"راشد هلڻو آ" ذوالفقار هاليپوٽو راشد مورائي هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم جو تخليقڪار هو. جيتوڻيڪ سندس شاعري گهڻي مشهور آهي، پر هن جو نثر به لاجواب آهي. خاص طور هڪ پوري دور جي سماجي ۽ سياسي تحرڪ جو رڪارڊ سندس تحريرن ۾ موجود آهي. سائين قادر بخش طالباڻي سيد اڪبر ۽ دوستن جا خط سهيڙي جيڪي ڪتاب "سارون ۽ سنڀارون" ترتيب ڏنو آهي. تنهن ۾ راشد مورائي جا سائين اڪبر شاهه ڏانهن جيڪي خط آهن، انهن ۾ گهڻي ڀاڱي تعليم جي بهتري تي زور ڏنل آهي. جيڪي سندس ويجها دوست، مٽ مائٽ ۽ شهر وارا آهن، انهن کي اها ڄاڻ مون کان وڌيڪ هوندي ته راشد سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ ۽ سنڌ جي هر ٻار کي تعليم يافتا بڻائڻ واري خواب جي ساڀيا لا سماجي تحرڪ وٺندڙ ڪردار هو. هو ڏهاڪن کان مختلف فورمن ۽ سماجي تنظيمن جي پليٽ فارمن تان تعليم بابت پيو بحث مباحثا ڪندو هو. پنهنجا ويچار پيو ونڊيندو هو. طالباڻي صاحب واري ڪتاب ۾ جيڪي ڪجهه خط شامل آهن، انهن ۾ راشد، سائين اڪبر شاهه کي مخاطب ڪندي 1984ع ۾ مورو تعليمي ڪميٽي پاران ملهايل سالياني جشن جي ڪوٺ ڏئي ٿو ۽ هڪ ٻئي خط ۾ سائين کي ان فنڪشن جي ڪارروائي ۽ اثرن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏئي ٿو، جنهن مان اها سڌ ملي ٿي ته راشد مورائي نه فقط سرگرمين کي ترجيح ڏيندو هو، پر گڏوگڏ انهن جي فالو ڪلچر ۾ به يقين رکندو هو. خط ايترا ته فرينڪ ۽ هجت وارا آهن، جو سندس لفظ پڙهي، هڪ وڏي ماڻهو هجڻ جو احساس ٿئي ٿو. لکي ٿو ته "دل چاهي ٿي ته جشن جي موقعي تي چوڏهن صفحن تي ٻڌل سالياني رپورٽ موڪليان، پر اوجاڳن جي ڪري ٿڪل آهيان ۽ وري چوڏنهن رپيا به نه اٿم ته فوٽو اسٽيٽ ڪرائي سگهان، ڇاڪاڻ ته مورو ۾ في صفحي جا فوٽو اسٽيٽ وارا هڪ رپيو وٺن ٿا". پنهنجي خيال ۽ سنڌ سان محبت ۾ شاهوڪار راشد ڪيئن نه پنهنجي دوست ڏانهن لکيل خط ۾ زندگي جون اهڙيون ڪڙيون حقيقتون به بيان ڪري ٿو ته ايڏي وڏي ماڻهو وٽ هڪ چڱي ڪم جي تشهير لا چوڏنهن رپيا به نه آهن. راشد پنهنجو خط هن شعر تي پورو ڪري ٿو: "فغانِ عندليب زار ٻڌندئي چيم هڪدم، ٿيو هڪُ هم زبان پيدا، ٿيو هڪ رازدان پيدا." آئون سمجهان ٿو ته دنيا جي سڀ کان مختصر سوانح حيات پڻ راشد مورائي جي لکيل آهي، محمد مٺل ڪمالاڻي (م-ع- ترابي) جي ڪتاب "مورو ناهي ٿورو" ۾ مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو جي باني ۽ سرپرست سائين بدرالدين اڄڻ جو ٻن صفحن جو تعارف لکيو اٿس، جنهن کي هن مختصر سوانح حيات جو نالو ڏنو آهي ۽ واقعي ئي جنهن مهل اهي ٻه صفحا پڙهي پورا ڪجن ٿا ته سائين بدرالدين اڄڻ جو سڄو خاڪو سمجهه ۾ اچيو وڃي، مون اهو نوٽ پڙهڻ کان پو سوچيو هو ته ڪوزي کي درياهه ۾ بند ڪري ڇڏڻ وارو استعارو يا چوڻي هن نوٽ تي ٺهڪي اچي ٿي. ٻيو سڄو مواد هڪ پاسي ڪري، رڳو سائين محمد مٺل ڪمالاڻي جو ڪتاب "مورو ناهي ٿورو" جو جائزو وٺجي ته اهو پڙهندي ۽ سمجهندي فخر محسوس ٿيندو آهي ته ڪيئن نه سنڌ جو اهو خوبصورت شهر شخصيتن توڻي تحريڪن سان مالامال علائقو آهي. موري جتي سياسي تحريڪن جي ڪري شهرت ماڻي، اتي علمي ۽ ادبي سرگرمين ڪري به هي شهر پوري ملڪ ۾ مشهور ٿيو. رڳو مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو جي تاريخ پڙهون ته جمال الدين مومن، نذير احمد قاضي، محمد نوح ميمڻ، عظيم سنڌي، سائين لائق زرداري، غلام النبي مورائي، بدرالدين اڄڻ، عبدالعزيز شيخ، راشد مورائي، شفيع محمد مخفي، خان محمد پنهور سميت ڪيترائي نالا ۽ سندن سماجي ۽ علمي کيتر ۾ سرگرميون ۽ پورهيو اکين اڳيان اچيو وڃي. ڪمالاڻي صاحب هي ڪتاب لکي هڪ دور تائين راشد مورائي جي جنم ڀومي موري شهر جي تاريخ کي رقم ڪيو آهي. موري شهر کان اٽڪل ڏهه ڪلو ميٽر اولهه پاسي سنڌو جي ڪپ لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ گل محمد سيال ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ڄائي رحيمان سيال موري شهر جي ورهاڱي کان پو سنڌي ادب جي فروغ ۾ حصي بابت ايم فل ٿيسز لکيو آهي، جنهن ۾ هن خيرپورميرس ۽ مورو شهر جو تقابلي جائزو وٺندي، انهن شهرن جي تاريخ، ماڳن، ماڻهن ۽ علمي ادبي سرگرمين کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي. اهو ٿيسز ناز سنائي جي اداري سنڌي ساهت گهر 2006ع ۾ ڇپرايو آهي. ڪمالاڻي صاحب واري ڪتاب کان پو اسلم عباسي جي ڪتاب "ضلعو نوشهرو فيروز" کان پو سنڌ جي نياڻي رحيمان سيال جو ڪتاب ۽ سندس تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته موري جو ذڪر راشد مورائي جي تذڪري کان سوا اڌورو آهي. راشد نه رڳو پنهنجي علائقي جي هڪ دور جي تاريخ آهي، پر هو پوري سنڌ جي مستقبل ۾ لکجندڙ ادبي ۽ علمي تاريخ جو هڪ لاجواب ريفرنس آهي. لڳي ٿو ته ان پسمنظر کي ئي ذهن ۾ رکندي راشد مورائي هي شعر چيو: "اي سنڌ مون توسان قول ڪري، ڪجهه پاڙيو آ، ڪجهه پاڙيندس، مون ديس جي دشمن لا ٻارڻ، ڪجهه ٻاريو آ، ڪجهه ٻاريندس." جي وطن، ويڙهيچن ۽ پنهنجن هم وطنن سان پيار اٿو ته پو سنڌ جي جنهن به ڪنڊ تي نظر وجهندئو ته هر ڪنڊ تاريخ، ثقافت، علم ۽ ادب، سياسي توڻي سماجي هلچل ۽ قدرت جي حسناڪين سان ٽمٽار نظر ايندي. سنڌ جي جنهن به ڪنڊ تي نظر وجهندئو ته اها مالامال نظر ايندي. موري جي مٽي به ايئن ئي سنڌ کي ههڙا سڀاڳا پٽ ۽ ڌيئرون عطا ڪيون آهن. راشد مورائي سنڌ جي انهي زرخيز مٽي جو ڳوهيل هڪ وطن پرست، انسان دوست ۽ امن پسند روح هو، جنهن پنهنجي عمل توڻي علم ۽ تخليقن ذريعي سدائين حق جو جهنڊو کنيو. هن وطن جي ڳالهه ڪرڻ وارن شاعرن واري قافلي جي امامت ڪئي. هن عشق ۽ سونهن کي به ڳايو، ته وطن جي حسناڪين تي به گيت چيا. هن تعليم کي بهتر ڪرڻ تي به خط لکيا، ته هن آزادي ۽ جمهوريت جي جنگ بابت به اتساهه ڏيندڙ نظم لکيا. "اسان سايو پنهنجو سئي سان ٽوپي، سڀئي سور سانڍڻ سڳي تي سکون ٿا، پکي وانگي آزاد پنهنجون اڏارون، ڪٿي سرحدن جي حدن ۾ رهون ٿا" (احمد سولنگي) راشد مورائي جي مرتئي تي جنهن مهل دل کي ٻوجهل ڪندڙ خبر نشر ٿي ته مون ڏٺو ته مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز تي سندس زندگي ۽ ڪم ڪار بابت نثر ۾ ٿيندڙ ڪامينٽري ٻڌڻ کان وڌيڪ سندس لکيل ڪلام جي منظوم گونج ۽ فنڪارن جي آواز هان ۽ حوصلو ڏاري ٿي وڌو. سندس لکيل نظمن ۽ گيتن جي نغمگي ۽ پو فنڪارن پاران خوبصورت جهونگار ۽ ڳائڪي کيس ئي ٽربيوٽ پيش ڪري رهيا هجن. "سارا سُونهن حضور ۾ راشد، گيت غزل نذرانا آهن" (راشد مورائي) راشد بنيادي طور غزل جو شاعر هو، پر اڳيان هلي نظم جو وڏو شاعر ٿي ويو. سندس شاعري جا ڪتاب ديوان راشد- سنڌڙي جو سودا- ميندي سندا کيت- دل جو شهر- گيت غزل ۽ ڪافيون- درد ۾ دلجوئي ۽ قومي گيتن ۽ شاعري تي ٻڌل سندس شاهڪار ڪتاب شعلا شعلا وا ڪيترائي دفعا ڇپجندا ۽ مارڪيٽ مان گم ٿيندا رهيا. جنهن بابت اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته راشد مورائي ماڻهن ۾ ۽ خاص طور تي وطن پرستي جو جذبو رکندڙ نوجوانن ۾ ايئن ئي مشهور هو، جيئن شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي وغيره. راشد مورائي صاحب نثر ۾ تمام گهڻو لکيو. رکيل مورائي ۽ احمد سولنگي هن ٽهي جا، سائين راشد مورائي جي شهر مان اڀرندڙ ٻه سٺا شاعر آهن، جن جي تخليق نگاري پٺيان سائين راشد مورائي جي لکڻين توڻي شخصيت جو اتساهه شامل آهي. راشد هڪ سٺو پڙهندڙ هو، شاعري توڻي نثر کي شوق سان پڙهندو هو. دوستن کان مليل يا ورتل ڪتاب مطالعو ڪري موٽائيندو هو. ايستائين جو جيڪڏهن سٺو ڪتاب مليس ته لکڻ جي ڪم ۽ شاعري کي به اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو هو. پنهنجي ڪتاب "ديوان راشد" ۾ لکي ٿو ته هن ڪيترن ئي شاعرن جا ديوان پڙهيا ۽ کيس به شوق جاڳيو ته هو پنهنجو ديوان تيار ڪري. ايئن هن شوق ۾ الف -بي وارا ڪجهه غزل تڙتڪڙ ۾ لکيا، ڪجهه پراڻا غزل ڳولي نيٺ ديوان راشد ميدان ۾ آندو. شاعري جا موضوع به حسن، عشق، فطرت وغيره سان گڏوگڏ سماجي مسئلا، سياسي لاها چاڙها، پنهنجن ماڻهن جا سور، وطن ۽ وطن تي آيل ڏکيون حالتون وغيره آهن. شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي لهجو ڪڙڪ، ته ڪٿي انتهائي نفيس ۽ حس جماليات سان ڀرپور- مثال طور لکي ٿو: "اڇا ڪاهي پيا وار ڪارن ۾، عمر گذري ٿي انتظارن ۾، اسان کي عشق جو ڪري ڪافر، وڃي ويٺين تون ديندارن ۾، عشق انگورجي پيو آهي، ڦٽ اٿلي پيا بهارن ۾، راز راشد! رقيب جي آڏو، ڪاش سمجهي سگهين اشارن ۾" (راشد مورائي) سندس ڪتاب اڳتي تاڻ امنگ جي (خاڪا- پروفائل- مضمون) ڏات جي ڏيهه ۾(تاثر)، خط خوشي مان کول (خط دوستن، عالمن، شاعرن، اديبن جا)- ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو پاڻي تي پهرو به سنڌي نثر ۾ بهترين اضافو آهن. پنهنجي ڪتاب "اڳتي تاڻ امنگ جي" ۾ لکي ٿو ته جڏهن 1975ع ۾ موري شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي ويئي ته هفتيوار دستوري گڏجاڻين ۾ ماڻهن جي اڪثريت رڳو شاعري پيش ڪندي هئي ۽ پو هن کي اهو خيال آيو ته نثر جيڪو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، ان تي ڪم ڪيو وڃي ۽ ايئن راشد مورائي صاحب سڀ کان پهرئين مضمون، خاڪا ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جيتوڻيڪ هو بنيادي طور شاعر هو، پر ادب جي ميدان ۾ نثر جي اهميت کان اڻواقف نه هو. هن جي اندر ۾ ويٺل هڪ بيچين تبديلي پسند انسان هن کي هر ان کيتر ۾ انگيج ٿيڻ لا اتساهيو، جنهن سان سنڌي سماج هڪ وک اڳيان وڌائي سگهي. نثر لکڻ ۽ دستوري گڏجاڻين ۾ پيش ڪرڻ تي هن تي ڪافي تنقيد به ٿيندي رهي ۽ پو اڳيان هلي ادبي سنگت کي گڏجاڻين توڻي ٻين علمي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ به نثر لکي اچڻ وارن جي کوٽ نه رهي. سندس مضمون پڙهندئو ته هو شاعر کان وڌيڪ هڪ سياسي ساڃاهه رکندڙ مفڪر ۽ سماجي سائنسدان طور اوهان اڳيان ايندو. جيڪو سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي گهري اک رکندي مستقبل جي پيشقدمين بابت مثبت سوچ ڦهلائي ٿو. پنهنجي مضمون "آ سرهاڻ کي پڪڙيون" ۾ لکي ٿو "فيڊل ڪاسترو ڪنهن جا تي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي جي مڙني پهلوئن ۾ ڏاهپ واريون وڏيون تبديليون چاهيندا آهن، اهي ماڻهو پنهنجن آدرشن لا سڀ ڪجهه قربان ڪندا آهن ۽ هو حياتي به قربان ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا آهن. زندگي جي ڪنهن مختصر عرصي ۾ ڪو وڏو ڪم ڪري وڃڻ ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر لڳاتار جاکوڙ ڪرڻ يا ڪنهن چڱائي کي قائم ڪرڻ لا زندگي ارپي ڇڏڻ ناممڪن ته نه پر ڏکي ڳالهه آهي." راشد جو لکيل هي نثر نه رڳو سندس فڪر ۽ خيال جي وسعتن کي چٽي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، پر ڪنهن به وڏي سياسي هلچل يا سماجي تبديلي لا جنهن سطح جون قربانيون گهرجن، راشد انهن کان به نه رڳو واقف آهي، پر ان لا تيار به آهي. اهو رويو وطن سان سندس ڪمٽمينٽ ۽ سون ورني سنڌ جي سينڌ سدائين اجري رهڻ لا زندگي ڀر پورهيو ڪرڻ واري جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. "راشد! چمڙا ته ناهيون جو انڌيرن سان ٺهون، پانهنجو ايمان پختو آ سويرن تي! (راشد مورائي) راشد مورائي جيئي سنڌ هلچل کي پسند ڪندڙ ۽ ان تحريڪ رستي سنڌ وطن جي ڳالهه ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. "ماتا! توکان منهنڙو موڙي، ڪيئن خوش رهندس آن، سنڌڙي، مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت ساڻ!" (راشد مورائي) راشد سان سندس زندگي ۾ ڪي چند ملاقاتون آهن، پر ساڻس تفصيلي ڪچهري ان وقت ٿي، جڏهن آئون دوستن سوڌو سندس نوجوان پٽ جي ڪمهلي موت تي ساڻس فاتحه لا موري شهر پهتو هئس. انسان ڪيڏو به مضبوط ۽ حوصلن جو ڏاڍو ڇو نه هجي، پر اولاد جو وڇوڙو ماڻهو کي جهوري وجهي ٿو ۽ اهڙو ئي جهور اسان ارادن ۽ خيال جي اڏول شخص راشد مورائي ۾ ان وقت ڏٺو، جنهن مهل هن پنهنجو محبوب پٽ وڃايو. آئون سمجهان ٿو ته ان کان پو سندس طبيعت بتدريج ٺيڪ نه رهڻ لڳي ۽ اهو صدمو دل ۾ رکندي رکندي هن پنهنجي پاڻ کي اندران ئي اندران بيحد ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. مون ان وقت به هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ سائين راشد جي شخصيت ۽ ان درد بابت پنهنجا ويچار ونديا هئا. جڏهن راشد جي هن فاني جهان ڇڏڻ جي خبر مون تائين پهتي ته مون کي ايئن ئي صدمو پهتو، جيئن هڪ وطن پرست آرٽسٽ جي وڇوڙي تي ان وطن جي هڪ سماجي يا سياسي ڪارڪن کي پهچڻ گهرجي. راشد جهڙا آرٽسٽ ۽ ڪردار بنيادي طور وطن ۽ قومن جو اثاثو هجن ٿا. تنهن ڪري اهڙن ڪردارن جو وڇوڙو بنيادي طور قومي سانحو هجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪردارن جي وڇوڙي سان قومن جي سپهه سالارن جي قطار ۾ گهٽتائي ٿي ويندي آهي. تنهنڪري نه رڳو اهڙن وڇوڙن تي درد محسوس ڪجي، پر وري اهڙن سپهه سالارن جي قطار کي سڌو رکڻ لا ضروري آهي ته انهن جي ڇڏيل واٽ ۽ رستي، پيغام ۽ فڪر، علم ۽ عمل کي اڳيان وڌائجي. هينئر "ڪل پوي ٿي"، "گهڻي ويهين سئو آ" اڳي عشق جي هئي نه آزار جي سڌُ! "لٺين ساڻ پاڻي جدا ڪيئن ٿيندو؟" جيئن شال جاني، نه ليڪو وچان ڪڍُ" (راشد مورائي) اها 2013ع جي جنوري مهيني جي برف بڻائي ڇڏيندڙ سياري جي هڪ خماريل شام هئي. سنڌ جي ڪنهن دور جي عظيم الشان شهرن مان هڪ ۽ انهن ئي ٻين وانگر ڀڙڀانگ ٿي ويندڙ شهرن مان هڪ باڊهه ۾ سائين ستار منگي جي گهر تي راڳ جي محفل هئي. هڪ مقامي فقير، شيرل باڊاهي ۽ ٻين شاعرن کي ڳائي رهيو هو. من موجون ڪري رهيو هو. ٻئي ڏينهن وري واهي پانڌي ۾ پارو ڪيرائيندڙ ٿڌي ۽ انڌيري رات ۾ هڪ وڏي مچ تي ڪچهري ڪندي ڪي نوجوان انقلاب ته ڪي وڏا ماضي جي خوشحالي جا تذڪرا ڪري ڪچهري مچائي رهيا هئا. مقامي فنڪار، استاد بخاري ۽ اياز کي ڳائي رهيو هو. ايئن ئي 2013ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان اپر سنڌ جي ڪجهه ضلعن اندر سياسي پارٽين جي اثر ۽ اميدوارن بابت هڪ بين الاقوامي سياسي ٿنڪ ٽينڪ جي سروي دوران دادو، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، نوشهروفيروز ۽ ٻيا شهر گهمندي حيدرآباد پهتس ته هر هر اهو خيال ذهن ۾ پئي آيو ته سنڌ جا جهرجهنگ هجن، واهڻ وستيون هجن، شهر توڻي ننڍڙا ڳوٺ هجن، پڙهيل ڳڙهيل نوجوان توڻي اڻپڙهيل ٻڍڙا هجن، من کي ٺار ڏيڻ لا ڪابه آرٽ جي محفل يا ڪچهري رچي ٿي ته روح کي جيترو شاعري ٿي گرمائي ۽ وري من کي ان شاعري جي ڳائڪي جيڪو اتساهه فراهم ڪري ٿي، اهو رنگ آرٽ جي شايد ئي ڪنهن ٻئي شعبي ۾ هجي. هڪ نثر نگار طور سوچيم ته سياسي ۽ سماجي تبديلي لا بنيادي منشور ۽ آئين ته نثر ۾ لکبا، منصوبابنديون ته نثر ۾ لکبيون. پر انهن منصوبابندين تي عمل لا جهومائيندي ته شاعري. سوچيم فڪر ۽ فلسفا پڙهي انقلاب يا تبديلي لا اتساهه ته وٺبو نثر مان، پر تحرڪ عملي بحري ۽ جنگ ۾ لهي پوڻ جو رومانس، روح ۽ جذبو ته پيدا ڪندي شاعري. اڄ جڏهن هڪ شاعر اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هي نثر ئي ٽربيوٽ ان شاعر کي ۽ ان جي پرستارن کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ جو جيڪو خواب راشد ڏٺو ۽ جنهن جي ساڀيا هن پنهنجي گيتن ۽ غزلن ۾ پيش ڪئي، سا سنڌ پري ناهي. بس رڳو ضرورت آهي ته روشني جا خواب ڏسون، پر سويرن جي انتظار بدران پاڻ سويرا ٿيون. "راشد هلڻو آ -صبح سويرو ٿي" (راشد مورائي)
"راشد! چمڙا ته ناهيون جو انڌيرن سان ٺهون، پانهنجو ايمان پختو آ سويرن تي! (راشد مورائي) دعا آهي ته رب پاڪ راشد مورائي صاحب جون بشري خطائون معاف ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين.افســـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوس صد افســـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوس جو ڪافي عرصي کان اهيا خواهش هئي ته راشد مورائي سان ملاقات ڪجي مگر ملاقات ٿئي نه سگهي.راشد هڪ شاعر اديب سان گڏ هڪ سچو سنڌي، ۽ کرو انسان هو، سندس مشهور قول هو ته موجوده دور جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪايو.۽ انهن کي حق سچ چئو. جيڪا ڳالهه راشد مورائي صاحب پاڻ ڪري ڏيکاري ......................................... مان باغي هان، مان باغي هان.... جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ، ته مونکي توکان نفرت آ، جي دين اوهان جو دولت آ، مذهب منهنجو محبت آ، تون انسانن جو ويري آن، ۽ منهنجي توتي لعنت آ مان باغي هان، مان باغي هان، هيءَ ڳاڙي ماڙي رئيسن جي،۽ سائي جيب وڏيرن جي، مان باغي هان سوباه ڏئي ٿو ڪريان سڄ لٽيرن جي، هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي، اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي، مان باغي هان، مان باغي هان، هت ڀونڪ ڪتي جي ڪان ٻجهي،هت وڏڙا واڪا ڪڪڙن جا، هي بنگلو آهي رئيسن جو، جت ڌوڙيا آهن ڌُڪڙن جا، هت گاه نه آهي گابي کي،هت چارا آهن ڪڪڙن جا، هي هاريءَ جو هڪ ديرو آ، جتي مارا آهن مڪڙن جا، مان باغي هان مان باغي هان، هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو، سي کائي کائي خوش ٿئي، ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو، ۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيع تي، ٻي وائي ڪاب نه ڄاڻي ٿو، هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، بس تند اها ئي تاڻي ٿو، مان باغي هان مان باغي هان، تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو، تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڊين، مان لڙڪ انهن تي لاڙيان ٿو، مان انسانيت جو درس ڏئي، ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو. مان سوليءَ تي پڻ سچ چئي، اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو، مان باغي هان مان باغِي هان، او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي هٿ ۾گولي آ، ته باغي هڪڙو مان ناهيان، مون سان باغِي ٽولي آ، هي سڀ اهي جن سان کيڏي خون جي هر دم هولي آ، ۽مرسون مرسون سنڌ نه ڌيسون، سڀني جي هيءَ ٻولي آ مان باغي هان، مان باغي هان........ راشد مورائي جون يادگار ڪجهه تصويرون