سنڌ سلامت جي نمايان پروجيڪٽس مان هڪ پروجيڪٽ هو سنڌ سلامت ريڊ. جنهن سان فيس بُڪ ٽئٽر ۽ گوگل پلس تي سنڌي اردو جا دلڪش فونٽ نظر ٿي آيا. پر جيئن ته فائرفاڪس ۽ ڪروم لاءِ ايڊ آن جي مدد سان لاڳو ٿيندڙ اهي فونٽ برائوزرس جي تڪڙي آيل اپڊيٽيڊ ورشن سان مطابقت نه رکي سگهيا ۽ انهي پروجيڪٽ جي خالق ذيشان رشيد کي انهي جو ڪو مناسب حل ڳولڻ جو موقعو ملي ته فيس بُڪ پاڻ کي اپڊيٽ ڪيو. انهي سان اهو ٿيو جو ٻن حوالن سان انهن فونٽ ۾ گڙبڙ ٿي وئي هڪ ته اپڊيٽيڊ برائوزرس تي اردو جا فونٽ ڪم نه پيا ڪن ۽ ٻيو ته فيس بُڪ جي تبديل ٿيل سيٽنگ جي ننڍن اکرن ويتر مُنجهائي وِڌو. مٿان اوچتو رشيد جي مصروفيت هن مسئلي جي حل کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو.
وچ ۾ سليمان وساڻ هڪ ٽل ٻُڌائي پر ڪافي دوستن سميت مون وٽ به اها ڪارگر نه رهي.
جيسين رات جي ڪچهرين جو ساٿي رشيد وري اچانڪ گورڌن ولاسائي سان انهي جو ذِڪر نڪتو. تنهن چيو ايڪسٽينشن به هُجي تڏهن به ننڍا نظر ايندڙ فونٽ وڏ ڪري ڏِسي سگهجن ٿا. بس رُڳو فيس بُڪ وارو پيج زوم ڪري ڇڏيو. جيڪو ڪنٽرول پريس ڪري مائون جو فيٿو اڳتي ڦيرائي آرام سان ڪري سگهجي ٿو. انهي سان نه رُڳو اکر وڏا نظر ايندا پر چيٽ باڪس به صرف ضرورت وقت کولي ڏسي سگهبو ۽ پوسٽ ۽ ٽيڪر جي وچ واري لائين به هيٺ دٻجي ويندي. مطلب ته پوسٽ واضع نظر ايندي ۽ پاسي ۾ ٽيڪر.
زوم ڪرڻ کان پهرين وارو ڏيک
هڪ دفعو زوم ڪري ڇڏڻ کان پوءِ وارو ڏيک
اوهان چاهيو ته سنڌ سلامت ريڊ به هلائي سگهو ٿا پر اردو لاءِ ڪم نه ڪندي.
وچ ۾ سليمان وساڻ هڪ ٽل ٻُڌائي پر ڪافي دوستن سميت مون وٽ به اها ڪارگر نه رهي.
جيسين رات جي ڪچهرين جو ساٿي رشيد وري اچانڪ گورڌن ولاسائي سان انهي جو ذِڪر نڪتو. تنهن چيو ايڪسٽينشن به هُجي تڏهن به ننڍا نظر ايندڙ فونٽ وڏ ڪري ڏِسي سگهجن ٿا. بس رُڳو فيس بُڪ وارو پيج زوم ڪري ڇڏيو. جيڪو ڪنٽرول پريس ڪري مائون جو فيٿو اڳتي ڦيرائي آرام سان ڪري سگهجي ٿو. انهي سان نه رُڳو اکر وڏا نظر ايندا پر چيٽ باڪس به صرف ضرورت وقت کولي ڏسي سگهبو ۽ پوسٽ ۽ ٽيڪر جي وچ واري لائين به هيٺ دٻجي ويندي. مطلب ته پوسٽ واضع نظر ايندي ۽ پاسي ۾ ٽيڪر.

زوم ڪرڻ کان پهرين وارو ڏيک

هڪ دفعو زوم ڪري ڇڏڻ کان پوءِ وارو ڏيک
توڙي جو اهو هڪ جهُڳاڙ آهي پر نئين لُڪ جو فائدو ۽ وڏا فونٽ ڏسي سگهڻ لاءِ ڪارگر آهي.اوهان چاهيو ته سنڌ سلامت ريڊ به هلائي سگهو ٿا پر اردو لاءِ ڪم نه ڪندي.