حق جي تار وڳي آ هو هو

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
حق جي تار وڳي آ هُو هُو
تنهنجي سار لڳي آ هُو هُو

سچ کي سچ پچ سمجهيو آهيان
باقي يار ٺڳي آ هُو هُو

مٽي ڪُولي مٽي چيڪي
مٽي منجهه مڳي آ هُو هُو

وحدت وارو جام چکي ڏس
ٻيو هر جام جهَڳي آ هُو هُو

هڪڙي واٽ حقيقت واري
دنيا چار دڳي آ هُو هُو

منهنجي من جي هوڏي هيئيت
ڏاتر پاڻ ڀڳي آ هُو هُو

مون مان مس مس نڪتو آهيان
تون جي تند وڳي آ هُو هُو

هن آڪاش عدم مان هڪدم
هر شئي هاڻ تڳي آ هُو هُو
 
Back
Top