تازو ڪي ٽي اين تي لاڙڪاڻي ڊويزن جو ايس ايڇ او ڊي آئي جي خادم رند کي بي نظير انڪم سپورٽ آفيس تي وحشين جي چڙهائي ڪندي ڏيکاريو ويو. ۽ آفيس وارن تي الزام هنيو اٿائين ته آفيس جي ٻاهران عورتون اُس ۾ بيٺيون آهن انهن جي تذليل ٿي ٿئي انڪري انهن جي آفيس بند ڪئي وئي آهي ۽ ايف آء آر ڪاٽي وئي آهي. ڇا خادم رند اهو ٻڌائي سگهندو ته لاڙڪاڻي شهر جي اوڀر ۾ انگريزن جي دؤر کان قائم چڪلي ۾ عورتن جي ڪهڙي عزت ٿي رهي آهي ؟ ان لاءِ ڊويزنل ايس ايڇ او ڪهڙا اُپا ورتا آهن ؟
خبر ناهي ان آفيسر کي نظر آيو ؟ آفيس بند ڪرڻ سان جيڪي غريبن کي امدادي چيڪ ملڻا هئا هاڻ انهن غريبن جو ڇا ٿيندو؟ لاڙڪاني ۾ مندر ساڙڻ جا واقعا ٿيا ... ان خلاف هن ڪهڙي ڪاروائي ڪئي؟ خبر ناهي اسان جا آفيسر ڇا سوچيندا آهن.