پيارا دوستو، مون کي منظور سخيراڻي جو ڳايل "دادو ۾ آ جادو" جو اوريجنل ڪلام جي تلاش آهي، جيڪڏهن ڪو دوست قرب ڪري، هتي شيئر ڪري ته تمام گهڻي مهرباني ٿيندي۔۔ جيڪڏهن آڊيو ۾ هجي ته به واه واه۔۔ ڪلام جي حوالي ڏيڻ لاء هي وڊيو ڳنڍيان پيو پر هي اصلي نه آهي، ان ڪري اهو مزو ملي ئي ڪو نه پيو۔۔قرب ڪري اصل هٿ ڪري ڏيندا۔۔ دوستن جي قرب جو انتظار رهندو http://www.youtube.com/watch?v=008FiqQATpU
جواب: دادو ۾ جادو کپي ادا ممتاز وگهيا، يار توهان ئي ڪا مدد ڪيو۔۔ ٻيلي اهو ڪلام هٿ ڪري ڏيو۔۔ دادو ۾ آ دل قابو، دادو ۾ آ ساهه منهنجو دادو ۾ آ دل۔۔ دادو
جواب: دادو ۾ جادو کپي ادا ٻروچن سان سر لڳي، پر ادا ( دادو ۾ آجادو ) في الحال صرف اهيو ئي يو ٽيوب وڊيو آهي۔ اگر اوهان کي ايتري ئي ضرورت آهي ته هڪ 50 رپين جي سي ڊي خريد ڪري ڇڏيو۔ باقي نيٽ تي اهيو ئي وڊيو آهي۔ ٻيو ڪونهي۔ ڀاء دادو جا آهيو يا دادو ۾ دل ڦاسائي ويٽا آهيو۔ مان ڏسان ٿو ته توهان ڪافي وقت کان ان وڊيو جي تلاش ۾ آهيو۔ خير ته آهي۔ ادا اگر يو ٽيوب تي هجي هان ته مان توهان جي ضرور مدد ڪيان هان۔