اَڄُ ملينديَس مَاءِ , ڌَاڄَا ڪَنديَس ڪَپڙا جيجان جوڳياڻي ٿيان , مون جَهلَ مَ پاءِ هوتَ ٻَروچَي لاءِ , ڪَنَين ڪُنَرَ پائيان. ملينديس = صاف ڪنديس, ڪپڙي کي رنڱڻ کان اڳ ڌوئي صاف ڪبو آهي ماءِ = امان, امڙ, جيجل ڌاڄا = گيڙوءَ رتا, گيڙو رنگ جا, موڱا جهل = روڪ مَ = نه هوتَ = پنهون ,ور, ڪانڌ, مڙس ڪَنَين = ڪنن ۾ ڪُنَرَ = ڪُنڍَلَ ,والا, شيشي يا ڪاٺ جا والا جيڪي جوڳي ڪنن ۾ پائيندا آهن. * او جيجل امڙ اڄ مان پنهنجي ڪپڙن کي ڌوئي صاف ڪري پوءِ انهن کي گيڙو رنگ ڏينديس. * او جيجل ماءُ مون کي نه روڪجان مان پنهنجي پنهل کي جوڳياڻي ٿي ڳولينديس. * جوڳين وارو لباس اوڍي ڪنن ۾ جوڳين ۽ سنياسين وارا والا, ڪنڍل پائي پنهنجي پنهل کي ڳولينديس. جوڳي ٿي محبوب کي ڳولڻ وارو concept آڳاٽو آهي ۽ اڃان تائين هلندو اچي ٿو. جوڳي ملڪ ملڪ, شهر شهر, وستي وستي, واهڻ واهڻ هر گهر ۽ هر در تي سينَ هڻن ٿا. مظفر منگي جي وال تان ورتل