي گهٽ خبر هوندي، ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه سميت يورپ ۾ سنڌين جي تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهي، اتي گهڻو ڪري پنجابي آباد آهن جن کي اتي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي لکن جي تعداد ۾ موڪليو ۽ ان ڪري پنجابي سان ملندڙ زبان پهاڙي ڳالهائيندڙ پاڪستاني ڪشمير جي مير پور ۽ ڪوٽلي ضلعن ۾ خوشحالي اچي ويئي پر ان سان گڏ پنجابي قوم ۾ ٻاهرين دنيا بابت اويئرنيس وڌي وئي. سو پنجاب ۾ گورن جي ناسي ۽ ڪاري رنگ جي ماڻهون سان ورتاءُ جون داستانون پنجاب جي گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ عام آهن پر سنڌي عوام عرب ملڪن ۾ ڪم يا ڪاروبار ڪندڙ غير سنڌين جي عرب ڪفيلن جي ورتاءُ کان ته بيزار آهي پر گورن جي نهايت ڪريل، چڙ ڏياريندڙ بد تميزين کان گهڻي ڀاڱي اڻ واقف آهن ۽ ابتو وري هنن کي تمام پڙهيل ۽ مهذب قوم سمجهيو ويٺا آهن. جيڪي ماڻهو گورن ملڪن ۾ ٽيھ سالن کان ويٺا آهن انهن جي دل چاهي ٿي ته هو ڪيئن به ڪري دنيا تي گورن جي حڪومت جو خاتمو آڻين ته گهٽ ۾ گهٽ هنن کي کُلي ڳالهائڻ جو ته حق ملي! هي ”انساني حقن “ جا علم بردار گورا اهڙا ته ڪوڙا ۽ مڪار آهن جو رحمان ملڪ وڃي پنهنجي گهر ويهي. هتي اوفس ۾ ۽ ٽي وي تي توهان جي مقدس جاين، توهان جي رهڻي ڪهڻي، ڪپڙن جي سلائي، کاڌ خوراڪ، ٻولي، انگريزي جي اچار، غربت جي لڪير کان هيٺ هجڻ ،هر شئي تي سخت ٽوڪ ۽ چٿر روز جو معاملو آهي. ان کان علاوه غير گورن ٻارن کي ڪنهن به طريقي سان اعلي سطع تي پروموشن ڏيڻ مشڪل ئي نه پر نا ممڪن آهي. توهان کي جيڪو ڪم سيکارڻ ۾ سالن جا سال لڳائيندا ۽ پروموشن ويھ سالن تائين نه ڏيندا پر هڪ جونيئر گوري کي نوڪري تي رکي پوءِ ڇهن مهينن اندر توهان جي مٿانهين پوسٽ تي آڻي ويهاريندا! توهان ڪجھ چيو ته نوڪري وئي. گورو جيڪا ڳالھ ڪري چاهي اها ڪيتري به بيوقوف هجي توهان کي ڪنڌ ها ۾ لوڏي ان جي تائيد ڪرڻي آهي، مخالفت ڪرڻ جي گنجائش ناهي. توهان پنهنجو کاڌو خاص ڪري مصالحي وارو ٻوڙ اوفس يا يونورسٽي جي مائيڪرو وئيو اَون ۾ گرم ڪيو يا هٿ سان ماني کاڌي ته انتهائي بدتميزي سان پيش ايندا ۽ گٿا لفظ ڳالهائيندا، چاهي عورت هجي سامهون يا مرد، ڪو خيال ڪونه ڪندا. ان جو ڪارڻ هي آهي ته هو چاهين ٿا ته توهان گورن جو مذهب ۽ ثقافت اپنايو ۽ پنهنجي ٻولي ڇڏي صرف انگريزي ۾ ڳالهايو ۽ غلامي کي مڪمل تسليم ڪيو. اهو ئي ريِزن آهي ته هو توهان جي ملڪ جي ڪرپٽ ترين ماڻهو کي ڳولي توهان مٿان حڪمران ڪري ٿاڦين ٿا ۽ اليڪش جو ڍونگ رچائي اصل ۾ سليڪشن ڪرائين ٿا. مسلسل قرض ڏئي ”احسان“ ڪن ٿا، جيڪو پئسو ڏين ٿا ان جي مٿان من پسند وياج مڙهين ٿا. جڏهن اهي ڪرپٽ حڪمران اهو پئسو پنهنجي سوئس بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وري پنڻ آمريڪا اچن ٿا هتان جي حڪومتي اهلڪارن جي چهري تي خوشي جي لهر ڇانيل هوندي آهي. وري قرض ڏئي هنن کي غريب هجڻ جا طعنا ڏيئي ڪجھ ارب ڊولر خيرات ڏيئي روانو ڪري پنهنجا ڳرا پر پراڻي هٿيار وڪڻي ناڻو ڪمائين ٿا ۽ توهان جي لوڪل ميڊيا کي خريد ڪري ان کي پنهنجي وڏ پڻي بيان ڪرڻ جي هدايت ڪن ٿا ته عوام کي ٻڌائين ته گورا هنن جي ڪهڙي ريت خدمت ۾ رڌل آهن . ان کان علاوه پنهنجي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي آڻي توهان جي ملڪ ۾ کربين ڊولرن جو ناڻو هر سال پنهنجي ملڪن ۾ منتقل ڪن ٿا، خدا نخواسته ڪو زلزلو اچي يا ٻي ڪا قدرتي آفت اچي وڃي ته امداد ڏيڻ جي عيوض ننڍن شهرن ۾ پنهنجا گورا مشنري موڪلي غير مسلمانن کي عيسائي ٺاهي پاڻ ۽ انهن نو عيسائين پاران جاسوسي جا فرائض انجام ڏين ٿا. ان ڪري ڪجھ سان اڳ انڊيا جي ماڻهن مشنريز کي ملڪ بدر ڪيو هيو. انڊيا تي هن وقت ٿورو هٿ پيو ڦيرجي ته جيئن هن کي پاڪستان مٿان عالمي چوڌري جو ڪمدار ڪري ويهارجي ته پاڪستان جي حڪومت جيڪا اڳي ئي صرف ڊو مور ٻڌڻ جي عادي آهي ۽ پئيسا وٺي پئي غلامي ڪري ان تي ٿورو داٻو رهي. ان ڪري توهان آمريڪا جي ڪجھ ڪمپنين ۾ انڊين ماڻهن کي اعلي عهدن تي فائز ڏسندو، لوئيزيانه رياست جو گورنر بوبي جندال هڪ آمرڪا ڄائو انڊين آهي،. ان کي ڏسي هڪ انڊين مائي به سياست ۾ پير پائڻ ارادو ڪيو پر کيس پنهنجو هندو مذهب ڇڏي عيسائيت اپنائڻي پئي ۽ نالو به گورن وارو رکڻو پيو ڇو ته هو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي ته آمريڪا جا ماڻهو هڪ غير عيسائي کي گورنر ٿيڻ ڪونه ڏيندا يا ميئر جي عهدي ته به ڪون چونڊيندا. ماڻهون کي ان مائي کان بدظن ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر جي گوري اميدوار ان ڳالھ کي اڇاليو ته هي مائي گوري چمڙي واري نه آهي هن کي ووٽ نه ڏجو، ناسي نسل جي باري ۾ ڪافي نازيبا لفظ استعمال ڪيائين پر ڪنهن به ان مٿان نسل پرستي جو ڪيس نه ڪيو. لوئيزيانه جو گورنر بوبي جندال ڄائي ڄم کان انڊيا جي هڪ عيسائي خاندان جو فرد آهي سو ان سان اهو مذهب وارو چڪر ڪونه ٿيو. نيويورڪ ٽائمس اخبار جي سينيئير رپورٽر چواڻي انڊيا کي نوازڻ جي پولسي ان ڪري جوڙي وئي آهي ته هو خطي ۾ اسلام جي پوئلڳن لاءِ هڪ غير گوري مثال بڻائي پيش ڪجي ۽ مسلم ملڪن جي عوام کي بارود جي بوءِ سنگهائي اهو ثابت ڪجي ته توهان جو مذهب بي معني آهي ڇو ته توهان ته انڊيا کان به گهٽ ترقي يافته آهيو. هن وقت آمريڪا جي خلائي اداري نيسا جو ٽيھ سيڪڙو اسٽاف انڊين آهي ۽ تازو ئي ڪمپيوٽر جو سوفٽ ويئر ٺاهيندڙ جڳ مشهور گڻنگ ڪمپني مائيڪرو سوفٽ پاران انڊيا ڄائي ستيه نديلا کي ڪمپني جو سي ايِ او ڪيو ويو آهي. حرن جي سانگهڙ واري هيڊ ڪوارٽر گڻنگ بنگلي تي هوائي جهازن سان بمباري ڪندڙ قوم اڄ به سنڌ ڌرتي تي پنهنجي اسلام آباد ۾ ويٺل حوارين ذريعي حڪومت ڪري پئي، اسلام آباد ڇا شئي آهي پر هاڻ ته ٽيڪنولوجي جي ذريعي سڄي دنيا جي ماڻهن تي حڪومت ڪري پئي ۽ ماڻهن جي گهر اندر گهر ويٺي جهاتي پائي ڏسي ويٺي ۽ کيس روڪڻ لاءِ ڪوبه پاڻ ۾ همت نٿو ساري. روضي ڌڻي جي اولاد کي ڦاسي ڏيندڙ فزيڪلي ته هن ملڪ ۾ ناهن رهيا پر هاڻ پنهنجي پراڻي ويڙهايو ۽ حڪومتي ڪريو واري پولِسي کي ٿورو موڊِفاءِ ڪري نئين پولسي جوڙي اٿن يعني منجهايو ۽ حڪومت ڪريو ، انگريزي ۾ ” ڪنفيوز اينڊ ڪونڪر“. روضي ڌڻي جهڙن درويشن جي ڪري سنڌ ڌرتي هيل تائين پنهنجو هڪ مقام رکيو پئي آئي پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بيڪار حڪمراني ڪرپشن جي اعلي مثالون قائم ڪري سنڌي قوم کي به ان جو عادي ٺاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ قوم کي غلامي ۾ خوش رهڻ جا ڀاشڻ ڏنا پيا وڃن جيڪي ٻاهر ويٺلن جي اندر ۾ وڍ پيا وجهن. دعا آهي ته وري ڪو روضي ڌڻي پئدا ٿي هن مرده قوم ۾ جان وجهي جيئين حضرت منهنجي هڪ تڙ ناني جي اندر ٻاروتڻ ۾ جان وڌي هئي. اڄ ڪلھ جي دور ۾ گورن جي پڙهائي ڪندڙن کي شايد هي افسانو لڳي پر هي حقيقت آهي. هي ان زماني جي ڳالھ آهي جڏهن سنڌ ڌرتي جي شان روضي ڌڻي پاڻ زنده هئا ۽ پنهنجي مريدن جي گهر اچي کين ملاقات جو شرف بخشيندا هئا. هو هڪ ڏينهن اسان جي گهر تشريف کڻي آيا ته پينگهي ۾ هڪ ٻار پنهنجا آخري پساه کڻي رهيو هو، روضي ڌڻي منهنجي تڙ ناني جي امڙ کي ٻار پينگهي مان ڪڍي آڻڻ لاءِ چيو. ٻار کي هنج ۾ کنيائيون ته هڪ جهرڪي اچي مٿان ڪري مري وئي ۽ روضي ڌڻي سرڪار فرمايو ته الله کان پني هن جهرڪي جو ساه هن ڇوڪري ۾ وجهيو ٿو وڃان. اهو ٻار جنهن جو پيدائشي نالو ته الله بخش هو پر هو ماڻهن ۾ ڳاڙهي فقير جي نالي سان مشهور ٿيو., وڏو ٿي هڪ تمام وڏو بزرگ ٿيو ۽ سائين سمن جي برابر درويشي جو رتبو ماڻيائين ۽ سمن سائين جا هم عصر هو. روضي ڌڻي سرڪار هن مريد جي صرف ايتري مدد ڪانه ڪئي هئي پر وڏو ٿين کان پوءِ هڪ حاسد فقير الله بخش کي زنده ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئ، ۽ کيس فراڊ قرار ڏيئي گٿا لفظ چيا هيا ڇو ته هي درويش مهينن جا مهينا ماني ڪونه کائيندا هيا ۽ ڪنهن جي دعوت قبول نه ڪندا هياپر نيڪ ماڻهو جي گهر جي ماهي کائيندا هيا. گهر جي بدران قبرستان ۾ رهندا هيا. سال ۾ هڪ دفعو گهر ايندا هيا. هڪ دفعي سنياسين سان نڪري ويا ۽ سون ٺاهڻ سکي هڪ سر سچي سون جي ٺاهي رڻ پٽ ۾ رکي آيا ۽ اچي سڄو قصو ڀاءُ جي گهر ۾ ڪيائون، تنهن تي ڀاڄائي چيس ته ادا اها سر گهر ڇو نه کڻي آيا آهيو، تنهن تي چيائين ”دوزخ جي باه ڪير پاڻ سان کڻي، مون ايئن رکي آهي جو ڪنهن بيوه کي هٿ ايندي ته وڃي وڪڻي پنهنجي ٻچن جي لاءِ ان وٺندي. ٻي ڪنهن کي اها سر هٿ نه ايندي“. سو هڪ ڏينهن هو عمرڪوٽ ضلعي جي ٽالهي تعلقي جي هڪ ڳوٺ رهمور ۾ مائي ڪريمه نالي هڪ نيڪ ذات جي ڪنڀارعورت جنهن کي ڀيڻ ڪري ڪوٺيندا هيا ۽ ان جي گهر اچي ترسيا. هو هڪ بيوه عورت هئي ۽ دعا ڪرائيندي هئي ته هن جو پٽ وڏو ٿي سٺا ٿانو گهڙي ته جيئن گهر جي غريبي پري ٿيئي. سو ڳوٺ رهمور جي هڪ بدبخت ڪمدار حسد ۾ اچي وڃي ڳوٺ جي وڏيري جا ڪن ڀريا ته سائين هي شخص هڪ بيوه عورت جي گهر ۾ مهمان ٿي اچي ٿو ۽ هي فراڊ آهي سو هن کي هتان ڪڍو. وڏيرو جيڪو هو به ذات جو سيَد ڳالهين م اچي ويو ۽ درويش الله بخش کي افطار جي دعوت ڏنائين (ڇو ته اهو رمضان شريف جو مهينو هو) جيڪا فقير رجيڪٽ ڪئي ته هن کي انتهائي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ چيائين ته ”جي تون ايڏ ڪامل آهين ته مان باه جي آڙاه ٺهرايان ٿو ان ۾ گهڙي ڏيکاريندين؟“ فقير کي ڪجھ جوش اچي ويو هن هاڪار ڪئي، سيد سمجهيو هي ٻٽاڪ پيو هڻي، هن جي ٽيسٽ وٺڻ لاءِ سچو گيه گهرائي هڪ ايڪڙ ۾ سچ پچ آڙآه ٺهرائي وڌائين. سو جڏهن باه ٻري راس ٿي ته الله بخش فقير سيد کي ٻانهن کان جهلي چيائين ته ”سائين توهين سيد آهيو، رسول الله صه جي اولاد، مان ڪپري ڪپري جو پٽ، هلو ته گڏجي اندر گهڙون“، سيد وڃي پري بيهي رهيو ۽ وراڻيائين ”هي چريو مون کي ساڙڻ ٿو گهري“. ان تي فقير الله بخش بسم الله الرحمان رحيم پڙهي اندر گهڙي ويو. سڄي ڳوٺ هي لقاءُ پئي ڏٺو سو هر طرف هاءِ گهوڙا مچي ويئي ته خون ٿي ويو. پر روضي ڌڻي جو هي مريد جڏهن باه وسامڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتو ته سندس سائو جبو باه جي تپش جي ڪري لال ٿي چڪو هو ۽ چهري تي پاڻي جا ڇنڊا هئا. اهو ڏسي وڏيري جون وايون بتال ٿي ويون.پهرين ته پيرن تي ڪري معافي گهريائين، جيڪا هن الله جي بندي ان وقت ئي ڏيي ڇڏي پوءِ کانئس پڇيائين ”توهان جو نالو ڇا آهي“، جواب مليو ”الله بخش“. وڏيري چيس ته ”اڄ کان توهان جو نالو آهي ڳاڙهو فقير “. سو ان ڏينهن کان سندس ان نالي سان ئي ڪوٺيو وڃي ٿو. پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن سندس ڀاءُ کي خبر پيئي ته هو روئيندو آيو ۽ پڇيائين ته ادا مون ٻڌو آهي ته تو کي ڪنهن باه ۾ وڌو، تنهن تي وراڻيائين ”رو نه مان ته باغن ۾ ويٺو هيس، باه مون کان پري هئي، منهنجي کاٻي پاسي کان روضي ڌڻي ۽ ساڄي پاسي کان نبي ڪريم صه