سائين راشد مورائي جي انتقال جي پس منظر ۾ لکيل

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
وائي ( مصطفي آڪاش )

بيماريءَ ۽ بُک وگهي ،
ڪيسين پيا مَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا ؟

اوندهه آڏو چنڊ جيان ،
راتين جو ٻَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا .

جهوراڻن ۽ ڳاراڻن ۾ ،
ڪيسين هِيءَ ڳرندا ؟
شاعر منهنجي ديس جا .

سنڌڙيءَ تنهنجي نيڻن ۾ ،
ڪنول جئن تَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا .

وائين جي ورلاپ ۾ ،
ور ور پيا وَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا .

ڌرتيءَ جي آڪاش تي ،
تارن جئن ٻَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا
 
ڌرتيءَ جي آڪاش تي ،
تارن جئن ٻَرندا ،
شاعر منهنجي ديس جا

واهه ... مصطفى آڪاش جي شاعري فيسبوڪ تي پڙهندا رهندا آهيون پر سنڌ سلامت تي سندس اچڻ ۽ شاعري شيئر ڪرڻ اسان لاء خوشيء جو سبب بڻبو. سندس سنڌ سلامت تي شيئر ڪيل شاعري گوگل سرچ ايبل به رهندي،
 
Back
Top