عباسي دوست
سينيئر رڪن
اعوذباالله من الشِطان الرجيم
اول الله عليم،اعلی عالم جوڌڻي.قادرپنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
والي واحد وحده رازق سو رب رحيم،سوساراهً سچوڌڻي،چئي حمدحڪيم
والي واحد وحده رازق سو رب رحيم،سوساراهً سچوڌڻي،چئي حمدحڪيم
ڪري پاڻ ڪريم،جوڙئون جوڙجهان جي
مگرجناب ذيشان رشيد صاحب جن حڪم ڪيوته اوهان پنهنجو مفصل تعارف لکو،ءچونڪ هي فورم هڪ ٻئي سان پنهنجاخيال،ويچارونڊڻ جوفورم آهي،تنهن ڪري بهترٿيندوته آئون پنهجاخيال،پنهجون سوچون،اوهان سان شيئرڪيان،شايدڪن دوستن سان گهرائي جوڪارڻ ٿئي،اميدته پسندايندا.باقي جي دوستن جوساٿ رهيوء همت افزائي ڪندارهياته موضاعاتي طورتي،قرآن،حديث،فقه،تصوف،تاريخ،ادب،شاعري،وغيره تي وقت بوقت پنهنجي خيالن جواظهارڪبورهبو،ان شاء الله
مان واراساٿيو!انسان مڪمل اختياروارونه آهي،جوجيئن چاهي ڪري سگهي،بلڪه هوهڪ غيبي قوت جومحڪوم آهي،جنهن کي هوفطري طورتي به محسوس ڪندوآهي،چاهي ڪتابي هجي يان غيرڪتابي،البته اهاٻي ڳالھه آهي،جوماڻهن ان متعلق سوين تصورقائم آهن،حقيقت ۾ ان جوصحيح تصوراهوئي آهي،جيڪواسلام ڏنوآهي،اهوپنهنجي ذات وصفات ۾،اسماء وافعال ۾ وحده لاشريڪ آهي،نه ان جو ڪو وزيرآهي،نه مشيرآهي،
آئون پنهنجي اڀرائي کي نظر۾ رکندي ، ان تي ڀروسوڪندي،اعوذباالله جي ڪوٽ ۾ اچي،بسم الله چئي،الحمدلله سان شروع ڪيان،من منهجورب مون صحيح ڳالھه سمجهائي،والسلام