زندگي خدا جو ڏنل تحفو به آهي ته امانت به آهي، خدا پنهنجي امانت انهن ماڻهن کان جلدي وٺندو آهي جيڪي ماڻهو ان جي نظر ۾ بهتر هوندا آهن،، خدا کي بهترين انسانن جي ضرورت هوندي آهي، زندگي ڀلي ٿوري گذري پر عزت سان گذري، پنهنجي زندگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي برين ڳالهين کان پري رهڻ گهرجي،، نيڪي جي رستي تي هلڻ گهرجي، سميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي، چاهي پوءِ فاسي تي ڇو نه چڙهايو وڃي، پنهنجي ايمان کي مضبوط رکڻ گهرجي ته ڪو به شيطان اسان تي حاوي نه ٿئي،، شيطان بار بار موقعو ٿو ڳولي انسان ۾ داخل ٿيڻ جو،، پر اگر انسان جو ارادو مضبوط آهي ته شيطان چاهي به ڪجهه نٿو ڪري سگهي،، معاشري ۾ عزت ٺاهڻ لاءِ پيسي جي ضرورت ناهي پر ڪردار جي ضرورت آهي، انسان جو ڪردار جيترو ڀلو هوندو اوترا ئي ان جا دوست ٺهندا،، جنهن جا دوست گهڻا ته سمجهو ان جي ملڪيت گهڻي ان جي شهرت گهڻي،، زندگي هميشه اهڙي گزاريو ته الله به خوش ٿئي ۽ معاشرو به توهان جي هاڪ ڪري،، بهتر زندگي اها آهي جنهن ۾ خدا جو خوف ڪيو وڃي، الله جي دربار ۾ ان کان سچي دل سان دعا گهري وڃي، سچي دل سان گهريل دعا ڪڏنهن به الله جي دربار ۾ رد نه ٿيندي آهي. دعا نه پوري ٿيڻ جو اهو مطلب ناهي ته الله توهان جي دعا نه قبول ڪندو، پر ان جو مطلب آهي ته الله توهان نيڪ ٻانهن جي صبر کي ڏسڻ ٿو چاهي ته منهنجي بندي ۾ ڪيترو ايمان آهي ڪيترو صبر آهي، ان لاءِ هميشه صبر ڪريو پنهنجي ايمان کي هميشه مضبوط رکو،، الله جيڪا امانت توهان کي تحفي ۾ ڏني آهي ان ۾ ڪا به برائي شامل نه ڪريو، اگر غلطي سان به ڪو گناهه ٿي وڃي ته الله جي اڳيان روئي معافي گهري وٺو، الله توهان کي ضرور معاف ڪندو، بيشڪ خدا بخشڻ وارو آهي، بيشڪ خدا معافي ڏيڻ وارو آهي،، بيشڪ خدا رحم ڪرڻ وارو آهي،بيشڪ خدا توهان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ وارو آهي، گهڻا ماڻهو، ڪار بلڊنگ زمين ملڪيت شهرت کي پنهنجي زندگي سمجهندا آهن پر اصل زندگي اها ناهي، اصل زندگي انسان جي عزت ۾ آهي ان جي ڪردار ۾ آهي، انسان هميشه ڪردار سان سڃاتو ويندو آهي،، انسان جي چهري تي ان جي اصليت لکيل نه هوندي آهي تنهن ڪري اسان کي ڪنهن ڪنهن ماڻهو جي خبر نه پوندي آهي،، تنهنڪري ڌڪو به ملي ويندو آهي، انهي لاءِ هميشه سٺا انسان ٿيو معاشري ۾ پنهنجي عزت سنڀاليو معاشري ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو، انهن سان رويو سٺو رکو، انهن جي عزت ڪريو، انهن جي ضرورتن جو خيال ڪريو، ڪنهن جو دل نه ٽوڙيو،، انهيءَ ۾ الله راضي ۽ خوش آهي بيشڪ الله خوش آهي، بيشڪ الله راضي آهي،، ۽ الله کي هر مشڪل ۽ هر وقت ياد رکو اهو ئي توهان جو پالڻهار آهي اهو ئي توهان جو سردار آهي، اهو ئي توهان جو مددگار آهي ، بيشڪ خدا اڪيلو آهي پر هزارن جو پالڻهار آهي، هزارن جو ٻڌندڙ آهي ، هزارن کي سنڀاليندڙ آهي، بيشڪ خدا هڪ آهي سندس جوڪو به شريڪ ناهي.