خدارا سنڌ جي وڏيرن ته نه ڀاڙيو اهي جن وٽ نوڪريون ۽ داخلائون پنهنجي اولاد ۽ مُنشن لا آهن

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هي ته اوهانجي وس ۾ آهي گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ته تحرڪ آڻيو!
    [​IMG]
    نادرا ڇو نه ڊوميسائل ۽ پي.آري ٺاهي؟ هي وس ۾ آهي گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ته تحرڪ آڻيو!
    خدارا سنڌ جي وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، ڀوتارن، ڪانڀو خانن، ڪامورن، سرمايادارن ته ته هاڻ نه ڀاڙيو اهي ڇو جو اهي به هن قومي جُرم ۾ برابر بلڪه گهڻي ڀاڱي جا شريڪ آهن، هن وقت جيڪي به سنڌ ۽ وفاق ۾ نوڪريون ۽ داخلائون آهن سي سڀ اُنهن وڏيرن يا پنهنجي اولاد ، مٽ مائٽن کي يا پنهنجي پاٿاريءَ جي حفاظت ڪندڙن مُنشين، بورچين، گهر جي نوڪرن، ڊرائيورن کي ڏياريون آهن جن کي هُنن ڪوڙيو ڊگريون به وٺارائي ڏنيون يا ڊگريون هٿ ڪرائي ڏنيون آهن جنهن سان سمجهجي پيو ته سنڌي هڪ جاهل قوم آهي ڇو جو هو ان ڊگريءَ تحت هڪ لائين جو صحيح پئراگراف به نٿا لکي سگهن يا ڪم جي ٺاڻ رکن. ۽ اُهي ئي آهن قومي ڏوهاري آهن سنڌ جاجيڪي پوءِ سنڌ جون باقي مليل نوڪريون کپائين ٿا۽ ڌارين صوبن ۽ مُلڪن سميت لکن رُپين ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ مٿي اُن ڪاموري جي معرفت يا ڊائريڪٽ اُن علائقي جي ايم.پي.اي، ايم يا منسٽر يا سيڪريٽريءَ کي پئسا پُهچائين ٿا ۽ هر آفيس ۽ اداري ۾ غُنڊا نمان سندن ڇاڙتا ويٺا آهن انهن ڪمن لاءِ. پوءِ اهي سنڌ دشمن وڏيرا اسانجي ووٽ سان ڪامورا ۽ ايم اين اي، ايم پي ٿي اسان مٿان مُسلسل ستم لڳاتار ڍائيندا اچن.۽ اسانجي ميرٽ سنڌي جي وچ ۾ به رنڊڪون وجهن ٿا.

    سنڌ جو 95سيڪڙو غريب تبقو خاص طور 60 سيڪڙو وائيٽ ڪالر ،هاڻ بلڪل مجبور ۽ محروم آهي ۽ مجموعي طور تي مُڪمل سنڌ جاهل ترين پئي ٿئي ۽ نئين جنريشن ته ڌاڙيل گيري، چوري، لوفر پائي، سُلفي،۽ ٺري ۽ ڀنگ پيئڻ ۾ مگن آهي ۽ انهن ڪرتن کي ئي فخر ٿي سمجهي ۽ انهيءَ لوفر ڪلچر چينلن جا رائيٽر به گهٽ نه آهن ۽ سنڌ سماج مُڪمل تباهيءَ ۾ پُهچي ويو اهي. ٻيو ته جيڪي بظاهر نظر ايندڙ ڏاها، سماجون تنظيمون هلائينڊڙ ۽ اين.جو .اوز آهن اُهي به شام جو انهن بُرائين ۾ انهن وڏيرن سان شامل آهن ۽ وڃي ڏسو هر تقريب جي اختطام تي شام جو انهن وڏيرن جي اوطاقن ۾ ئي اُنهن سان گڏ سُلفي ، ٺري، بنگ جي نشي ۾ مگن آهن ۽ توهان انهن موالي نما ڏاهن جي انتظار ۾ آهيو ته توهانجي وڏيرا ازم کان جان ڇڏائيندا. جيڪي پنهنجي شُهرت ۽ سروائيول لاءِ انهن وڏيرن سان گڏ تقريبون به انهن وٽ وڃي ڪن ٿا ۽ مفت جون دعوتون به کائين ٿا رات ٿئي ته ٽڪن به انهن وٽ ٿا. انهن جي بهروپ کي سُڃاڻو ۽ سنڌي بچايو.

    او! سنڌ جا 95 سيڪڙئو غريبئو ۽ وائيٽ ڪالرئو! هاڻ ته اُٿو انهن وڏيرن جو پُڇڙين ڇڏيو ۽ سنڌ بچايو ،جيڪا وري اڌو اڌ ٿيڻ واري پئي ڏسجي انهن وڏيرن جي مرهون منت سان. انهن جي ڊاڙُن ۽ ٺڪائن تي انتظار نه ڪريو اها باقي ڪسر به هي وڏيرا ملي پوري ڪري ڇڏيندا. بيشڪ انهن جا ابا، ڏاڏا پُهتل شخص هُئا، اُنهن جي پري مريدي به بجاءِ هُئي پر انهن جون پويون نسل ته ڏسو جيڪي ڏينهن رات شراب ۽ شڊباب ۾ مشغول آهن ڇا اهي ئي توهان جي نمائندگي ڪندا، ڇو جو غريبن جو هڙپ ڪيل ٻنيون، جاگيرون انهن وٽ آهن ۽ ڪله جا ڌاڙيل، رهزن اڄ جا پوءِ ڍايا وڏيرا بڻجي چُڪا آهن! پوءِ نه ٿا سمجهو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کان ئي هي ڪم وٺو ته سنڌ ۽ سنڌي جهالت مان ٻاهر نڪري اچي.

    ڇو مُمڪن ناهي ته هاڻ ڊوميسائل، پي آر سي به شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جيان نادرا ٺاهي ڏي ته ڪوڙن ۽ ڊبل ڊوميسائل ۽ پي آر سي کان جان ڇُٽي ويندي .جڏنهن ته اصلي ايڊريس ۽ ٻيا حقيقي ڊٽيلس نادرا جي رڪارڊ تي به هوندا آهن. ائين ڪرڻ سان هر ماڻهون پنهنجي علائقي جو ڊوميسائل رکندو ۽ آون ايريا جي ڪوٽا تي نوڪري به وٺندو ته ڪنهن ڪاليج، يونيورسٽيءَ ۾ داخلا به. ڪوڙن ڊوميسائل ۽ پي آر سي جو گهڻو ڪري نقصان سنڌ ۽ بلوچستان وارن کي آهي ۽ اصلي ريزيڊنٽس کي نه ته ڪوٽا تحت نوڪريون ٿيون ملن ۽ نه داخلائون. اڄ به سنڌ جا ڪوڙا ڊوميسائل پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن وٽ آهن جيڪي ڊبل ڊوميسائل سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوٽا به کڻي وڃن ٿا. ۽ سنڌي ۽ بلوچي تعليم ۽ بهتر نوڪرين کان محروم رهجي وڃي ٿو. ياد رهي ته 100 سيڪڙو ڪوٽا ۾ 62 سيڪڙو پنجاب، 10 سيڪڙو مليٽري (اُها به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي يا ڪراچيءَ جي پناهگيرن لاءِ)، 10 سيڪڙو فاٽا ، 10 سيڪڙو ڪشمير ۽ شمالي جات باقي سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن لاءِ اُن تي به ڪوڙن ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊن تي نوڪريون به انهن جي حوالي ٿين ٿيون. اها سنڌ ۽ بلوچستان جي شهرين سان زيادتي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪار اها ويساگهاتي ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي ۽ قوم پرست ۽ سياسي تنظيمون، سماجي تنظيمون، سنڌ جا ڏاها اڳتي وڌي احتجاج ڪن ۽ حق ڏيارين.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 مارچ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    خدارا هاڻ موالين تي نه ڀاڙيو گهڻو ٿيو! سنڌ جو نسل هاڻ مسلسل موالي ازم ۾ چڙهي پروان پيو ٿئي، علم حاصل ڪرڻ بدران وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪي پيو هلي ڀلي اُهو موالي ڪو شاعر هُجي، اديب هُجي، ڪا اين جي او هلائيندو هُجي، ڪو سماجي رهبر يا ڪارڪن، ڪنهن چينل جو مالڪ يا پروگرام مئنيجر، ڪو گلوڪار، فنڪار اداڪار اهي سڀ ڏيک آهن ، اهي سڀ روپ آهن نشي پاڻي جي لالچ تي سنڌيت کي جاهل بڻائڻ جا ته هوش ڪريو سنڌ بچايو، موالي جي نشاندهي ڪري، کيس بچايو نشي جي علت کان سندس نشي جي عادت اپنائڻ تي نفرت ڪري. سنڌ بچايو، اوتارا، اوطاقون، بُزرگن، ولين درويشن جو مزارون بچايو موالين جي اڏن کان ته سنڌ سماج به حقيقي علم پرائي سگهي بغير ڪوڙي ڊگري، ڪاپي ڪلچر تحت حاصل ڪيل ڊگري يا سفارشي ڪلچر تحت ڪنهن اداري جي نوڪري ۽ رهبري.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تون جي وڙهندين، ماريو ويندين،
    هِـن ڌرتـيءَ تـان واريـو ويـنـديـن،
    دودا تــنهـنجــو ســاه ته ويــندو،

    پـر مـاڻهـن جـو ويـساه نه ويـندو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو