بي خبري جهڙي انسان جي موت ناهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2014۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بي خبري جهڙي انسان جي موت ناهي، جهالت انسان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي. لاشعوري جهڙي انڌائپ ناهي. نفس جي غلامي جهڙي ڪا غلامي ناهي. خواهشن جي پٺيان ڀڄڻ جهڙي ڪا پرستش ناهي.
    گناه سان الله جي ڪائنات ۾ ڪو فرق ناهي اچڻ وارو. گناه خالق کان دوري جو سبب ان لاءِ بڻجندو آهي جو گناه سان ان جي مخلوق کي نقصان رسندو آهي. جتي انجي مخلوق لاءِ تباهي جو سبب گناه بڻجندو آهي اتي ئي انسانجي پنهنجي ذات لاءِ پڻ تباهي جو سبب بڻجندو آهي، انجي بهترين مثال اهي ٿي سگهي ٿي ته تيلي جيسيتائين پاڻ ٻرندي ناهي تيسيتائين ڪنهن شي جي سڙڻ جو سبب ناهي بڻبي. يقينن تيلي جو ٺهي آهي ته اها ٻرڻ جي لاءِ ئي ٺهي آهي اهري ريت انسان جيڪي گناه ڪندو آهي انهن جي گهرج فطرتي هوندي آهي. جي انهن ضرورتن جو استعمال صحيح طرح سان ڪيو ونڇي ته دين ثواب پر جي انهن جو استعمال غلط ڪيو ونڃي ته اهو ئي گناه آهي.
    اڄ اسان جو سماج جنهن ابتري مان گذري رهيو آهي ڪاش جي اسان کي اهو شعور هجي ها ته اسان نجي انساني ، معاشرتي ديني ذميداري ڪهڙي آهي ته اسان هن حالت جو شڪار نه هجون ها.
    اسلام انسان ساززي جو مڪتب آهي نه ڪي گنهگار سازي جو مڪتب آهي.
    دين انسان کي ذميدار بڻائيندو آهي نه ڪي غير سنجيده و غير ذميدار.
    اڄ اسان جي بي خبري اسان کي جنهن طرف ڌڪي رهي آهي اسان جنهن انڌيري کوه جي طرف وڌي رهيا آهيون اسانجيڪي عقيدا قائم ڪيون ويٺا آهيون ان جي ادم معرفت جي بنياد تي اڄ اسان جو نوجوان دين کان بيزار نظر ٿو اچي، هتي هڪ طبقو سائنس جي علم جو هڪ طرف ناڪاري آهي ته ٻئي طرف ان کان زندگي جي سهولتن کان محروم رهڻ به نه ٿو چاهي نتيجو ڇا آهي اهو اوهان مون کان بهتر ڄاڻون ٿا.
    ستمگر جاهل اسان جا حڪمران ڇو آهن جڏهن اسان جي سماج جو اهو حال هجي ته ان وقت اسان جي ڪهڙي ذميدراي آهي؟
    اوهان غور ڪيو ته اوهان جي نسلن ۾ بيماري منتقل ٿي رهي آهي جنهن بيماري کي اسان الله جي طرف جوڙيندا آهين خدا ڄاڻي اڄ سائينس ان تي تحقيق ڪري اهو ٿابٽ ڪري چُڪي آهي اهو اسان جي غير ذميداري جو نتيجو آهي.
    اڄ اسان جي حالت اها آهي ته اسان وٽ پيدائشي معذوري مغرب کان 99 فيصد وڌي چُڪي آهي. ان جو سبب اسان جي سماجي غير ذميداري آهي اسان جي گناهن جو ڪارڻ آهي.
    اوهان ڪڏهن ڊي اين جي تبديلي تي غور ڪري ڏسو اوهان کي معلوم ٿيندو ته اسان جي سوچ اسان جي خوراڪ ان تي ڪيئن اثر انداز ٿيندي آهي.
    ظلم سهڻ سان اسان جي سماج جي ڇا حالت ٿيندي آهي جيڪي قومون سماج ۾ غلام طور زندگي گذارينديون آهن انهن جو انهن جي نسل تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي.
    هڪ صالح انسان جي ڊي اين اي ۽ هڪ غير صالح انسان جي ڊي اين ۾ ڪيئن تبيليون اينديون آهن.
    انسان جي سوڇجو اثر ان جي خوراڪ جو اثر ان جي حڪمراني جو اثر انساني طبعيت ۾ ڪهڙو فرق آنيدي آهي يقينن هڪ باضمير انسان جو سيل ۽ هڪ بي ضمير جو سيل جو فرق انساني سماج ۾ واضع فرق رکي ٿو.
    بيضمير کي غلام ۽ باضمير کي آزاد سڏيو ويو آهي باضمير جو بي ضمير ٿيڻ يا بي ضمير جو باضمير ٿيئڻ ائين آهي جيئن هڪ کاري کوه جو مٺو ٿيئڻ يا مٺي کوه جو کارو ٿيئڻ.
    بس اسان ته اهو سمجهيون ويٺا آهيون ته اسان مسلمان آهيون جنت اسان جي ملڪيت آهي نتيجو اوهانجي سامهون آهي جنهن دين جي جيڪڏهن دنيا تي حڪمراني هجي ها ته اڄ دنيا ۾ عدل و انصاف هجي هي ظلم ميٽجي ڇُڪو هجي ها پر هي حالتِ زار ڏسي ڪري روئندي به شرم ٿو اچي ته اها ئي قوم دنيا ۾ ظلم جي مظبوطي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي يا ظالمن هن قوم جي زريعي سان پنهنجي ظلم کي وسعت ڏني آهي.
    مون پُٺين ڏينهن ۾ هڪ ڳالھ لکي هئي ته ظالم جي يارني ۾ جيترو نقصان ٿيندو آهي ان سان مقابلي ۾ ڏيهن حصي کان به گهٽ نقصان ٿيندو آهي.
    اڄ اسان جو سفر جنهن طرف آهي ان جا اڳيان نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪرندا. بياري، معذوري، بي حيائي، ذلت و روسائي اسان جو مقدر ان لاءِ قرار واقع ٿيئڻي آهي جو اسان پنهنجي خود داري، باضميري، عذت لاءِ اٿڻ جي همت هاري چُڪا آهيون جنهن جو نتيجو ظلم جي چڪي جي مظبوطي آهي ان ظلم جي نتيجي ۾ مذڪوره علتون قوم کي وڪوڙينديون.
    اڃ اسان ڪنهنجي گريبان ۾ وٺي ڪري اها پُڇڻ جي اهليت وڃائي ويٺا آهيون ته هر ٿر ۾ ڏڪر ڇو آهي، هي اسان جا ادارا تباه ڇو آهن، تعليم اسان جو زيور هو اهو ڪئين اسان کي کسجي ويو آهي.
    اسان قومن، مذهبن، برادرين جي وري ڪيئن چڙهيا سين اسان جي انسانيت ڪيڏانهن وئي. اسان جي غيرت و همت و شجائت و باضميري جي ڪهڙي قيمت لڳائي وئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو