فيس بوڪ جي نئين سيٽنگ ۾ ڊفالٽ سيٽنگ تبديل ٿي وڃڻ سبب دوستن کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڏکيائي اچي رهي آهي. خاص ڪري اکرن جو بلڪل اڻ چٽو هجڻ ان جو وڏو سبب آهي. دوستن کي عرض آهي ته فيس بوڪ جي ساڄي ڪنڊ تي سيٽنگ واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪري لينگيوئيج ٽيب تي ڪلڪ ڪيو ۽ لينگيوئيج ۾ اچي English (UK) سيٽ ڪيو. اميد ته ڪافي مسئلا بهتر ٿي ويندا. جنرل ۽ لينگيوئيج سيٽنگ لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. https://www.facebook.com/settings?tab=account ____
بلڪل نه... اڪثر اهڙيون فراڊ ڪندڙ ايپليڪيشنز موجود آهن جيڪي ان قسم جو دعوو ڪن ٿيون پر دوستن کي صلاح ٿي ڏجي ته ان چڪر ۾ اچي پنهنجي کاتي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏين..