• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو حصو پتي حاضر آهي..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي جو دورو ڪرڻ وئي ته باغين جي هٿان اغوا ٿي وئي، باغين اعلان ڪيو جيسستائين اسان کي 50 هزار ڊالر نه ڏندا ويندا تيستائين اسان انهن کي آزاد نه ڪنداسين، جيڪڏهن ٻه ڏينهن ۾ اسان کي پئسا نه مليا ته هنن کي ساڙي انهن جي وڊيو هلائينداسين.:
گورنمنٽ جي ته اڳ ئي ڀينگ لڳي پئي هئي، مون جهڙا سوشل ميڊيا جا ٻه ٽي شوقين مهم هلائڻ لاءِ تيار ٿي پيا، ڇوڪرا پيتيون کڻي در در صدائون هڻڻ شروع ٿي ويا، مدد ڪيو مدد ڪيو.
منهنجي دور تي به هڪ ڇوڪرو پيتي کڻي اچي پهتو. مون سوچيو ته يار ملڪ جهڙي ڳالهه آهي، وڏا وڏا نامور رانديگر اسان جي چندي سان بچي پوندا. همراهن جي راند کان ته اسان بيزار هئاسين پر وري به ملڪ جو جذبو اڳيان اچي پيو وڃي. لاچار مون ان ڇوڪري کي سڏ ڪيو.
ڇوڪرا ڏي خبر، ڀلا ماڻهو مدد ڪن پيا؟
ها سائين هينئر تائين ڏاڍو ريسپانس مليو آهي...
ڀلا ٻڌاءِ ته صحيح ڪهڙي قسم جو ريسپانس مليو اٿئي..
يار مست سچ ٻڌايائين ته همراهن مان اسان جي ملڪ وارا ته اهڙا بيزار لڳا پيا آهن جو هينئر تائين پئسا ته روپيو به نه مليو آهي پر سڀني قرض کڻي به 2، 2 ليٽر پئٽرول جي بوتل منهنجي حوالي ڪئي آهي ........ وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهين...
وٺ ادا وٺ منهنجو حصو پتي حاضر آهي. مون به دير نه ڪئي..
 
Back
Top