سياست هڪ قهري بلا !!!! ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ سياست لفظ جي معني آهي ٺڳي ،فريب ، دوڪو، هن ۾ ڪو به رشتو ڪارگر نه رهندو آهي چاهي پوء اوهي رشتا رت جا هجن يا دوستي جا يا پوء ڪنهن وفادار ڪنهن ساٿي جا هر ڪو پنهنجي وقت جي انتظار ۾ رهندو آهي جئين هي ڪنهن کي وارو ملندو آهي سو وار ڪري ويهندو آهي پوء ڀل ان جا نتيجا ڪجھ به نڪرن تنهن کي نتيجن جو ڪو به فڪر نه هوندو آهي تاريخ اهڙن وقعين سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ رت جي رشتن هي رشتن کي وڍيو آهي جئين بنظير ڀٽو جي حڪومت ۾ سندس پنهنجي ڀاءُ جو مارجڻ مشرف جو نوازشريف حڪومت ختم ڪرڻ ڀٽي کي پنهنجي وفادار جرنل هٿان ڦاهي اچڻ سعودي ولي عهد جو پنهنجي ڀائٽي هٿان قتل ۽ بنظير جي شهادت کان پوء آصف زرداري جو صدر بڻجڻ پڻ ڪئي سوال پيدا ڪيا آهن صدام حسين جو اقتدار تي اچڻ پڻ ساڳيو هي طريقو رهيو آهي سياسي تاريخ کي سامهون رکڻ کان پوء ذهن ۾ هزاري سوال ٿا اڀرن ته ڇا ڪٿي مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي جو قتل به ڪو سياسي اسر رسوخ قد ڪاٺ وڌائڻ لاء ته ڪيو نه ويو آهي ڇو ته 23 مارڇ تي جسقم جي اعلانيل مارچ ۽ 21 مارچ تي مقصود قرشي ۽ سندس ساٿي جو قتل کوڙا سارا سوال پيدا ڪيا آهن اگر سياست جي رخ کان هٽي ڏسجي ته پوء هن ۾ ڪو وڏو سازش نظر پيو اچي اخر انهي سڄي راند کي کيڏڻ لاء 23 مارچ جو انتخاب ڇو ڪيو ويو آهي، شهيد بشيرقرشي جي 23 مارچ واري جلسي جي ياد ۾ اگر جسقم پرامن جلسو ڪري پيو ته هن ۾ ڪو به مسلو نه هو مسلو هو انهن ماڻهن لاء جيڪي پاڪستان کي تسليم نٿا ڪن ، جيڪي پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيا آهن هي ڪارنامو انهن ماڻهن جو به ٿي سگهي ٿو جيڪي ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکهي شڪار ڪرڻ جا عادي هجن ، سنڌي قومپرستن جي شهادت به تنهن جي هڪ ڪڙي ٿي سگهي ٿيي 23مارچ تي سنڌي قوم کي ڇو پيو پرتشدد بڻايو پيو وڃي اخر هي دنيا کي ڪهڙي ميسج ڏيڻ پيا چاهين مان تمام پرامن سنڌي قوم کي هٿ ٻڌي گذارش ٿو ڪيان ته خدارا پاڻ کي پرامن رکيو ۽ دنيا کي پيغام ڏيو ته اسان پرتشدد نه پر پرامن قوم آهيون (وفا رند )