عبدالحئي چاچڙ

'تعارف' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    نالو: عبدالحئي چاچڙ
    ولد:پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ولد مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
    شاگرد انٽر ڪلاس پري انجنئرنگ
    گهوٽڪي شريف انور آباد چاچڙ محلا نزد سردار علي محمد خان مهر پارڪ گهوٽڪي.
    سنه 2011 کان ادب سان چاھ آهي.
    ذاتي لائبريري گهوٽڪي
    هن وقت مان حضرت علامه مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جون علمي،ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي هڪ جامع ڪتاب لکي رهيو آهي.
    حياتي رهي ته مان هيٺين ڪتابن تي ڪم ڪندس.
    (1) مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جون علمي.ادبي ۽ صحافتي خدمتون)جيڪو عنقريب ڇپجي ويندو(
    (2) مولانا غلامه غلام مصطفيٰ قاسمي مان انهن مضمونن کي ترتيب ڏيندس جيڪي شريعت پاران ٻه قاسمي نمبر ڪڍيا هئا.
    (3) سنڌ جي عالمن جي سونهري سوانح حيات هن تي اڌ ڪم ٿيل آهي.
    (4) مقالات مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ ٻه جلد ۾
    (5) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي ڪتابن لکندس اهو تقريبن 100 صفحا ٿيندو.
    (6) تاريخ گهوٽڪي(عالمن،اديبن،تاريخي جاين تي وغيره )
    (7) بابا سائين تي هڪ جامع ڪتاب (ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ) ترتيب ڏيندس.
    دوستو دعا ڪجو ته منهنجي انجنئرنگ ۾ سليڪشن ٿي وڃي ان کان بعد انشا الله هي ڪتاب ترتيب ڏيندس.
    احقر عبدالحئي چاچڙ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    الله تعالى توهان جي تمنائن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائي.

    دوست ! همٿ نه هارجو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سدا خوش هجو اوهان جو تعلق سنڌ جي هڪ علمي خاندان سان آهي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ آرٽس ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ذڪر ڪيو هو ته هڪ دفعي شريعت ڪورٽ ڪوٽا سسٽم کي غلط قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ... شايد ضياء الحق جو دور هو. ڊاڪٽر سليمان چيو ته مان ڪورٽ خلاف لکي ڪونه پئي سگهيم سو سنڌ جي عالمن جي نالي هڪ چٺي اخبار ۾ لکيم .... بس پوء ته مفتي عبدالوهاب چاچڙ ۽ شايد امروٽي صاحب جي فرزند سان گڏ ڪجهه ٻين عالمن به منهنجي پڇا ڪري اچي ڪراچي پهتا ۽ چين ته اوهان جي خط اسان جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. سراج الحق ميمڻ سان مشورا ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن ئي سنڌ جي هنن محسن عالمن اهڙا ته شرعي دليل ڏيندي ڪوٽا سسٽم کي صحيح ثابت ڪيو جو ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ملي ويو ... جيڪو اڃان به لاڳو آهي.

    ان ڏينهن کان پوء منهنجي مفتي صاحب سان ملڻ جي خواهش وڌي وئي آهي.

    اوهان جا علمي ۽ علمي شخصيتن بابت ليک سنڌ سلامت جي زينت بڻبا رهيا آهن. ان لاء ٿورائتا آهيون. جيڪڏهن اسان جي سستي ۽ ڪاهلي سبب ڪا موٽ نه به ملي ته اوهان پنهنجو سلسلو جاري رکجو. ڇو ته اهي علمي ليک گوگل سرچ ايبل هجڻ ڪري سنڌ سلامت ذريعي وقت سر سنڌي ماڻهن جي تحقيق ۾ مدد ڪندا رهن ٿا.
     
  4. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ادا منهنجي دعا آهي اوهان پنهنجي آبائي اجدادي علمي ورثي کي سانڌيڊي پنهنجا جوهر ۽ گوهر ضرور ڏيکاريندين
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا ڀلي ڪري آيا...
     
  6. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ادا ڀلي ڪري آيا..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو