• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻي ڊويزن جو ايس ايڇ او خادم رند

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
تازو ڪي ٽي اين تي لاڙڪاڻي ڊويزن جو ايس ايڇ او ڊي آئي جي خادم رند کي بي نظير انڪم سپورٽ آفيس تي وحشين جي چڙهائي ڪندي ڏيکاريو ويو. ۽ آفيس وارن تي الزام هنيو اٿائين ته آفيس جي ٻاهران عورتون اُس ۾ بيٺيون آهن انهن جي تذليل ٿي ٿئي انڪري انهن جي آفيس بند ڪئي وئي آهي ۽ ايف آء آر ڪاٽي وئي آهي.
ڇا خادم رند اهو ٻڌائي سگهندو ته لاڙڪاڻي شهر جي اوڀر ۾ انگريزن جي دؤر کان قائم چڪلي ۾ عورتن جي ڪهڙي عزت ٿي رهي آهي ؟ ان لاءِ ڊويزنل ايس ايڇ او ڪهڙا اُپا ورتا آهن ؟
 
خبر ناهي ان آفيسر کي نظر آيو ؟

آفيس بند ڪرڻ سان جيڪي غريبن کي امدادي چيڪ ملڻا هئا هاڻ انهن غريبن جو ڇا ٿيندو؟ لاڙڪاني ۾ مندر ساڙڻ جا واقعا ٿيا ... ان خلاف هن ڪهڙي ڪاروائي ڪئي؟

خبر ناهي اسان جا آفيسر ڇا سوچيندا آهن.
 
خبر ناهي ان آفيسر کي نظر آيو ؟

جڏهن شاگرد پنهنجي سنڌ ڌرتي تي شاگرد سياست آخري پساه کڻي رهي هئي ان وقت خادم رند سنڌي شاگرد تحريڪ جو اهڙوئي سرگرم هيو ، جهڙو ڪميونسٽ پارٽي جو گورباچوف، هن به ان عمل ۾ حصو وٺندي سنڌي شاگرد تحريڪ جو ٻيڙو ايئن ئي ٻوڙي ڇڏيو جيئن گورباچوف سويت يونين کي تباه ڪيو. هينئر ته هڪ ٻي ڳالهه جي به سُس پُس پئي هلي ته لاڙڪاڻي ۾ هٿ وٺي ڪري هڪ مذهبي تنظيم جي ڌمڪين سبب هندن جا مندر ساڙايا ويا جنهن ۾ انتظاميه جو ڀرپور ڪردار رهيو. چوڻ وارا ايئن به چون ٿا ته انهي وڳوڙن ۾ جتي جتي خادم رند پوسٽ رهيو ۽ پنهنجو اثر ڇڏيو اتي هندن جون عبادتگاهون انهن جون ملڪيتون تباه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. سوچڻ جي ڳالهه هي به آهي جهيڙو لاڙڪاڻي ۾ ٿئي پيو اُن جو بدلو بلوچستان جي شهر اوسته محمد ۽ ڊيرا الله يار ۾ هندن جو ملڪيتون عبادت گاهون انهن جون عزتون بيدردي سان ايئن تباهه ڪيو ويون ڄڻ ته مال غنيمت هٿ آيو هجين.
 
Back
Top