ترڪن جا آئي ڊونٽ نو وارا رانڀوٽا ۽ اسان جي ڳالهياري ڊيگهه ادا، چانهن پيندين. نه، يار موڊ ڪونهي. اڙي ٿوري ته ٽيسٽ ڪر. نه، يار هيئنرحفيظ وٽان پي ڪري نڪتو آهيان. هان هي وٺ ڪوپ، کنڊ پريان پئي آهي. ٻيو ٻڌاءِ. کنڊ جا 3 چمچا ڪوپ ۾وجهندي. اهو ته ٿيو هڪ رواجي پاڪستاني منظرنامو. هتي ترڪي ۾ وري هي منظر هوندو، فرينڊ، پليز هيوِ سم ڪافي وٿ مي؟ نو. جسٽ هاف ڪپ؟ نو. وائي، از ايوريٿنگ او ڪي وٿِ يو؟ آئي ڊونٽ نو. اهي آئي ڊونٽ نو وارا رانڀوٽا هتي هر ڪنهن وٽ پيا آهن. اسان پاڪستانين وٽ هر قسم جي سوال جو جامع، مظبوط دليلي جواب هڪيو تڪيو موجود هوندو آهي، لاجڪ سان ڀرپور. چانهن انهي ڪري نه پيو پيان ڇو جو آئون حفيظ وٽان پي ڪري نڪتو آهيان، جيڪڏهن حفيظ وٽ ڇو ويو هئس ته ان جو به پڪو جواب هوندو. لفظن جو گهٽ کان استعمال ۽ ٻين جي ڳالهه مڪمل ٻڌڻ کان پوءِ ئي جواب ڏيڻ يا اڳيون سوال ڪرڻ واري ترڪن جي عادت وڻي.
تُرڪي جا ٻه لفظ آهن جيڪي اسان وٽ سڄي ساري جُملي ۾ چيا ويندا آهن. 1. بِليورم معنى ٰمون کي خبر آهيٰ 2. بِلميورم معنى ٰمون کي خبر ناهيٰ توڙي جو اهي ٻه ننڍا ۽ سادا لفظ آهن جِن مان ٻي جو آئون به خوب استعمال ڪريان جڏهن هتي انار کائي کائي ڳَل ڳاڙها ٿيڻ کان پوءِ مون کي آزربائيجاني سمجهي هتي جا ماڻهو ڏَس پُڇن ٿا (آزربائجان ۽ تُرڪن جي ٻولي ۾ ايترو فرق آهي جيترو سنڌ جي لغارين ۽ ڊيراغازي خان يا مُلتاني سرائڪين جي ٻولي ۾). پر تُرڪ الائي انگريزي نه ڳالهائي سگهڻ ڪري يا جان ڇڏائڻ لاءِ بلميورم جو ايترو گهڻو استعمال ڪن ٿا جو حيرت ٿئي ٿي. ايتري قدر جو پنهنجي پسند نا پسند ٻُڌائي انهيءَ جي وجه پُڇڻ تي به چوندا بِلميورم.
ادا طاهر سنڌي صحيح ٿا چئو ته هر ڳالهه شيئر ڪرڻ ضروري ناهي پر هر ڳالهه جي پڇاڻي تي چون آئي ڊونٽ نو ته پو لازمي ڪُٽبا يا نه، حفيظ جي هٿان. هُجي ها سائين موسو هالو ته هنن جون واهه جوخبرون وٺي ها.
ان مان اندازو تهئی تهو ته ترک انتهائی حساس طبیعت جا مالک آهن ء پنهنجی پرائیویسی م کنهن جی به مداخلت قبول نه کندا آهن. بیو ته سائین حفیظ جن خی طبیعت جو هک پهلو به ظاهر تهی ویو ته آئی ڈونٹ نو تی سندن طبیعت م کهڑیون تبدیلیون طاری تهی سگهن تهیون ان جو به اندازو تهی ویو.