دنيا ڪيتري خوبصورت آهي ان جو ذڪر لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگهجي. اڄ اوهان سان جبلن جي خوبصورتي جو ذڪر ڪجي ٿو. هي آهي دنيا جي خوبصورت جابلو سلسلي جي تصويري ڪهاڻي. هي جبل جيڪي رينبو مائونٽين RAINBOW MOUNTAINS IN CHINA'S DANXIA جي نالي سان مشهور آهن. هي خوبصورت ۽ رنگ برنگي جبل چين جي صوبي گينسو ۾ موجود آهن. چون ٿا ته 25 ملين سال اڳ مختلف قسم جي موسمي، جاگرافيائي تبديلين ۽ زمين جي تهن جي ٽٽڻ سبب اتي موجود پٿر مختلف رنگن ۾ رنگجي چڪا آهن. 2010ع ۾ هنن جبلن کي UNESCO World Heritage site قرار ڏنو ويو آهي. پري کان ڏسڻ سان ايئن ٿو لڳي ته هي ڄڻ فطرتي نه پر هٿ سان پينٽ ڪيل آهي.
زبردست...... زبان تعريف ڪرڻ کان قاصر آهي، جڏهن نظارا ايترا خوبصورت آهن ته انهن کي خلقيندڙ منهنجو رب ڪيڏو نه عظيم هوندو
توهانجي اجازت کان بغير ٻوٿ ڪتاب تي دوستن سان ونڊ ڪيو اٿم. چائنا ڪيڏو خوش نصيب ملڪ آهي. !!!!! پر منهنجي سنڌ ، سنڌ آهي ، مٽ مور نه ڀانيان.