السلام عليڪم دوستو! مون وٽ وائيس وي 10 اينڊرائيڊ سيٽ آهي. ڪجهه ڏينهن کان مسئلو پيو ڪري. وائي فائي نٿو کڻي. وائي فائي چالو به آهي پر سرچ نٿو ڪري. مون وٽ ايوو ونگل يوايس بي پڻ آهي. ۽ ان سيٽ ۾ مونکي ايپليڪيشنز انسٽال ڪرڻيون آهن. جهڙوڪه فيسبوڪ، سنڌي ڪيبورڊ وغيره .. دوستن کي عرض آهي ته مسئلو حل ڪن.
هائو ادا مسئلو حل ٿي ويو. مونکي جلدي هُئي ، سنڌ سلامت جا دوست منهنجي موضوع طرف جيستائين ڌيان ڏين ها تيستائين منهنجو وقت ضايع ٿئي ها ، دوست فاروق سومرو ٻڌايو ته سيٽنگ جو مسئلو آهي، سيٽنگ ته مونکي لڌِي ئي ڪانه، ٻولي مٽجي وئي هئي، نيٺ موبائل سيٽ کي ريسٽورrestore ڪيم ۽ مسئلو حل ٿي ويو. وري هڪ ٻيو مسئلو ظاهر ٿيو آهي ، هِن موضوع کي پڙهو..