• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا آف لائين نقشا ملي سگهندا؟

وحيد سمون

سينيئر رڪن
مان روزانو دادو شهر ايندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن ادا عامر ضيا چارڻ جي نيٽ ڪيفي تي موقعو ملي ويندو آهي ته سنڌ سلامت کوليندو آهيان ۔ ان کانسوا منهنجي دلچسپي گوگل ميپس ۾ به هوندي آهي ڪو ڏس ڏيو ته اهڙا ميپس مان پنهنجي گهر جي ڪمپيوٽر تي ڪهڙي نموني آف لائين کوليان ڇو ته وي وائرليس تي نيٽ جي رفتار گهٽ آهي
 
جواب: ڇا آف لائين نقشا ملي سگهندا؟

گوگل ميپس، وڪي ميپيا، ڪلائوڊ ميپ، ياهو ميپ ۽ اوپن اسٽريٽ ميپ دراصل ويب بيسڊ سروسز ٿينديون آهن ان ڪري انهن کي آن لائين ئي بهتري طريقي سان ڏسي سگهبو آهي۔۔۔۔ پر ان باوجود گوگل تي سرچنگ ڪرڻ سان مون کي هڪ ننڍو سافٽويئر ملي ويو جنهن جي ذريعي اهڙن نقشن (ميپس) کي آف لائين به ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔
هن سافٽويئر جو نالو آهي GMapCatcher جنهن جي ذريعي مٿين سمورين نقشا مهيا ڪندڙ ويب سائيٽس تي موجود نقشن کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ تي محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ بعد ۾ آف لائين specific GUI سان ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔

snapshot.gif

جيڪڏهن توهان نقشي کي پنهنجي هارڊ ڊسڪ تي پاڻمرادو ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته رڳو offline ٽگل بٽڻ کي ان چيڪ ڪري ڇڏيو۔۔۔ نقشي کي آن لائين ڏسڻ کانپوءِ آف لائين پڻ شهر جي نقشي کي نالي، رياست، زپ ڪوڊ ۽ زوم کي گهٽ وڌ سهولت سميت ڏسي سگجي ٿو۔۔۔
ادا وحيد هن سافٽويئر کي هت ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪري چيڪ ڪريو ۔۔۔ ۽ پنهنجي راءِ موڪليو۔۔۔
 
Back
Top