(بابا سائين) صداڪاري نه اداڪاري ۽ پرفارمنس بيس ٽيلي فلم اسڪرپٽ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    1. (بابا سائين) صداڪاري نه اداڪاري ۽ پرفارمنس بيس ٽيلي فلم اسڪرپٽ
      [​IMG]
      ڪي ڊرامان رائيٽر ۽ ڊائريڪٽر اهو وساري ويهن ٿا ته صداڪاري ۽ اداڪاريءَ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، جيڪي ڊرامان ٽاڪي (ڊائلاگن) تي گهڻو دارومدار رکندا آهن اُهي صداڪاريءَ ۾ اچن ٿا نه ڪه اداڪاريءَ ۾ خاص طور جڏنهن پرائيويٽ ٽي.وي پروڊڪشن جڏنهن اهي ڊرامان... هڪ ڪئمرا تي رڪارڊ ٿي ڪري جنهن جو بُنياد ماسٽر، مڊ ماسٽر ۽ سولو بيس رکيو وڃي ٿو ۽ جيڪي پرفارمنس بيس ۽ گهٽ ڊائلاگ ڊيليوريءَ تي هوندا آهن سا اداڪاري آهي ۽ اُهي ڊراما ڪئمرا موومينٽ ۽ ون گو بيس ٿيندا آهن. سولو رڪارڊنگ ڪري، پرفارمنس ۽ گهڻ ڊائلاگ بيس ٽي.وي ڊرامان پنهنجي افاديت وڃائي ويهن ٿا ۽ اداڪار جي پرفارمنس به ٽُٽي پوي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪردار سان انصاف نٿا ڪن ۽ اجايون دانهون ۽ ڪوڪون ڪري ناظرين جي مٿي ۾ سُور به وجهيو ڇڏين ٿا جنهنڪري هو ر،وٽ سان چئنل ئي بدلايو ڇڏين. انهيءَ ڪري ليکڪ دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته ٽاڪي ۽ صداڪاري بيس ڊرامان لکڻ بجاءِ پرفارمنس بيس ڊرامان جيڪي گهٽ ٽاڪي پر پاورفُل اداڪاريءَ تي هوندا آهن سي لکن ۽ ڊرامان لائين ۾ جدت آڻين. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي اسان هن ٽيلي فلم جي شروعات اداڪاري، ڪئمرا موومينٽ، ون گو بيس ۽ پرفارمنس بيس گهڻي ۽ ٽاڪي، صداڪاري بيس گهٽ رکي آهي جنهن کي اپنائي گهڻو ڪُجهه سکي ڊرامان ايڪٽ ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.

      اچو ته مُشاهدو ڪريون ته پرفارمنس بيس ڊرامان ڪيئن ڊزائين ڪري سگهجن ٿا ۽ پوءِ جتي ضروري هُجي گهُربل ڊائلاگ هڻي انهن کي اُجاگر ۽ پاورفُل بڻائي سگهجي ٿو. اُميد ته هي فارمٽ، آکاڻي يا ريڊيو اسڪرپٽ لکڻ وارن ليکڪن جي مدد ڪندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو