ادا! تنهنجا ڏنل گُڏو ۽ گُڏِي اڃا پيل آهن................

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جاويد بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻوڏ ڪهاڻي

    ادا! تنهنجا ڏنل گُڏو ۽ گُڏِي اڃا پيل آهن................

    جاويد بوزدار
    هي ڪالهه ڪنهن هنڌ ٻوڏ متاثرن ۾ رانديڪا ورهائي آيو هو، ٻارن جو سندس چوڌاري ميلو متل هو، هن سڀني کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو جيڪو وٽس هو ۽ جيڪو ڪجهه جنهن گهريو.

    مولا بخش بيٽ کنئي ته اصغر جي بال وٺڻ واري خواهش پوري ٿي، سُهڻيءَ کي وري ڊرم وڄائيندڙ ڀولڙو وڻي ويو، صدف کي چاٻي واري گُڏِي ملي، شهمير فٽبال کي ٿڏو هنيو، سونو بس کڻي ويو، سمير کي رموٽ واري ڪار ملي، ڪائنات کي ڳالهائيندڙ ڪوئل ڀَلِي لڳي ته ڪونج وري گهر جي فرمائش ڪئي.

    هو سڀ ڪجهه ڏئي گهر وڃڻ لاءِ موٽيو، گاڏي ۾ ويٺو ئي مس هو ته ٻاهران گاڏي تي ٺُڪ، ٺُڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هن ڏٺو ته کيس ويجهو ڪو به نظر نه آيو. هن آواز کي اڃا پنهنجو وهم ئي قرار ڏنو هو جو وري گاڏي تي ٺُڪ ٺُڪ ٿي ۽ هن محسوس ڪيو ته ڌڪ شيشي تي نه پر دروازي کي لڳي رهيا آهن، ڪنڌ دريءَ مان ٻاهر ڪڍي ڏٺائين ته کيس هڪ جيتامڙو ٻن فوٽن جو معمولي ڪپڙا پهريل وجود نظر آيو، جيڪو کيس ڪجهه چئي رهيو هو.هو گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌي نه سگهيو ۽ کيس هيٺ لهي ان پتڪڙيءَ وٽ وڃڻو پيو.

    هو گاڏي مان لهي وٽس ويو، اهو معصومڙو جِيوَ کيس چئي رهيو هو ته؛‎” ماما ماون کي ۽ منهنجي ادڙا کي ڪجهه به نه مليو آهي، اسان کي به ته ڏي نه، آئون ادڙا کي کيڏائيندس“. هن چيس ته” جيڪڏهن ڪجهه نه ڏيان ته“. نينگري چيو ته” ته پوءِ منهنجي توسان ڪِٽِي، ما ما به نه چوندس“.

    ننڍڙي جي ڳالهه سندس دل کي ڇهي وئي، هن گاڏي ۾ ڏٺو، اتي هڪ گُڏِي ۽ هڪ ڀالُو پيل هئا، هن اهي کڻي نينگريءَ حوالي ڪندي چيو ته ما ما ها ڀلا هي وٺ، هاڻ ته خوش؟ هن ڪنڌ ڪُلهي ڏانهن نوائيندي اشاري سان هائوڪار ڪئي. هوءَ وڃڻ لڳي ته هن کيس روڪيندي چيو ته ڀلا منهنجي ما ما جو نالو ڇا آهي؟ هن وراڻيو صنوبر. ۽ ادڙا جو، جواب مليو سخاوت. ائين هوءَ خوشي مان ٽِپَ ڏيندي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ ڏانهن هلي وئي ۽ هو صنوبر ۽ سندس ڀاءُ بابت سوچيندو گهر پهتو هو ۽ پوءِ صنوبر کانئس وسري وئي.

    ڪجهه گهڙيون اڳ سندس موبائل تي ڪال آئي، جنهن سندس هٿ پير ئي ٺاري ڇڏيا، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري، هو جيڪو ڪڏهن به نه رنو هو اڄ روئي ويٺو هو، سو به ٻارن جيان رڙيون ۽ دانهون ڪري. کيس يقين ئي نه پئي آيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو. اهو پالڻهار جيڪو رحيم به آهي اهو ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي، هو سوچي رهيو هو.

    .....................................

    .....................................

    ....................................

    کيس ڪنهن لوڪل پر اوپري نمبر تان فون آئي هئي، هن ڪال اٽينڊ ڪئي ته ڪا عورت هئي جيڪا ڳالهائي رهي هئي، ان عورت ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو ته،” ادا! صنوبر گذاري وئي!“..... ”ڇا چيو توهان؟“ هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو..... ”ادا ڪالهه توهان رانديڪا ورهائڻ آيا هئا نه، اُتي آخر ۾ هُجت ڪري توهان کان هڪ ننڍڙيءَ رانديڪا گهريا هئا“ کيس ياد ڏياريو ويو. ”ها، ها ياد آيو“ ”ادا! اها صنوبر هاڻ نه رهي آهي، منهنجي صدوري مون کان، پنهنجي ڀاءُ سخات کان ۽ تو ما ما سان ڪِٽِي ڪري وئي“.

    پر ٿيو ڇا هو کيس، هن پندپهڻ واري ڪيفيت ۾ پڇيو.

    ادا! هن کي ته دست ۽ الٽيون هيون. جواب مليس.

    پر ان وقت ته ٺيڪ هئي، هن ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.

    ادا، هوءِ پنجن ڏينهن کان بستي تي هئي، رڳو رانديڪا وٺڻ لاءِ گاڏي تائين اٿي آئي هئي. ادا! اهو گُڏو ۽ گُڏِي اڃا تائين ائين ئي پيا آهن.

    فون تي آخري لفظ ٻڌڻ کانپوءِ سندس گهر وارن سندس رڙ ٻڌي ۽ هو مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو