اسلام و عليڪم دوستو جيئن ته اميد آهي سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا دوستو هڪ مسئلي جو حل ته ٻڌائجو... مسئلو اهو آهي ته جڏهن مان پلي اٽ ڊاٽ پي ڪي تان ڪا وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيندو آهيان ته آئي ڊي ايم هي مسئلو ڪندو آهي جيڪو هن اسڪرين شاٽ ۾ آهي
پلي اٽ ڊاٽ پي ڪي تي موجود اڪثر لِنڪس (لاڳاپا) يوٽيوب جا آهن، ۽ توهان کي خبر هوندي ته گذريل ڏيڍ سال کان يوٽيوب جي سروس پاڪستان ۾ بند ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن توهان کي وڊيو گانا يوٽيوب تان ڊائونلوڊ ڪرڻا آهن ته پو ادا فاروق سومرو جو هِي موضوع پڙهو. اگر ڳالهه سمجهه نه اچي ته پُڇي وٺجوس (فاروق سومرو کان )
ان لا هيٺ ڏنل طريقو ڏسي ان تي عمل ڪندي سيٽنگ ڪر پو مسئلو نه ڪندو. سڀ کان پهرين آئي ڊي ايم جو هوم پيچ کولي پو آپشن تي ڪلڪ ڪريو پو هن مطابق ڪندا رهو. پو ڪيز کي ڪلڪ بعد هي ونڊوز کولندي پو هن مطابق ٽڪ ڪريو پو اوڪي تي ڪلڪ ڪريو. هاڻي ڪابه ويڊيو پلي ڪري پو اها آٽوميٽڪ ڊائونلوڊ جو آپشن ڏيندي.
اسان سائين فاروق جي آسري تي هلي آءِ ڊي ايم بغير جهنجهٽ وارو انسٽال ڪيوسين پر اُهو ته اسان وٽ هلي ئي نه ٿو.