پنهنجو مسيحا.

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جاويد بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2014۔

  1. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻوڏ ڪهاڻي

    پنهنجو مسيحا.
    جاويد بوزدار
    سخت ڪاوڙ، چپ خشڪ ۽ مايوسي وچان تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هيس ته هٿ کي ڇڪجندي محسوس ڪيم ۽ پوءِ ڪن تي ڪو آواز پيو، انڪل، انڪل. اکيون صاف ڪري غور سان ڏٺم هڪ نينگر هو جيڪو هٿ کان وٺي منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيو هو.دڙڪو ڏيندي چيو مانس ته ڇاهي؟ کلي ڏنائين. سندس کل مون کي شرمندو ڪري ڇڏيو ۽ چيو مانس ها پٽ چئو ڇا آهي. چيائين توهان هنن مصبت جي ماريل ماڻهن جي سار سنڀال پيا لهو نه؟ چيم ها بابلا توهان کي ڇا کپي.
    سوال پڇندي محتاط ٿي ويس ڇو ته هو ڪو ڳوٺاڻو نه پر شهر جو ٻار لڳي رهيو هو ۽ سندس ڪنهن به جواب بابت پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳس ته سندس جواب کانپوءِ ڳالهه اڳتي ڪيئن وڌائيندس.
    نينگر چيو ته مون کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي. چيو مانس ڪهڙي مدد کپي، حڪم ڪريو. نينگر چيو ته منهنجو نالو فرهاد آهي، مون به هنن مصيبت جي شڪار ماڻهن لاءِ ڪجهه سامان گڏ ڪيو آهي، مهرباني ڪري اهو کڻي توهان ورهايو.سوچيم ته ننڍڙي جسُ جهڙو ڪم ڪيو آهي سامان ٿورو هوندو اهو کڻي ٿو اچان. چيو مانس فرهاد پٽ آهي ڪٿي سامان. هڪ عمارت ڏانهن اشارو ڪندي چيائين هن ۾. ساڻس گڏ هليو ويس.
    بلڊنگ جي ڇت تي وڃي ڏٺم ته مار! هي سامان کڻڻ ته هڪ ٻن ڄڻن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي، تمام گهڻو سامان آهي. حيران ٿي فرهاد کان پڇيم يار! هي هيترو سارو سامان ڪيئن گڏ ڪيو اٿئي.چيائين ويري سمپل، بلدنگ جي هر گهر جي در تي وڃي در کڙڪائي متاثرن لاءِ سامان گهريم، ۽ سڀني ماڻهن ڪجهه نه ڪجهه ڏنو، ڪجهه ته پئسا به ڏيڻ چاهيا پر اهي نه ورتم، بس، ڪنهن اٽو ڏنو، ڪنهن گيهه، ڪنهن سُڪو کير، ڪنهن منرل واٽر، ڪنهن کنڊ، ڪنهن چانهه پتِي، ڪنهن بسڪٽ، ڪنهن داليون، ڪنهن صابڻ ته ڪنهن ڪو ٻيو سامان. ائين هي سامان ڇت تي گڏ ڪري ورتم، اڄ توهان کي وٺي آيو آهيان.
    ساٿين کي گهرائي سامان کنيو ته اهو ٻن سوزوڪين ۾ پورو پيو. فرهاد کي ٿينڪ يو چئي اڳتي وڌيس ته هن چيو انڪل، هڪ ڳالهه چوان، چيم ڀلي بابا، چيائين توهان کي ڪئمپ تي ايڌي، ڇيپا، الخدمت ۽ بين تنطيمن تي ڪاوڙ ڪندي ڏٺو هيم، توهان چيو پئي ته اهي هنن متاثرن جي مدد ڇو نه پيا ڪن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پهچي وڃن ٿا. انڪل، آئون چوان ٿو ته پاڻ 5 کان 6 ڪروڙ سنڌي آهيون، ٻين جو آسرو ڪرڻ بدران ڇا پاڻ پنهنجو ڪو به عبدالستار ايڌي، رمضان ڇيپا، انصار برني، نعمت الله خان، ابرار الحق، شهزاد راءِ يا مڌر ٽيريسا پيدا نه ٿا ڪري سگهون؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آئون چوان ٿو ته پاڻ 5 کان 6 ڪروڙ سنڌي آهيون، ٻين جو آسرو ڪرڻ بدران ڇا پاڻ پنهنجو ڪو به عبدالستار ايڌي، رمضان ڇيپا، انصار برني، نعمت الله خان، ابرار الحق، شهزاد راءِ يا مڌر ٽيريسا پيدا نه ٿا ڪري سگهون؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    اهو سوال ته اسان هر سنڌي جو آهي، پر جي ڪجهه لکون ٿا ته دوست چڙي پوندا جيئن اڄڪلهه فنڪشنل وارا يا حر جماعت امر جليل جي پويان پيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو