پاڻي خاطر جھيڙو آ ــ ـ ـ ـ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    پاڻي خاطر جھيڙو آ ــ ـ ـ ـ ( سنڌي اخباري خبرن تي تبصرو)

    سنڌ مان شايح ٿيندڙ اخبارن جي رپورٽ موجب سنڌ جي آبپاشي جي ماهرن چشما جهلم ڪينال تي تعمير ٿيندڙ هر رٿا کي غير قانوني قرار ڏنو آهي سندن چوڻ آهي تہ ملڪ ۾ موجوده ننڊن ڊيمن جي تعمير ڪالا باغ ڊيم کان بہ خطرناڪ آهي ، انهن ماهرن مطابق پاڻي کوٽ جي حوالي سان رڳو سنڌ کي ئي نقصان ڇوٿو رسايو وڃي ؟
    تازي پاڻي جي فراهمي کان سواءِ نہ زراعت ممڪن آهي ۽ نہ وري صنعت ان جي باوجود ٽين دنيا جي ترقي ۾ پاڻي آخري ترجيح آهي ـ حالانڪہ بند ( ڊيم ) آبپاشي جي شاخن ۽ ٽيوب ويلن جا منصوبا شروع ڪري اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ مستقيل ۾ انتهائي قدرتي بنيادي وسيلي پاڻي خاطر گهرو جهيڙا يا نئين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي ـ
    ٻهراڙي جي علائيقن مان اڳ ئي تازي پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري آهي ۽ شهرن ۾ پڻ پاڻي خاطر جهيڙا فساد ۽ احتجاج ٿي رهيا آهن مانهن جا مطالبا آهن تہ نہ اسان پورو پاڻي ٿو ملي نہ وري صاف ؟
    جڏهن تہ آبي وسيلا تجارتي صنعتي ۽ عيش و آرام واري زندگي جي مقصدن خاطر استعمال ٿي رهيا آهن ـ
    موجوده آبپاشي نظام کان اڳ اهو دريا کان شروع ٿي وري درياء تي ختم ٿي ويندو هو جنهن سان آبي چڪر ۾ خلل نہ پوندو هو ـ حقيقت ۾ دريائن مان سڌو سنئون پاڻي حاصل ڪرڻ سستو ۽ بهتر طريقو مغير ڪنهن نقصان جي قدرتي رستي سان وهندي ان مان پاڻي حاصل ڪرڻ آهي پر انهي مان اجاره داري قائم ڪندڙن مفات پرست ۽ بالا دست طبقي جا مخصوص مفاد پورا نہ ٿا ٿين ـ
    ڊئم ۽ ٽيوب ويلن جا ڄار وڇائڻ جي ذميدار عالمي بئنڪ پڻ آهي جيڪا اهڙي عمل جي حوصلہ افزائي ڪندي رهي آهي خواه ڪيترو بہ قرض کنيو وڃي تازي پاڻي جي قدرتي رسد ۾ هڪ ڦڙو بہ اضافو ڪرڻ ناممڪن آهي جيڪڏ سڀني انسانن کي پاڻي فراهم ڪرڻو آهي تہ پوءِ اسان کي آبيءِ وسيلا منصفاڻي طريقي سان صرف جائيز ضرورتن لاءِ استعمال ڪرڻا پوندا نہ تہ جديد ٽيڪنالا جي جي لالچ جي هٿان ماڻهون بک وڳهي مرڻ کان اڳ اڃ سبب مرندا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو