جيئن هزارين فارورڊ ٿيندڙ ٻيا ايس ايم ايس ڦِري سِري پيا موبائل ان باڪس جو حِصو ٿيندا آهن تيئن هڪ اهو به آهي ته فلاڻي مُلڪ ۾ بجلي هيتري سستي، فلاڻي مُلڪ ۾ فِري. فلاڻي مُلڪ ۾ ته بجلي استعمال ڪرڻ تي پئسا ملندا وغيره وغيره. . . .جڏهن ته انهي ۾ ڪا حقيقت ناهي. تُرڪي جهڙي مُلڪ ۾ گهريلو صارفين لاءِ بجلي ڏاڍي مهانگي آهي جڏهن ته هتي بجلي پاڻ ٺاهين ٿا ۽ ٻين مُلڪن کي به کپائن ٿا. چائنه، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو بجلي مُفت آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن ناهي. هُتي ته رهندو پري پيڊ ميٽر آهن جيئن پاڻ وٽ فون ۾ بئلنس پهريان لڳائي ڳالهايو پوءِ. ايئن ئي وري اظهار جي آزادي لاءِ به مغالطن ڀريا حوال ٻُڌڻ لاءِ ملن ٿا. پر تازودُنيا جي وڏن جمهوري مُلڪن مان هڪ جمهوري مُلڪ چائنا جي ماڻهن سان اڌ کان وڌيڪ ڀريل جهاز ملائيشيا کان چائنا ويندي گُم ٿيو ۽ ملائيشيا وارن حقيقتن تان پردو کڻڻ ۾ دير ڪئي ته چائنا ۾ خوب احتجاج ٿيو. ٻُڌڻ ۾ آيو ته چائنا ۾ ڪو به احتجاج يا ڌرڻو هڻڻ تي مُڪمل پابندي آهي (اهي ميسيج الائي ڇو فارورڊ نه ٿا ٿين) تنهنڪري عوام اهڙا موقعا ڏِسي خوب باهه ڪڍي ٿي. پر ذِڪر جڏهن سنڌ ۽ انهيءَ جي وڏي توڙي پُراڻي ۾ پُراڻي يونيورسٽي جو نِڪري ٿو ته هتي جيترا احتجاج ڌرڻا ۽ چڪريون ٿين ٿيون ته انهيءَ مان اهو ٿو لڳي ڄڻ اهو انهيءَ ڪم جو مرڪز آهي. ڀلي کڻي اهي احتجاج تحرير اسڪوائر جا نتيجا نه ڏيئي سگهيا هُجن پر مادرعلمي کي تحرير اسڪوائر جو ڏيک ڏيڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو قديم ۽ عظيم سنڌ جي نالي تي جُڙيل هن يونيورسٽي تي بند يونيورسٽي جو نالو پئجي ويو. ڪُجهه ڏينهن پهرين هڪ دوست (سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد) ڳالهه ڪئي ته شاگردن ۽ استادن جي مُسلسل احتجاجن کان پوءِ هي سيميسٽر فورسز ۾ آيل وڏي پيماني تي تبديلي جي ڪري بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي هليو آهي. استاد توڙي شاگرد پريشان هوندا آهن ته اڳي ئي ٿر جي ڏُڪار سٽيل ٻارن جيان سُڪي سڙي سنهي ٿي ويل سيميسٽر جي مُدي کي ويتر ڊسٽرب ڪري اهڙي حالت ڪئي ويندي هئي جو محدود ڪلاسز ۾ ايترو ڪورس ڪرائڻ به مسئلو هوندو هو جو انهيءَ مان رُڳو پنج سوال حل ڪرڻ لاءِ سواليه پرچو ئي ٺهي سگهي. استاد اڳواٽ ئي اهڙي پلاننگ ڪندا آهن ته جيئن وقت سر ڪُجهه ڪورس سُري پئي ته جيئن خدانه خواسته اچانڪ يونيورسٽي بند ٿئي ته امتحان وٺي سگهڻ جيترو ڪم ٿيل هُجي. پر هن دفعي وقت کان اڳ نه رُڳو ڪورس پورو آهي پر ٻيون سرگرميون (جهڙوڪر سائنس سبجيڪٽس جا پرئڪٽيڪل وغيره) به سُٺي نموني ٿيا آهن. . . . اهي احوال هُن مون کي رات جي ماني کائي واڪ ڪندي ميسيج تي پئي ڏنا. پُڇيومانس ايئن موبائل کڻي ٻاهر ٿو هلين ڇا ڊپ نه اٿئي ته موبائل ڦُرجي ويندي (اهو ويل سڄي سنڌ جيان ڄامشوري ۾ به آهي ته يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پڻ). چئي نه هاڻ انهي حوالي سان به امن آهي۽ ڪافي ٺاپر آئي آهي. هي سڀ لکندي ڪيئي دفعا ڪامريڊن جي اڳواڻن سان ٿيل بحث مُباحثا به ياد اچن پيا جن ۾ سندن مؤقف هوندو هو/ آهي ته ڇا ظُلم خلاف آواز اُٿارڻ ڏوهه آهي؟ ڇا اسان پنهنجي جائز حقن جي ڳالهه به نه ڪريون؟ آخر اهو ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته هر بد امني يا هر ڦُر ڌاڙي جو ذميدار سياسي پارٽي سا لاڳاپيل ڪارڪن ئي ڪن ٿا؟ ۽ ها جيڪڏهن سُڀاڻي ڌارين جو ڪو حملو ٿيو ته اوهان ”عام“ ماڻهو سڀ ٻِرن ۾ لڪل هوندؤ اوهان جو تحفظ وري به اهي سنڌ جا ارڏا جوان ڪندا جن کي هن وقت اوهان بد امني ۽ ڌاڙن جو باعث سمجهو ٿا. اسان جو ساٿ ڏيو اسان جي هٿ ۾ هٿ ملايو ته ڏاڍن کي ڏاري وِجهون. ٺلهي تنقيد سؤلي آهي پر عمل ڏُکيو آهي. مڃون ٿا اسان ۾ چار ڍِلا ته ٻه ڪِنا به هوندا پر ڇا ڪريون؟ اسان وٽ اهي آهن جيڪي اسان جي طاقت آهن. اسان جي نظرئي ۾ اهو ناهي ته تعليمي بائڪاٽ ڪجن. ڦُرون ڌاڙا هڻي تنظيم جا خرچ ڪڍجن. اسان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ٿا جيئون ۽ مرون ته پوءِ ڪيئن چاهينداسين ته سنڌ ۾ تعليم نه هُجي؟ سنڌ ۾ بد امني هُجي. . . . . .۽ آخرڪار اهڙين ڳالهين جو انت دُنيا جي مشهور شاگرد سياست جا حوالا ۽ انهن جي بُنياد تي يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست جا جواز ۽ انهيءَ کي صحت مند سرگرمي قرار ڏيڻ. . . . آئون تڏهن به چوندو هئس ۽ اڄ به اهو مؤقف اٿم ته انهن تنظيمن کان سُڄاڻ ڌُرين توڙي ”عام“ شاگرد کي جيڪي شِڪايتون آهن اُهي سندن هاڻوڪن توڙي گُذري ويل وڏن کي به هُيون. ڇو ته ڳالهه آهي پاڻ مڃائي اعتماد بحال ڪرڻ جيڪا رياست جي حُڪمراني ڪندڙ نه ڪئي آهي ته افسوس سان شاگرد تنظيم جي قيادت به نه ڪئي آهي. گهڻي ڀاڱي ڌڙا بظاهر نظرياتي پر اصل ۾ ليڊري جي شؤق ۾ ٺهيل آهن جيڪو اسان سنڌين جو ناسور بڻيل مرض آهي. هڪ تنظيم ڌرڻو هنيو ته ڪنهن مزار جهڙو ڏيک ڏيندڙ سنڌي يونيورسٽي جي هاسٽل گيٽ تي لڳل جهنڊن جي مالڪي ڪندڙ هر پارٽي اهو شؤق پورو ڪندي. اهڙين سرگرمين مان گهڻين جي بُنياد نتيجن بجاءِ ضد ۽ ڏيکا جي حد تائين هوندو آهي. ڀلي کڻي اهي سرگرميون سنڌ دوستي ۽ دور انديشي سان جوڙيون وڃن پر جيڪا حقيقت آهي ۽ مُشاهدو آهي انهيءَ کان پوءِ مون جهڙا واتوڙا ”عام شاگرد“ اهو پُڇڻ تي مجبور ٿين ٿا ته؛ هڪ پاسي سنڌ سنڌ جو نعرو آهي ۽ سِر ڏيڻ جي ڳالهه ته ٻي پاسي وري شاگرد (جِن کي عام شاگرد به چيو وڃي ٿو) اهو به پيا چون ته گُذريل ڪُجهه مهينن کان ٿيل سختي سان کڻي سنڌ دوستي جي سرگرمين تي منفي اثر پيا آهن پر وڏي وقت کان پوءِ هي سيميسٽر بنا ڪنهن بائڪاٽ ۽ ڌرڻي جي هليو آهي. ڪو نه مڃي ته نه مڃي پر شاگرد سياست مان ڪُجهه ڍِلا (جن جي ڪردار کي قيادت پاڻ به تسليم ڪري ٿي) ۽ ٻيا اهڙين ڳالهين جو فائدو وٺندي مادرِعلمي جي نظام جو ٻيڙو ضرور ٻوڙين ٿا. جيڪڏهن ايئن به آهي ته اهڙين حرڪتن پُٺيان شاگرد سياست جو سڌو واسطو يا هٿ ناهي هوندو ته به اڻ شِڌي طرح ڪارڻ اهي ئي آهن. ڇو ته جڏهن به هنن تي سختي ٿي آهي ته امن مان ٿيو آهي. انهيءَ جو مطلب ته هو پاڻ ڪُجهه غلط نه به پيا ڪن پر سندن مُحرڪ هُجڻ جو ڪو ٻيو فائدو وٺي نُقصان ڏيئي رهيو آهي. اهڙي ۾ خبر ناهي ته سنڌي دوستي واريون اهي سرگرميون ڪيتريون مُفيد آهن جن لاءِ بنا رُڪاوٽ جي پڙهائي هلڻ تي سمجهوتو ڪجي. جيڪڏهن ڪو به فرد انهيءَ جي سمجهه ۾ ايندڙوضاحت ڪري ته خبر پئي. سوال هي آهي ته ڇا اهي سرگرميون بِنا رُڪاوٽ هلندڙ تعليمي ماحول تي سمجهوتو ڪرڻ جهڙيون آهن؟؟؟؟؟ يا انهن جو محور تبديل ڪجي ۽ هنڌ ڪو ٻيو چونڊجي.