• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل سمارٽ گهڙي پوري دنيا جي ٻانهن ۾

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
ڪجهه ڏينهن پهرين گوگل پنهنجي انتهائي حيرت انگيز فيچر سان ڀريل سمارٽ گهڙي متعارف ڪرائي جنهن ايپل کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي هو هن ريس ۾ پوئتي پوندي ڏيڪاري ڏئي رهيي آهي. هي سمارٽ گهڙي چار ڪونڊي ۽ گول ٻنهي طرح جي ڊزائين ۾ دستياب آهي ۽ ٽچ اسڪرين سان گڏ آواز سان به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي.
google-watch.gif


گوگل جو چوڻ آهي ته هو ايل جي، موٽرولا، سام سنگ ۽ ٻين ڪمپنين سان ملي ڪري گڏ ڪم ڪري رهيا آهن جيئن انن ڪمپنن جا سافٽوئر به استعمال ڪري سگهن. گوگل جي اينڊورائيڊ انجنئرنگ جي سربراهه ڊيوڊ جو چوڻ آهي ته گهڙيون وقت ٻڌائڻ جي لاءِ بهترين آهن، پر توهان تصور ڪيو ته جڏهن هي پنهنجي طريقي سان تمام معلومات توهان کي ٻڌائين ته ان وقت هي ڪيتريون اهم ثابت ٿينديون خاص طور اهڙي معلومات جنهن جي توهان کي ضرورت هجي. اسان هن وقت گهڙيون بڻائڻ وارن فيشن برانڊس ۽ چپ بڻائڻ واري ڪمپنين سان ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهيون.
google-watch-other.gif


گوگل جو چوڻ آهي ته سمارٽ گهڙين جي ايجاد پائڻ واري ٽيڪنلوجي جي طرف هڪ واضح قدم آهي. اينڊرائيڊ جي هڪ افسر سندر پئچائي جو چوڻ آهي ته اسان مان گهٽ ماڻهو سمارٽ فون استعمال ڪون ڪرن ٿا. هي طاقتور ڪمپيوٽر توهان کي دنيا سان جوڙي رکندو آهي ان سان به جنهن سان توهان محبت ڪيو ٿا.
هي اپليڪيشنو ڪيترن قسمن جو هنديون جيڪي توهان کي اپڊيٽ ڪنديون رهنديون جنهن ۾ توهان جي پسنديداه سوشل نيٽ ورڪ به شامل آهن. جنهن ۾ ايپ، چيٽ، ايپ، شاپنگ ايپ نيوز، ۽ گهڻو ڪجهه شامل هوندو. هن گهڙي ۾ جتي ٽچ اسڪرين جي خاصيت شامل آهي اتي هن کي توهان آواز سان به ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا. هن گهڙي ۾ توهان پنهنجي صحت ۽ فٽنس کي به بهترين ناموني سان ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
pric.gif


ٻانهن ۾ پاتل هن گهڙي ۾ موجود فٽنس ايپس توهان جي ڊوڙڻ، سائڪل هلائڻ يه وري پيدل هلڻ ٽين طرح جي ورزش ۾ توهان کي آگاهه ڪندي.
 
Back
Top