خود بيٺا هيا ۽ منهنجي چهري تي پاڻي جا ڇنڊا هڻي رهيا هئا“. سندن وفات جو قصو به انتهائي عجيب آهي. هڪ ڏينهن اوچتو گهر اچي چيائون ته ”مان هت مرڻ آيو آهيان“. ان تي سندن ڀاڄائي چيو ”فقير سٺي وائي ڪيو“، کيس ورندي ڏنائين ته ”سڀاڻي منهنجي مرڻ جو ڏينهن آهي پر ڀائٽي جي شادي ڏسڻ لاءِ ڏه ڏينهن جي مهلت گهري اٿم، جي سڀاڻي فجر جي نماز وقت ڪير اچي اهو چوي ته ڳوٺ جي کوه ۾ ڪا پاڻي ڪڍڻ واري لوٽي ڪري پيئي آهي ۽ توهان پنهنجي ڇوڪريءَ جنت کي چئو ته هو اها ڪڍي ڏي ته سمجهي وڃجو ته منهنجي درخواست نا منظور ٿي وئي آهي، جي ايئن نه ٿيو ته مان اڃا ڏه ڏينهن ٻيا زنده رهندس“. صبح جو اچي ڪنهن سڏ ڪيو ۽ ايڪزيڪٽ اهي لفظ اچي چيا. گهر ڀاتين کان اوڇينگار نڪري وئي، وڃي سندن چادر هٽايائون ته هو مالڪ ڏانهن پرواز ڪري چڪا هئا. سندن وصيت مطابق کين ڪنري جي آبائي قبرستان بيبي مٺي ۾ دفنائڻ بدارن ويھ کن ميل پري سخي شرف الدين قبرستان ٽالهي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ڇو ته هنن چواڻي بيبي مٺي قبرستان ۾ اهڙا ماڻهو به دفن آهن جيڪي آپگهات ڪري مئا آهن ۽ انهن جون دانهون هنن جي ننڊ ڦٽائينديون! ان زماني ۾ ڪار ته ايجاد به ٿي هئي، هنن وصيت ڪئي ته سندس مڙه کي اٺ تي ٻڌي سخي شرف الدين قبرستان ۾ وڃي اٺ جي مهار ڇڏي ڏجو، جتي اٺ ويهي رهي ان جاءِ تي مون کي دفنائجو. سو اييئن ڪيو ويو. جيئن ئي گهر ڀاتين دفنائي لاٿو ته درويش جا ڪجھ ولي الله دوست ڊوڙندا آيا ۽ ايندي شرط پڇيائون ”هي جاءِ توهان کي ڪيئن خبر پيئي، فقير اسان کي اها جاءِ ڏيکاري هئي پر اسان سمجهيو ته توهان اڻ ڄاڻائي ۾ کين غلط هنڌ نه دفنائي ڇڏيو سو اسان کي جيئن ئي اطلاع مليو اسين ڀڳاسين“. کين ٻڌايو ويو ته فقير هيئن اٺ جي مهار ڍري ڇڏڻ لاءِ چيو هو سو اسان ايئن ڪيو. ان تي بلاراڻي خاندان جا اهي دوريش زاروقطار روئڻ لڳا ۽ سندن وات مان هي لفظ نڪتا ”واه ڳاڙها فقير واه“ سو اڄ ان بلاراڻي فقيرن جو اولاد ڳاڙهي فقير جي مزار تي وڃي هر سان ديڳون لاهيندو آهي. هي واقعو تمام ڊگهو آهي پر هتي مختصر بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌي قوم جيڪا ٻين جي ديکا ديکي ۾ اچي پنهنجو وقار وڃائيندي پئي وڃي ان کي اهو احساس ٿيئي ته هو هڪ عاليشان ٽريڊيشن جا مالڪ آهن. صرف قوم جي جاڳڻ جي دير آهي ۽ ڪاميابي سندن قدم ۾ هوندي. گورن جي دور کان شروع ڪيل ڪرپشن ختم ڪيو، ايمانداري عام ڪيو ۽ الله وارن سان رجوع ڪيو. انگريزي تعليم ڀلي حاصل ڪيو پر اهو ياد رکو ته انگريز توهان جي روحاني طاقت جي اڳيان ڪجھ ناهن. روزاني عوامي آواز جي ويب سائيٽ تان ورتل
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا .