ڪار کي ڇا ڪريان.....

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جاويد بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻوڏ ڪهاڻي

    ڪار کي ڇا ڪريان.....
    جاويد بوزدار
    هڪ ڪئمپ ۾ ڪار بيٺل هئي ڀر ۾ ئي هڪ اڌڙوٽ عمر همراهه به ڪجهه عورتن ۽ ٻارن سان گم گم سم ويٺو هو. (مردن لاءِ اهو وڏو مسئلو آهي ته هو روئي به ناهن سگهندا). ويٺو ته اتي هو پر سندس ڌيان ڪنهن ٻي دنيا ۾ هو، کيس هر هر اهو سور ستائي رهيو هو ته هو ڇا ڪري سندس ٻار بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هئا، سندس اهي ننگ جيڪي پردي کانسواءِ ٻاهر ئي نه ايندا هئا، جن کي ڪڏهن ڪا لهس به نه آئي هئي ۽ جن ڪڏهن هڪ گهڙي به رخو نه کاڌو هو، اهي اڄ ٽُڪُر ڀور لاءِ واجهائي رهيا هئا.

    هن اڌڙوٽ کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهي هئي، اوچتو سندس لبن کي مرڪ جو جهوٽوآيو، جيڪو کن پل لاءِ آيو ۽ پوءِ اکين مان ڪرندڙ ٻن ڳوڙهن جي تاءُ ۾ گم ٿي ويو. هو گذاريل حياتي ۾ليئو پائي مرڪي پيو هو پر پنهنجي حالت ڏسي لڙڪ به نه روڪي سگهيو.

    هن ڪار کي ڏسي سوچيو ته هن ڪيڏي نه سڪ مان اها خريد ڪئي هئي ۽ کيس ان تي ڪيڏو نه ناز هوندو هو پر درياءُ جي هڪ ئي دهمان کيس بيوس بڻائي ڇڏيو هو. بادشاهه جي زور آڏو سندس زورآوري تِڇُ بڻجي وئي ۽ هو رڳو ڪار ۾ ٻچڙن جو ساهه بچائي پهتو هو. ڪار ته اچي وئي پر هن وقت اها ڪنهن به ڪم جي نه هئي، ڇو ته ڪاغذ ته گهر ۾ ئي رهجي ويا هئا. ان لاءِ هو ان کي کپائي به نه پيو سگهي.

    سندس دل ۾ هڪ عجيب خواهش پيدا ٿي، هن سوچيو ته ڪاش! جيڪر هي ڪار مانين جي ٺهيل هجي ها، گهٽ ۾ گهٽ سندس ٻارن جو بکيو پيٽ ته ڀرجي سگهي ها. لوهه جي ڪار کي هو ڇا ڪري.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪڏهن ڪڏهن سون ، چاندي ۽ ملڪيت ڪو به ڪم نه ڏيندا آهن ....
     
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ھر شي جي پنهنجي اھميت آھي. . . . . .
     
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اهو سون ئي ڇا جو ڪن ڇني!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو