سنڌ کي 3 ارب جو نقصان ڏئي وفاق اينگرو پلانٽ لاءِ رعايتي اگهه تي گئس فراهمي شروع ڪري ڇڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ کي 3 ارب جو نقصان ڏئي وفاق اينگرو پلانٽ لاءِ رعايتي اگهه تي گئس فراهمي شروع ڪري ڇڏي
    ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) وفاقي حڪومت سنڌ کي ساليانو 3 ارب رپين جو نقصان ڏئي خانگي اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني کي نئون پلانٽ هلائڻ لاءِ رعايتي اگهه تي گئس جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، وفاقي سرڪار پاران سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس جي پيداوار تي صوبي کي ملندڙ گئس ڊولپمينٽ سرچارج جي 10 سالن لاءِ ساليانو 3 ارب رپين جي ڇوٽ ڏئي ڇڏڻ تي صوبائي انرجي کاتي پاران گذريل ٻن مهينن دوران لکيل ٽن احتجاجي خطن جو پڻ وفاقي اختياريون ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب ماڙي پيٽروليم ڪمپني وفاقي حڪومت کان مليل هدايتن تي اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جي پراڻي پلانٽ لاءِ 500 رپيا في ايم ايم سي ايف اگهه تي روزانو فراهم ٿيندڙ 100 ايم ايم سي ايف گئس اينگرو ڪمپني پاران زرعي ڀاڻ جي پيداوار لاءِ سال 2010ع ۾ لڳايل نئين پلانٽ لاءِ 70 رپيا في ايم ايم سي ايف رعايتي اگهه تي فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت خانگي ڪمپني کي گئس جي فراهمي تي ڏنل اگهه جي اها وڏي رعايت گئس جي پيداوار تي لاڳو گئس ڊولپمينٽ سرچارج ۽ گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس ۽ ٻين لاڳو محصولن جي مڪمل ڇوٽ سان ڏني آهي، ڇوٽ ڏنل محصولن مان گئس جي پيداوار تي لاڳو گئس ڊولپمينٽ سرچارج (جي ڊِي اي) جي مد ۾ ٿيندڙ سموري آمدني لاڳاپيل صوبائي حڪومت ڏانهن منتقل ٿيندي آهي، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پاران اينگرو ڪمپني کي رعايتي اگهه تي فراهم ٿيندڙ گئس تي 10 سالن لاءِ جي ڊي ايس جي ڇوٽ ڏئي ڇڏڻ سان صوبائي حڪومت کي ان مد ۾ ساليانو اٽڪل 3 ارب رپيا نقصان ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جيڪو 10 سالن ۾ 30 ارب رپين کان به وڌي ويندو، ذريعن موجب صوبي مان نڪرندڙ گئس جي مد ۾ صوبائي حڪومت جي سڀ کان وڌيڪ آمدني جي ڊي ايس جي مد ۾ ٿئي ٿي، اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ۽ وفاقي حڪومت ۾ ٿيل ٺاهه موجب وفاقي حڪومت کي اينگرو ڪمپني کي نئين فرٽيلائيزر پلانٽ لاءِ سنڌ جي قادر پور گئس فيلڊ مان سوئي ناردرن گئس ڪمپني کي پنجاب صوبي جي گئس جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ملندڙ گئس واري حصي مان فراهم ڪرڻي هئي پر وفاقي ڪامورن پنجاب ۾ گئس جي وڏي کوٽ ڄاڻائي ماڙي گئس فيلڊ وارن کوهن مان اينگرو ڪمپني ۽ٻين فرٽيلائيزر ڪمپنين کي تجارتي اگهن تي ملندڙ گئس وارن ذخيرن مان جي ڊي ايس ۽ ٻين ٽيڪسز جي ڇوٽ ڏئي رعايتي اگهه تي گئس فراهم ڪري سنڌ حڪومت کي وڏو مالي نقصان پهچائڻ واري سازش ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت اينگرو ڪمپني سان ٿيل ٺاهه موجب اينگرو پاران هڪ ارب ڊالرز کان وڌيڪ لاڳت سان ساليانو 13 لک ٽن زرعي ڀاڻ پيدا ڪندڙ گهوٽڪي ۾ نئون پلانٽ سال 2010ع ۾ لڳائي چالو ڪيو ويو، ٺاهه موجب وفاقي سرڪار پنهنجي 2001ع واري فرٽيلائيزر پاليسي هيٺ اينگرو ڪمپني کي سوئي ناردرن گئس ڪمپني واري گئس جي حصي مان 07 سينٽ (اٽڪل 70 رپيا) رعايتي اگهه تي روزانو 103 ايم ايم سي ايف گئس فراهم ڪرڻ جي پابند هئي، پر وفاقي سرڪار پنجاب ۾ گئس جي کوٽ ڄاڻائي اينگرو ڪمپني کي گهربل گئس جي فراهمي ڪرڻ کان انڪار ڪندي رهي، جنهن تي اينگرو ڪمپني سوئي ناردرن گئس ڪمپني خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، سنڌ حڪومت جي وڪيل پڻ ان ڪيس ۾ اينگرو جي موقف جي حمايت ڪئي ته وفاقي سرڪار کي ٺاهه موجب خانگي ڪمپني پاران صوبي ۾ لڳايل نئين پلانٽ کي هلائڻ لاءِ رعايتي اگهه تي گئس فراهم ڪرڻ گهرجي، ڪيس جو فيصلو اينگرو ڪمپني جي حق ۾ آيو ۽ حڪومت کي ڪمپني کي ٺاهه موجب رعايتي اگهه تي گئس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، رپورٽ موجب اينگرو ڪمپني وفاقي اختيارين کي نئين درخواست ڏني ته حڪومت پاران اينگرو ڪمپني کي 10 سال پراڻي پلانٽ لاءِ ماڙي گئس فيلڊ مان تجارتي اگهه تي گئس جي ٿيندڙ فراهمي وارو 10 سالن جو مدو پورو ٿي رهيو آهي جيڪڏهن سوئي ناردرن گئس ڪمپني لاءِ پنهنجي حصي واري گئس مان اينگرو جي نئين پلانٽ لاءِ رعايتي اگهه تي گئس فراهم ڪرڻ ڏکيو بڻجي رهيو آهي ته پوءِ ماڙي گئس فيلڊ مان اينگرو ڪمپني کي پراڻي پلانٽ لاءِ تجارتي اگهه تي فراهم ٿيندڙ گئس ٺاهه موجب 70 رپيا في ايم ايم سي ايف واري رعايتي اگهه تي نئين پلانٽ لاءِ ڪمپني کي فراهم ڪئي وڃي، رپورٽ موجب پيٽرول ۽ گئس واري وفاقي وزارت گئس ڪمپني جي درخواست منظور ڪندي جي ڊي ايس سميت ٻين ٽيڪسز جي ڇوٽ ڏئي، اٽڪل 500 رپيا في ايم ايم سي ايف تجارتي اگهه واري گئس اينگرو ڪمپني کي 70 رپيا في ايم ايم سي ايف اگهه تي فراهم ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي سان سنڌ کي مالي نقصان پهچڻ تي انرجي واري صوبائي صلاحڪار ۽ صوبائي انرجي کاتي پاران گذريل ٻن مهينن دوران پيٽروليم ۽ گئس واري وفاقي وزارت کي 3 الڳ الڳ خط لکي ان معاملي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي ۽ زور ڏنو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي ان فيصلي سان سنڌ کي پهچندڙ مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي پر لاڳاپيل وفاقي اختياريون سنڌ حڪومت جي احتجاجي خطن جو ڪو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي ماهرن جو موقف آهي ته جيڪڏهن اينگرو ڪمپني کي ماڙي گئس فيلڊ مان اها گئس رعايتي اگهه تي فراهم ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي ته حڪومت جي اهڙي فيصلي سان ايندڙ 10 سالن دوران سنڌ جو ٿيندڙ اٽڪل 30 ارب رپين جو نقصان وفاقي حڪومت کي پنهنجي وسيلن مان ڀري ڏيڻ گهرجي، ذريعن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته ان معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير پاران وزير اعظم ميان نواز شريف کي خط لکي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ٻه مهينا اڳ اماڻيل سمري اڃا تائين منظور ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت وزير اعظم کي خط لکي سگهي آهي.

    The Kawish Group of Publication
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ کي هر طرح تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ، هر حوالي کان ظلم ۽ ستم جي انتها لڳي پئي آهي ، رڳي ڪُھُ ڪُهان لڳي پئي آهي ، الله عزوجل کي پارت آ اهوئي سڻائي ڪرڻ وارو بهتر ڪارسازآهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو