ادب، سماج ۽ تنقيد...

'سنڌي ادب' فورم ۾ سولنگي فهيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2014۔

  1. سولنگي فهيم

    سولنگي فهيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فهيم سولنگي


    ادب، سماج ۽ تنقيد . . .

    تنقيد، انساني معاشري جي سمورن پاسن جي اصلاح جو اهم ذريعو آهي. تنقيد ليکڪ جي ڪمزور پهلوئن، اظهار جي عميق يا سطحي پاسن کي تجزئي هيٺ آڻي معاشري کي گهري شعور سان همڪنار ڪندي آهي.

    ادب هجي يا سياست، يا زندگي جا ٻيا مختلف پهلو، تنقيد انهن جي هاڪاري ۽ ناڪاري رُخن تي منطقي طور تي خيال آرائي ڪري نوان رستا تلاش ڪندي آهي. ۽ قلمڪار کي سماج اندر هاڪارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. پر ٽئين دنيا ۾ خاص طرح سان ننڍي کنڊ انڊو-پاڪ ۾ جاگيرداراڻي تصورات جي ڪري تنقيد برداشت نه ڪئي ويندي آهي- پوءِ اهو ادبي شعبو هجي يا ٻيو کيتر.

    تنقيد جو اثر قبولڻ يا نه قبولڻ جو دارومدار ان نظرئي تي ٻڌل آهي، جنهن نظرئي هيٺ ڪو ليکڪ يا ڪو سياسي ڪارڪن پنهنجي سماجي ابتري يا مٿڀرائي کي پنهنجي ادب يا سياست جو منشور بڻائي ٿو.

    پاڪستان اندر ادبي ڪائنات ۽ سياسي ماحول ڪڏهن به ڇنڊڇاڻ هيٺ اچڻ لاءِ ڪو معقول تنقيدي رويو قبول ئي نه ڪيو ويو آهي- ان جو اهم ڪارڻ اهائي جاگيرداراڻي روش آهي جيڪا فرد کي پنهنجي اندر ڪنهن ڪمي يا ڪوتاهي هجڻ جي احساس کان ماوراءِ رکي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو خاص طرح سان سنڌ اندر تنقيد کي برداشت ئي نه ڪيو ويو آهي. هڪ ته سنڌي ادبين جي گهڻائي انهي علم ۽ سياسي شعور کان وانجهيل آهي جيڪو علم ۽ سياسي شعور، زندگي جي مختلف پيچيدگين کي خود تنقيدي روين سان سمجهڻ جي لائق ئي نه رهيو آهي.

    علم جي کوٽ ۽ سياسي شعور جي اڻهوند انهيءَ وڏيرڪي دٻدٻي هيٺ نيپوڙجي وئي آهي. ۽ مٿان کان دلال صنعتڪار جي هڪ طرفي ڊامينيشن سنڌي ماڻهن جي شعور ۽ علمي بصيرت کي وڏو ڌڪ رسايو آهي. شين جي مارڪيٽنگ ۾ مڪاني صنعتڪار، وڏيري ۽ جاگيردار جي دلالي ڪندي مڪاني خريدار جي گهرجن ۽ معاشي پسمنظر کي نظرانداز ڪندي شين جو وڪرو مهانگو ڪري مڪاني ماڻهن جي ذهن ۽ کيسي تي ڌاڙو هڻي ٿو.

    جڏهن ڪي نقاد، مڪاني اقتصاديات جي منظرنامي ۾ تخليق ٿيل ادب تي يا شين جي معيار ۽ انهن جي قيمتن تي رايو ڏين ٿا ته ان رائي کي مونوپولي جي بنياد تي رد ڪري ڪو اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو جنهن سان سماج ۾ معاشري ۽ علمي لحاظ کان انتشار پيدا ٿئي ٿو.

    تنقيد، پوءِ اها سماجي هجي يا اقتصادي اها صداقت جو اهڃاڻ آهي. جنهن صداقت کي ڦورو طبقا- پوءِ ادبي هجن يا لساني يا اقتصادي- ان کي ڪوبه ناهي قبوليندو.
    (ايڊيٽوريل:ماهوار سوجهرو ڪراچي، اپريل 2014)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو