پاڪستان ۾ سنڌ جي وجود تي ٿيل وار خلاف ڪيس هلائڻ گهرجي: امداد حسيني

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جاويد بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ”امن جوشاعر شيخ اياز “ سيمينار

    پاڪستان ۾ سنڌ جي وجود تي ٿيل وار خلاف ڪيس هلائڻ گهرجي: امداد حسيني


    رپورٽ جاويد بوزدار

    تعليم جي حصول ۾ نصابي سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين جي اهميت ان مان ظاهر آهي ته سياڻن جو چوڻ آهي ته ڪنهن عالم سان گهاريل هڪ گهڙي ڪنهن ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ فائديمند آهي. يونيورسٽيون ان ڳالهه جي اهميت کي بخوبي سمجهن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو مادرعلمين ۾ اڪثر اهڙا پروگرام ٿيندا رهندا آهن جن سان شاگردن کي گيان ملندو آهي. وفاقي اردو يونيورسٽي جي انتظاميا پڻ ان قول تي عمل ڪندي مختلف شعبن کي پروگرام ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. عبدالحق ڪئمپس ۾ به اهڙا پروگرام ٿيندا رهن ٿا، خاص طور تي سنڌي شعبو اهڙا پروگرام منعقد ڪندو رهندو آهي. هن سال جي ٽن مهينن ۾ هي شعبو پنهنجي چيئر مين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، سينئر استاد ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، سيما ابڙو ۽ علي جان ٻرڙي جي ڪوششن سان 3 پروگرام ڪري چڪو آهي، انهن پروگرامن جي ڪاميابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪئمپس جا سمورا سينئر استاد مثال ڏيندا آهن ته سنڌي شعبي جا پروگرام سدائين سهڻي نموني ٿيندا آهن.

    مارچ جو مهينو سنڌ جي مهان ڪوي مبارڪ علي شيخ اياز جي جنم جو مهينو آهي، سندس جنم جي تاريخ 2 مارچ آهي. ان مناسبت سان سنڌي شعبي سيمينار هال ۾ سيمينار رٿيو، جنهن جو عنوان ”امن جو شاعر شيخ اياز“ رکيو ويو. ان سيمينار لاءِ آرٽ فار پيس سوسائٽي جو به سهڪار حاصل هو. جيئن ته هي پروگرام سنڌ جي مهان شخصيت جي حوالي سان هو ان لاءِ ان جي صدارت لاءِ سنڌ جي ئي هڪ ٻئي مهان شاعر سائين امداد حسيني کي دعوت ڏني وئي، اتفاق سان امداد صاحب جو جنم به مارچ مهيني ۾ ئي ٿيو آهي ۽ سندس جنم جي تاريخ 10 مارچ آهي. ٻيو اتفاق وري اهو هو ته هي پروگرام به 10 مارچ تي ئي ٿي رهيو هو ان ڪري ان جي اهميت اڃا به وڌي وئي هئي ته هڪ مهان شاعر جي سالگره جي سلسلي ۾ پروگرام ٻئي مهان ڪويءَ جي جنم ڏينهن تي ٿي رهيو هو. صبح جو 10 وڳي کان مهمانن جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو. پروگرام جي باقاعدا شروعات سوا 11 هين وڳي ٿي. سنڌي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي مائيڪ سنڀاليو ۽ پروگرام جي شروعات جو اعلان ڪيو. سائين امداد حسيني، پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي، اردو يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، اردو جي ناليواري شاعر ۽ شيخ اياز جي ساٿي مسلم شميم خان، آرٽ فار پيس جي اڳواڻ مسرور پيرزادي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ڊاڪٽر ڪمال پروگرام جي شروعات ڌڻيءَ جي ساراهه سان ڪئي ۽ ان لاءِ لاکيڻي لطيف جي بيتن جي چونڊ ڪئي وئي. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته ڀٽائي کانسواءِ اياز به ٿر جا سور ٻڌايا آهن، ٿر جا اهي سور هاڻ ظاهر ٿيا آهن، جتي ٻار مري رهيا آهن. ڪاڇي جي به ٿر جهڙي ئي صورتحال آهي ۽ جلد اتان به بيمارين جا ۽ ڏڪار جا اطلاع ايندا ان لاءِ حڪومت کي اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گهرجن. اڄ امداد حسيني جي به سالگره آهي اسان کيس به واڌايون چئون ٿا ۽ اسين سدائين سندس قرضي رهنداسين. مسرور پيرزادي جو چوڻ هو ته هن دور ۾ ادب ۽ فن جي وڌيڪ ضرورت آهي، شاگرد ڪجهه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آتا هوندا آهن ان ڪري اسان آرٽ فار پيس جو بنياد وڌو ته جيئن ان جي پليٽ فارم تان نوجوانن کي سرگرميون جاري رکڻ جو موقعو ملي سگهي. اياز ۽ امداد سميت سنڌ جي سمورن شاعرن جو مقصد امن آهي، اياز سنڌ جو عاشق هو، کيس ڪعبي ۾ به ڪينجهر جي ياد ستائي ٿي.

    ڪراچي يونيورسٽي شيخ اياز تي پي ايڇ ڊي ڪرائي رهي آهي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي اها پهرين شخصيت آهي جنهن شيخ اياز تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. سيمينار ۾ ڊاڪٽر خورشيد صاحبه شيخ اياز جي نثر تي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو جيڪو معلوماتي به هيو ته ان جو اسلوب به وڻندڙ هو، اڪثر مقالا خشڪ هوندا آهن ۽ جڏهن پڙهيا ويندا آهن ته سامعين سمهي رهندا آهن پر ڊاڪٽر صاحبه جي مقالي اهڙي ته دلچسپي پيدا ڪئي جو سڀ ان کي انهماڪ سان ٻڌڻ لڳا، هن مقالي ٻڌڻ کان پوءِ اها چوڻي سچ ثابت ٿي ته هڪ عالم سان ڪچهري ڪتابن جي پڙهڻ کان وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر صاحبه جو چوڻ هو ته سنڌ ڊسمبر ۽ مارچ ۾ اياز کي ياد ڪندي آهي، اياز جو نظم هجي يا نثر، هر ڪم اعليٰ قسم جو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪو به وڏو اديب اڻ ڌريو نه ٿو رهي سگهي ان ڪري اياز به سنڌ جي معاملي تي اڻ ڌريو نه آهي، هو سچو تخليقڪار هو. هن سنڌ ڌرتي سان ناتو رکيو، نه رڳو ناتو رکيو پر ان ناتي کي نڀايو پڻ. ان سان گڏ هن سنڌي ٻولي کي مالامال ڪيو. هو پنهنجي دور جو بهترين شاعر ته آهي ئي پر نثر نگار پڻ ڪمال جو آهي، پر سندس نثر کان وڌيڪ نظم کي مڃتا ملي آهي. اياز جي ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻي جي ارتقا ۾ وڏي ٻرانگهه آهي. هو ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ آيو ته سندس تعلق شيخ راز سان جڙيو، عمر جو فرق هوندي به هو ٻئي هڪ ٻئي جا ويجها ساٿي بڻجي ويا، ساڙ ۾ ماڻهن اياز تي ”شڪارپوري ڀورل“ جو نالو رکيو.

    اردو يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان شيخ اياز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شيخ اياز پنهنجي ڌرتي جو شاعر هو، هن قلم وسيلي مزاحمت ڪئي، هن نه رڳو ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد ڪئي پر بنگالين جي قتل عام جي به سخت مذمت ڪئي، اهو ئي هڪ عظيم شاعر ۽ دانشور جو ڪمال هوندو آهي جو کيس سموري انسانيت جا ڏک پنهنجا ڏک لڳندا آهن. عام ماڻهو ماضي ۾ جيئندو آهي ۽ حال کي وڃائيندو آهي پر عظيم شاعر ماضي تي نظر رکندو آهي، حال ۾ جيئندو آهي ۽ مستقبل کي ڏسندو آهي. حبيب جالب ۽ شيخ اياز اسان جا قومي شاعر آهن. شيخ اياز جي ساٿي ۽ اردو جي مشهور دانشور ۽ قانوندان مسلم شميم پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته تاريخ پنهنجا فاصلا گهٽائي رهي آهي ۽ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ويجها اچي رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اياز فيض احمد فيض، قاسمي جيترو ئي وڏوترقي پسند شاعر هو. اياز لطيف کانپوءِ ٻيو وڏو شاعر آهي، هن سنڌي ڪلاسيڪي شاعري کي بچايو، ڪلاسيڪل سنڌي ٻولي کي ڌارين لفظن جي يلغار کان بچايو، جنهن ڪري هو جيئري ئي عظيم شخصيت بڻجي ويو هو. اياز رڳو سنڌ ۽ سنڌي جو نه پر عالمي سطح جو وڏو شاعر آهي. جيئن لطيف کي پڙهي سنڌ جي تصوير ٺاهي سگهجي ٿي تيئن اياز کي پڙهڻ کانپوءِ به سنڌ جو نقشو سامهون اچي ويندو آهي. مسلم شميم، جيڪو پاڻ به اردو جو وڏو شاعر آهي، چو ي ٿو ته اردو شاعري ڌرتي جي رنگ کان محروم رهي آهي، جڏهن ته شاعري ۾ ڌرتي جو رنگ هجڻ ضروري آهي، سنڌي شاعري ان رنگ سان رڱيل آهي. اردو جا شاعر چاهي غالب هجي، اقبال هجي، فيض هجي، مير هجي يا ٻيا انهن وٽ پنهنجي ڌرتي جا رنگ نه آهن، فيض جڏهن پنجابي شاعري ڪري ٿو ته وٽس ڌرتي جا سمورا رنگ موجود آهن. هن چيو ته آئون سنڌي آهيان پر لکان اردو ۾ ٿو، هن وقت معاشري کي انقلاب جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ شاعري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هر دور ۾ جمهوريت جو قتل ڪيو ويو آهي، هن ملڪ ۾ سنڌ ۽ بنگال کي محروم رکيو ويو. اياز کي پڙهي پاڪستان جي تاريخ لکي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ سڀ کان پهرين سنڌ پاس ڪيو ۽ اڄ سنڌ کي ان ٺهراءُ کي پاس ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. سنڌ تي پهريون وار ڪراچي سنڌ کان کسي ڪيو ويو، ٻيو وار ون يونٽ ۾ سنڌ جو وجود ۽ سڃاڻپ کسي ڪيو ويو. آئون اياز جو مريد آهيان. مسلم جو چوڻ هو ته آئون سنڌ ۾ ڄائو نه آهيان پر سنڌ جي سيني تي نپنو آهيان ان ڪري سنڌ جو فرزند هجڻ تي فخر آهي. جيتري محبت لطيف کي عوام ڏني آهي اوتري غالب کي ناهي ملي.

    صحافي شبير لاشاري استاد بخاري جي سرائيڪي شاعري ترنم سان پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ ڪاڇي جي ڏکن کي بيان ڪيو ويو آهي. محفل جي مور ۽ شيخ اياز جي ساٿي موجوده دور جي وڏي سنڌي شاعر امداد حسيني جي مان ۾ سڄو هال اٿي بيٺو ۽ ٿر ۾ ڏڪار سبب فوت ٿيل ماڻهن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيارڪئي وئي. خطاب ڪندي امداد حسيني چيو ته شيخ اياز جي سالگرا کي پنهنجي سالگرا سمجهان ٿو، اياز منهنجو سينئر همعصر شاعر هو. جڏهن پاڪستان ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه هو ته اياز لکيو ته

    سنڌ تنهنجو نانءُ ڳنهيو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.

    اسان کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي وجود تي جيترا وار ڪيا ويا آهن يا سنڌ کي ۽ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ بابت جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن ان جي بنياد تي ڪيس ٺاهي سگهجي ٿو؟ هن ٻڌايو ته انگريزن جي دور ۾ جڏهن سنڌ جي حق ۾ ايڊيٽوريل لکيا ويا ۽ ان تي شاهه سائين جي سٽ لکي وئي ته شاهه لطيف خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ان وقت ايڇ ٽي سورلي سنڌ ۾ مقرر هو کيس ٻڌايو ويو ته ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي پر شاهه لطيف ته ڏيڍ صدي اڳ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو آهي جنهن تي هو حيران ٿي ويو ۽ هن پوءِ لطيف کي پڙهيو ۽ مٿس ڪم ڪيو. امداد چيو ته پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ٻج ون يونٽ سان ئي ڇٽجي ويو آهي، ترقي پسندي، وطن دوستي ۽ انسان دوستي شاعر جي اندر سمايل هوندي آهي. يورپ ترقي ان ڪري ڪئي آهي ته اتي قانون جي حڪمراني آهي پر اسان وٽ لاقانونيت جو راڄ آهي. اسان وٽ هاڻ بهترين شاعرن جي کوٽ آهي ۽ مون کي لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪو وڏو شاعر نه ٿو سجهي جنهن وٽ نوجوانن کي سکڻ لاءِ اماڻي سگهجي. اسان کي اهڙا لائق ماڻهو پيدا ڪرڻا پوندا جيڪي سڃاڻپ بڻجن. امداد حسيني اهو به چيو ته اسان ورسيون ۽ مرڻ کان پوءِ اديبن جون سالگراهون ته ملهايون ٿا پر اسان کي اديبن کي جيئري ئي مڃتا ڏيڻي پوندي. اياز شاعري ۾ تمام گهڻا تجربا ڪيا، سندس لسانيات، هيئيت ۽ تجربن تي ڪم ڪرڻ گهرجي اياز به هڪ مستقل موضوع آهي. اسان کي اديبن کي سرڪاري قبضي کان ڇڏائڻو پوندو، حڪومت لطيف تي به قبضي جي ڪوشش ڪئي پر لطيف ايترو ته وڏو آهي جو هو حڪومت جي ڇٽيءَ ۾ ماپي ئي نه ٿو سگهي ان ڪري بچي ويو آهي نه ته ٻين تي تقريبن قبضا ٿي چڪا آهن. سرڪاري قبضي جي حالت ته اها آهي ته جنهن رياست اياز جي ڪتابن تي پابندي هنئي اها ئي اڄ اياز جا ڪتاب ڇپرائي رهي آهي. اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ ٻين ٻولين کي بچائڻ کپي. سرڪار ٻولي ۽ ادب جي ڪا خدمت ته نه ڪندي پر فيسٽيول ڪرائي فقط اسٽوپا کي تباهه ڪيو ويندو.

    ريڊيو پاڪستان جي ڪمپيئر مريد ڄامڙي اياز جو ڪلام پيش ڪيو جنهن کان پوءِ سنڌي شعبي جي سينئر استاد ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا، اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي هن پروگرام ۾ پروفيسر ڪرن سنگهه، سينئر صحافي محمد خان سولنگي، اردو يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ناهيد ابرار، شعبي ماس ڪميونيڪيشن جي آزادي برفت، اڪبر سوڍو، پي ٽي وي جي پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو