ٻوڏ ڪهاڻي منهنجا ٻار... منهنجا ٻار...پ...پ....! جاويد بوزدار هو پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيو لڇي پڇي رهيو هو، ننڊ سندس اکين کان ڪاوڙجي وئي هئي ۽ نيڻن ۾ ننڊ جي جاءِ لڙڪن اچي والاري هئي. هو حيران هو ته کيس ڇا ٿي ويو آهي، هو جيڪو سدا جو اوجاڳيل آهي ۽ جيڪو ننڊ ڪرڻ لاءِ بهانا ڳوليندو آهي اڄ ننڊ لاءِ پريشان هو. ڪا شئي هئي، جنهن ڪري هو بيچين هو، هن اوڇنگارون ڏيڻ پئي چاهيون پر آواز نڙي مان نڪرڻ کان نابري واري ڇڏي هئي. هن پنهنجي حالت جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو، کيس ياد آيو ته هو ڪجهه دير اڳ ٽي وي ڏسي رهيو و ۽ روز جيان بجلي بند ٿيڻ تي ڪمري ۾ اچي ستو هو. ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي هن سڄي ڏينهن جي مصروفيت تي نظر ڊوڙائي.... اوچتو کيس ڪجهه ياد آيو ۽ کيس سندس سڄي حالت جي سببن جي پروڙ پئجي وئي. کيس ياد آيو ته آفيس ۾ دودي کيس درد ڪٿا ٻڌائي هئي ۽ اها درد ڪٿا ئي سندس بيچيني جو سبب هئي. دودو درياءَ جي دهشت ۽ انسانن جي بدانتظامي جو شڪار بڻجي آيل ماڻهن جي پنهنجي وت ۽ وس آهر پرگهور لهي رهيو هو ۽ هن رڳو ڌرتي سان ڪيل نينهن نڀائڻ جي ناتي پنهنجو آرام، سڪون، سک، سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو. هو ڪو ڊاڪٽر، سماج سڌارڪ، خدائي خدمتگار يا انسانن جي پرگهور لهڻ وارو نه هو پر پوءِ به هو پنهنجي ڌرتي ڀاتين جا ڏک سور گهٽ ڪرڻ ۾ رڌل هو. دودي کيس ٻڌايو هو ته بي گهر بڻجي آيل هر شخص پاڻ داستان بڻجي پيو آهي. هن ٻڌايو ته ڌڪجي آيلن ۾ هڪ ماءُ آهي، جنهن سان سندس ٻچڙا گڏ آهن، هو جڏهن ڪئمپ ۾ ويو ته الائي ڇو ان ماءُ سندس ڌيان ڇڪائي ورتو، ان امڙ جي اکين ۾ ڪجهه هو جيڪو کيس هن ڏانهن ڌيان ڏيڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. هن پهرين کيس به ٻين ضرورتمندن جيان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ايئن نه ڪري سگهيو. دودو ٻڌائي رهيو هو ته آخرڪار هو مجبور ٿي ان جيجان وٽ ويو ۽ ادي چئي سندس مٿي تي هٿ رکيائين، سندس هٿ ان ماءُ جي مٿي تي رکجڻ جي دير هئي، ڄڻ سورن جو سمنڊ هو جيڪو سمورا بند ٽوڙي ويو هجي، کيس انهن لڙڪن ۾ درياهه شاهه جي دهشت کان به وڌيڪ لوڇ پوڇ ۽ دهشت نظر آئي. ان امڙ جي سڏڪن هاڻن جملن سندس جيءَ کي به جهير ڏئي ڇڏيا. درد ۽ هيترن سارن مجبور ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي جيڪو درد سندس دل ۾ ڪٺو ٿيو هو، اهو جبلن کي به جهير ڏئي ويو ۽ سندس اکين جا به سمورا بند ڀَڄي پيا هئا. ان اديءَ دودي کي چيو ته ”ادا... او ادا... منهنجا ٻچڙا هت نه آهن“... ادا... اسان کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. اَ... اَ... دا.... د....دا....اسان سڀني ٻن ڏينهن کان ..... ها....ڀاءُ ٻن ڏينهن کان .........................................ڪ......ڪ.....ڪجهه به نه کاڌو آهي......م......من.....منهه....منهنجو ته خير آهي پر ٻارن جو ڇا ڪريان.... سو اڄ.....اڄ...... انهن کي .......اماڻيو اٿم تت....ته هو پپ....پپ......پاڙي ۾ وڃي.....پِني اچن ته ڪجهه....کک.....کک.....کائون.....
ڪهاڻي پڙهي هڪ ٿڌي آھ دل مان نڪتي ، اسانوٽ هن وقت ظلم جي انتها لڳي پئي آهي ، درد جي مارين کي زمانو بجاءِ همدردي ڪرڻ جي حقارت سان پيش اچي ٿو